سيد
غلام مرتضيٰ شاهه [ ولادت 1322 هه = 1904ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

نئين سنڌ لاءِ جدوجهد (1950ع سياس) ، مسلم ليگ جي مخالفت
ڇو؟ (1953، سياست)، پيغام لطيف (1954ع، لطيفيات)، موجوده سنڌ جا سياسي مسئلا
(1956ع، سياست)، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي (1958ع، سياست)، جيئن ڏٺو آه مون
(1958ع، مذهبيات)، رهاڻ (1965ع، خط)، جب گذاريم جن سين (ٻه ڀاڱا ، 1967ع، شخصيات)،
جديد سياست جا نورتن (1967ع، شخصيات)، شهيدان سنڌ (1967ع، شاعري)، شاه جون وايون ۽
ڪافيون (1968ع ؛ لطيفات)؛ سنڌ ڪلچر (1972ع؛ علم ادب ۽ سياست) ۽ ”پاڪستان ۾ زبان جو
مسئلو ۽ سنڌي زبان“ (1974ع ؛ سياست).
سيد صاحب؛ نهايت خوش خلق خنده پيشاني رکندڙ؛ دل جو
ڪشادو؛ باوقار عوام جو هڏ ڏوکي مرد مجاهد آهي. سندس طرز - گفتگو اميراڻي ؛ دل
فقيراڻي ۽ قول ۽ فعل مدبرانه اٿس. حافظي جو نيز ۽ وڏيءَ هلنديءَ وارو آهي. ”تحريڪ
آزاديءَ“ ۾ سندس ڏنل قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. جوانيءَ ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي
به فائز رهيو آهي. سنڌين کي سندن ذات تي فخر آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا