; سنڌي شخصيتون: آپا شمس عباسي - غلام حسين خاصخيلي

01 November, 2011

آپا شمس عباسي - غلام حسين خاصخيلي


آپا شمس عباسي
 غلام حسين خاصخيلي
سنڌ، اها ڌرتي آهي، جنهن املهه ماڻڪن جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. انهن املهه ماڻڪن ۽ هيرن جھڙين شخصيتن ۾، آپا شمس عباسي به لازمي شامل آهي. جنھن تعليم جي حوالي سان، ڌرتيءَ جي تمام وڏي خدمت ڪئي. اهڙيون مهان شخصيتون، ڌرتيءَ تي ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺنديون آهن. سندن خدمت تي هر ماڻهو کين سلام پيش ڪري ٿو ۽ سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي

آپا، تعليم لاءِ رات ڏينهن جدوجهد ڪندي رهي. هر والدين کي اهو چوندي هئي ته؛ “پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو. جنهن گهر جي نياڻي پڙهيل آهي، سمجهو ته پورو خاندان پڙهيل آهي. نياڻي اڄ مائٽن جي گهر ۾ آهي، سڀاڻي ساهرن ڏي ويندي. جيڪڏهن نياڻي پڙهيل لکيل هوندي ته اها پنهنجي نئين گهر کي بهتر نموني سان هلائي سگهندي ۽ پنهنجي اولاد جي سٺي نموني سان تربيت ڪندي.”
نياڻين جي پڙهائڻ واسطي، پاڻ اسڪول به قائم ڪيائين. انهن اسڪولن ۾ جيڪڏهن ڪا غريب نياڻي، پڙهڻ لاءِ ايندي هئي ته پاڻ ان کي خوش آمديد چوندي هئي ته؛ “جيڪڏهن فيس نه آهي ته اسان توهان جي فيس ادا ڪري ڇڏينداسين. پر توهان اسڪول ۾ علم حاصل ڪرڻ لاءِ اچو.”
سندس، ھر انٽرويو ۾ پوري ملڪ جي عوام لاءِ اهو ئي پيغام هوندو هو ته؛ “پنهنجين نياڻين کي تعليم ڏياريو.”
آپا شمس عباسي، پهرين جنوري ۱۹۲۴ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ ۽ بي اي، بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪيائين. سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به حاصل ڪيائين.
سال ۱۹۴۴ع ۾ اسڪول جي ماسترياڻي جي حيثيت ۾ نوڪري شروع ڪيائين. سال ۱۹۴۷ع ۾ مدرسة البنات ۾ به ماسترياڻي جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. جڏهن ته ۱۹۴۸ع کان، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول هيرآباد ۾ هيڊ ماسترياڻيءَ جي حيثيت سان پنهنجي خدمت، ۱۹۵۵ع تائين سرانجام ڏنائين. کيس ۱۹۵۵ع کان گورنمينٽ ڪاليج ۾ پرنسپال جي اضافي چارج به ڏني وئي ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۳ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز جون ذميواريون نڀائيندي رهي. سال ۱۹۸۴ع ڌاري ڊائريڪٽر ايجوڪيشن طور خدمت ڪيائين.
سال 1983ع ڌاري، ميميوريل سوسائٽي به قائم ڪيائين. سوسائٽيءَ وسيلي ڪيترا ئي پروگرام ڪرايائين. پنهنجي زندگيءَ جو سمورو سفر جدوجهد ۾ گذاريائين. آخري گهڙي تائين به تعليم جي ميدان ۾ جاکوڙ جاري رکيائين. تعليم جي ڏيئي کي وڌيڪ روشن ڪرڻ لاءِ، ٻه خانگي اسڪول، عقيل برائٽ ڪڊس جي نالي سان قائم ڪيائين. منجهن تعليم سان گڏ ٻارن کي خوش رکڻ لاءِ تفريحي پروگرام به ڪرائيندي هئي.
سنڌ اندر، عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ، عملي جدوجهد ڪندي، وقت جي حڪومت سان لکپڙهه ڪرڻ سان گڏوگڏ تقريبون ۽ سيمينار به ڪرايائين. عوامي حقن جي جدوجهد ۽ تعليم جو ڏيئو گهر گهر روشن ڪرڻ تي کيس ۲۰۰ کان وڌيڪ ايوارڊ به مليا. سندس اهڙي جدوجهد کي ساراهيندي، کيس عالمي سطح تي به اعزاز مليا. سندس اهڙي جاکوڙ کي ڏسي، ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي نياڻين کي تعيلم ڏيارڻ لاءِ اسڪولن ۾ داخل ڪريو ۽ حيدرآباد جي مختلف گهراڻن جي عورتن سندس ساٿ ۾ ساٿ ڏيندي، علم جي ڏيئي کي وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيو.
ڪاليج جي شاگردياڻين کي، تقريري مقابلا ڪرائيندي هئي. جيڪا شاگردياڻي، مقابلي ۾ پهريون نمبر ايندي هئي، انکي اسڪالرشپ ڏيندي هئي. سندس اهڙي همت افزائيءَ کي ڏسي شاگردياڻين ۾ تقرير ڪرڻ جو وڌيڪ جذبو پيدا ٿيندو هو. اھي اڪثر تقريري مقابلي ۾ انعام کٽنديون هيون.
آپا، روبينه قريشيءَ کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وٺي آئي، جتي ان جو آڊيشن ٿيو. پاس ٿي وئي ۽ هينئر پاڪستان جي مشهور فنڪاره آهي. ائين، مشهور تعليمي ماهر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪمپيئر مهتاب اڪبر راشديءَ کي به ريڊيو پاڪستان تي آندائين. انھن ٻنھي سميت، سندس ڪيتريون شاگردياڻيون آهن، جيڪي اڄڪلهه وڏن عهدن تي پهتل آهن.
آپا شمس عباسي ملڪ جي نامياري صحافي، اديب، دانشور روزاني عبرت جي باني قاضي عبدالمجيد عابد مرحوم جي ڀيڻ هئي. آپا شمس عباسي ۸۶ سالن جي ڄمار ۾، سال ۲۰۱۰ع ڌاري، اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي.
اڄ نه اوطاقتن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

No comments:

راءِ ڏيندا