; سنڌي شخصيتون: خانبهادر حسن علي آفندي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 October, 2011

خانبهادر حسن علي آفندي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خانبهادر حسن علي آفندي [1830ع – 1896ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

خانبهادر حسن علي آفندي ولد ميان محمد احسان آخوند، 14 ربيع الاولد 1246 هه مطابق 7 آگسٽ 1830ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ ئي پدري شفقت کان محروم ٿيو؛ جنهن ڪري وڏي ڀاءُ، اميد عليءَ جي هٿ هيٺ تعليم پرائڻ لڳو. ان وقت جي رواج مطابق، پهريائين شهر جي کتابخاني مان قرآن پاڪ ناظران سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ جو درس به ورتائين.
 
پاڻ ڀري ٿيڻ سان، روزگار جي تلاش ۾ سرگردان رهيو، آخر جهرڪن جي ڀرسان، ويهن روپين جي پگهار سان راڄي نظاماڻيءَ ۾، هڪ زميندار وٽ منشي مقرر ٿيو. ستت ئي کيس نوشهري فيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي دفتر ۾ سرڪاري ملازمت به ملي ويئي. هوڏانهن سندس وڏي ڀاءُ کي، اها اڻ تڻ هئي، ته ڪيئن به ڪري حسن عليءَ کي انگريزي پڙهائجي، ته جيئن سندس مرتبو وڌي. پاڻ اڃا انهيءَ شش و پنج ۾ هو، ته هڪ عيسائي دوست وٽ ڪهي آيو؛ جنهن جي رفات سان، ڀاءُ کي انگريزي تعليم ڏيارڻ جو مونجهارو به حل ڪيائين.
خدا مالڪ آهي، جنهن کي چڱو گهري، ته سندس سڀ سعيا ستت ئي ساب پون ٿا. هينئر حسن علي به انگريزي ٻوليءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪري ورتي، پوءِ ته ڪنهن اعليٰ عهدي لاءِ، پهريائين ڪوٽڙيءَ ۾ آگبوٽن واري آفيس ۾ ڪلارڪ ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي ضلعي ڪورٽ ۾ سرشتيدار ۽ ترجمان مقرر ٿيو. ڪورٽ جي ڪار گذارين ۾، ڏينهون ڏينهن سندس ڏيٺ ويٺ وڌي ؛ جنهنڪري ڪيترن ئي وڪيلن ۽ ججن سان واقفيت وڌيس. ساڳئي وقت روزانو وڪيلن جي تقريرن ٻڌڻ سان قانون جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو کيس شوق جاڳيو. پوءِ ته پنهنجي خداداد لياقت ذريعي، هوشياريءَ اورچائيءَ ۽ حاضر جوابيءَ سان ڪافي ڪجهه پرائي ورتائين. ان وقت جو وڏو جج، مسٽر مڊلٽن، سندس هوشياريءَ کان خوب متاثر ٿيو. جنهن سواءِ امتحان ڪرڻ جي، کيس ”وڪالت“ ڪرڻ جو اجازت نامون ڏنس.
وڪالت جي سند (Degree) ملڻ سان، حسن عليءَ پهريائين حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي. ان مان وڏو ناماچار ڪڍيائين. ان وقت جي سرڪار سندس اورچائيءَ، ذهانت ۽ هوشياريءَ سببان، کيس ”سرڪاري وڪيل“ بڻائي، ڪراچيءَ آندو ويو، جنهن عهدي تي لڳاتار چوڏهن سال رهي، پنهنجي قابليت جا جوهر جرڪايائين. 1881ع ۾ ڪراچي ميونسپل جو ڪائونسلر ٿيو – 1891ع ۾ سنڌ جي زميندارن پاران بمبئيءَ ڪائونسل ۾ نمائندو به مقرر ٿيو.
حسن علي، مسلمانن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. پاڻ مسلمانن کي تعليمي، اقتصادي، توڙي سماجي لحاظ کان پوئتي ڏسي نه پئي سگهيو. سوچيائين، ته انگريزي تعليم کان سواءِ مسلمان هرگز ترقي ڪري نه سگهندا. اهو ئي سبب هو، جو پاڻ اڳ ۾ ٿي، 16 مارچ 1884ع تي ”مجمع محمدي“ نالي 63 ميمبرن تي مشتمل هڪ تعليمي جماعت قائم ڪيائين، ان جماعت تحت مسلمانن جي مالي مدد ڪري، کين انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ خوب همتائڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو جو سندس سموريون ڪوششون مسلمانن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيون ۽ مسلمان ترقيءَ ڏانهن تيزي سان گامزن ٿيڻ لڳا.
افسوس حياتيءَ کيس مهلت نه ڏني، جنهن ڪري هي قومي درد رکندڙ انسان، 21 شوال 1314 هه مطابق 20 نومبر 1896ع تي گذري ڪري ويو. سندس وفات تي هزارين مسلمانن ڏک جو اظهار ڪيو. هينئر حيدرآباد جي سرزمين ۾، حسن علي آفندي، ابدي ننڊ ۾ ستل آهي .
آفندي، هڪ کلمک ۽ هر دلعزيز انسان هو. هميشہ وٽس امير خواه غريب لاءِ دل جا دروازا کليل هئا. سندس رازدان ۽ ٻانهن ٻيلي ساٿي، مولوي الله بخش ”اٻوجهو“ (وفات 1901ع) ۽ شمس الدين ”بلبل“ (وفات 1919ع) هئا. صوم صلوات جو بالڪل پابند هو، ايتري قدر جو سفر دوران وضوءَ لاءِ ڪوئنرو ۽ قبله سڃاڻن لاءِ قطب نما به ساڻ هوندو هوس. صوفي منش به هڪڙو ئي هو. مطلب ته، آفندي مرحوم اميراڻي لباس ۾ فقير دل مومن هو. سندس ياد ۾ عوام لاءِ ڪافي سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي سوسائٽيون قائم ڪيل آهن.
(1)– ”آفندي“، ترڪي زبان جو لفظ آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ”عزت وارو يا تعظيم وارو“– 1887ع ۾ جڏهن ترڪيءَ ۽ روس جي وچ ۾ لڳل جنگ دوران حسن عليءَ، ترڪ مسلمان سپاهين جي هڙئون توڙي قائم ڪيل جماعت (مجمع محمدي) طرفان وڏي مدد ڪئي. انهيءَ خدمت عيوض ترڪيءَ جو سلطان کيس تغمي سان گڏ ”آفندي“ جو خطاب به ڏنو هو ، جيڪو پوءِ سندس نالي جو حصو بڻجي ويو. اهڙيءَ طرح انگريز حاڪمن به سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي، ”خانبهادر“ جو لقب ڏئي ڇڏيو هو.س [”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا“ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، (قلمي نسخو) 1980ع، صفحو 373].
(1)– حيدرآباد ۾ آخوندن جو هي قديم قبيلو آهي؛ جنهن جو پريو مڙس، وقت جو وڏو عالم ۽ فاضل آخوند محمد بقا ولد ميان لعل محمد هو،جيڪو مير فتح علي خان جي ڏينهن ۾ حيدرآباد جو ”قاضي“ هو. آخوند ميان محمد احسان پڻ هڪ نيڪ نيت، خدا رسيدو ۽ باشريعت عالم هو. مير صاحبن وٽ وڏي هلندي هيس. کانئس پينشن جيان پڇاڙي تائين لوازمو ملندو هو. پاڻ آخوند محمد بقا جي قريبي لڇ مان هو؛ اهو ئي سبب آهي؛ جو هي گهراڻو ”آخوند محمد بقا جي آڪهه“سڏبو اچي ٿو.
(1)– ان زماني ۾، مسلمان وڪيل ڪونه هوندا هئا، ۽ مسلمانن جا اڪثر مقدمه هندو (ڏيارام ڄيٺل ۽ اڌارام مولچند) ۽ عيسائي (مسٽر پاٽا ۽ مسٽر داڪيل) وڪيل کڻندا هئا. حسن عليءَ جو وڪات ۾ پير پائڻ سان، مسلمانن کي وڏي آساني ٿي پئي.
(1) – سندس ڪم کان خوش ٿي، تڏهوڪي سرڪار کيس ”سمال ڪازز ڪورٽ“ (Small Causes Court) جو ”جج“ ٿيڻ جي آڇ ڪئي، مگر اها آڇ ٿڏي ڇڏيائين. ويتر وڌل سرڪاري ڳٽ به ڳچيءَ مان ڪڍي، آزاد زندگي بسر ڪرڻ لڳو.
(2)– انهيءَ سلسلي ۾ بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ لڳ پلاٽ وٺي، پهرين سيپٽمبر 1885ع تي قائم ڪيائين، پر پوءِ مسلمانن وڌندڙ چاهه ڏسي، 1887ع ۾ ميونسپالٽيءَ کان هڪ ٻيو وڏو پلاٽ خريد ڪري، موجوده جاءِ تي ”سنڌ مدرسة الاسلام“ نالي شاندار عمارت 1890ع ۾ جوڙائي، تعليم کي عام ڪيائين.
(1) – وفات وقت ڪراچيءَ جي مسلمانن جي اها مرضي هئي، ته کيس ”سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ“ جي احاطي ۾ جاءِ ڏني وڃي، مگر مرحوم جي وصيت (خواهش) کي اوليت ڏيندي، کيس حيدرآباد ۾ ”حسن علي آفندي باغ“ ۾ دفنايو ويو، جتي ”قصر آفندي“ به واقع آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا