حافظ ميان محمد صديق رح [1827ع – 1890ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
عمدة العلماءُ، حافظ ميان محمد صديق ولد عبدالله پنهور،
18 محرم الحرام 1243 هه مطابق 22 جون 1827ع تي، ضلعي سکر ڳوٺ ”ڀرچنڊي شريف“ تولد
ٿيو وڏو عابد، با شريعت عالم ۽ زاهد الزمان بزرگ هو. اسلام جي برتري ۽ فضيلت سندس
مکيه متو هو. خدا شناسي ۽ بزرگي ديسان ديس مشهور هئي. قادري طريقي سان منسلڪ
رهندي، هزارين انسانن کي فيضياب ڪيائين. مخدوم احمد يار خان مهر، مولانا سيد تاج
محمود امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح جهڙا
جيد عالم، بزرگ شاعر ۽ صاحب - فيض به سندس دروازي جا پانڌيئڙا هئا. هي قديم وضع
بزرگ، ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾، تاريخ 21 رمضان المبارڪ 1308 هه مطابق 14 آگسٽ 1890ع
تي هن دارالفانيءَ مان دارالباقيءَ ڏانهن راهي ٿيو. سندس آخري آرامگاه ڀرچنڊي شريف
ٿيو. هن بزرگ کي حنفي فقہ ۾ تمام وڏو درڪ ۽
ملڪو حاصل هو، جو سوين مسئلا حنفي مذهبي جي قانون کي سامهون رکي، پنهنجي اجتهاد
سان حل ڪندو هو ۽ ان وقت جا علماءَ سڳورا سندس فتويٰ اڳيان بنا ڪنهن چون و چرا جي
گردن خم ڪندا رهندا هئا. سندس فتوائون ايتريون ته جاري ٿينديون هيون، جو انهن کي
سندس شاگرد گڏ ڪندا رهيا، تان جو ٽن وڏن جلدن ۾ جمع ٿي ويون.
No comments:
راءِ ڏيندا