; سنڌي شخصيتون: جمن چارڻ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

جمن چارڻ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


جمن چارڻ [1628ع – 1736ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
فقير محمد جمن ولد محمد بخش چارڻ، خيرپور ميرس، تعلقي گمبٽ جي ”کهڙا ڳوٺ“ ۾، غالباً 1038 هه مطابق 1628ع ڌاري، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي صاحبيءَ ۾ ڄائو هو. پاڻ هڪ مسڪين فقير هو. خدا پاڪ سندس اکين جي بينائي ختم ڪري ڇڏي هيس؛ جنهنڪري اڪثر محتاجيءَ جي زندگي بسر ڪندو رهيو. تمام وڏيءَ عمر تائين کيس ڪا به اولاد نه ٿي. دل جي وندر ۽ ورونهن لاءِ شاعري ڪندو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته هڪ لڱا جيئن ئي جمن چارڻ، پيران پير دستگير عبدالقادر جيلاني رح جي شان ۾ مدح جوڙي رهيو هو، ته کيس ارشاد ٿيو، ته: ”اي نابينا! تنهنجي مدح الله تعاليٰ وٽ مقبول ٿي آهي؛ هينئر جيڪي به تون هڪ سوال ڪندين اهو پورو ٿيندو!!“ انهيءَ غيبي آواز سندس دل ۽ دماغ تي گهرو اثر ڪيو. باالاخر سوچي، زبان مان اها التجا ڪيائين، ته: ”سوني ٻانهينءَ سان ننهن، پٽ جهوليءَ ۾ کير ولوڙيندي ڏسان“– خدا پاڪ سندس سوال اگهايو.


فقير جمن، نه صرف مداح جو شاعر هو، بلڪ هڪ سگهڙ به هو. سندس وفات اربع جي رات 14 رجب المرجب 1149 هه مطابق 1736ع تي ٿي آهي. پاڻ پير ڪٽپر جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي. سندس مذڪوره مداح مان ٻه بند نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.
”تون بادشاه بغداد جو، ڪو داد ڪر فرياد جو،
سڻ عرض مون بدزاد جو، تون ڪوٽ ٿي فولاد جو،
پردو رکين اولاد جو، يا پير پيران بادشاهه!
ڪل علم جو ارشاد ڪر، ارشاد جو امداد ڪر،
صالح سندم اولاد ڪر، دشمن قوي ڪل ماد ڪر،
يا پير پاران بادشاه!“
(1)– سنڌ اندر ”چارڻ“ ذات جي فقيرن جا ٻه گهراڻا، هڪڙا دادو ضلعي ۾ ۽ ٻيا سنڌو درياه جي اوڀارين ڪناري (خيرپور ميرس) طرف رهن ٿا، جن جو گذر سفر ”چنگ“ تي آهي. هو چنگ وسيلي، سنڌ جا قديم تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان ڳائي وڄائي، دل گهريو داد حاصل ڪندا آهن.
(1)– شهر کهڙا ۾، کهڙن جي مخدومن جي پاڙي ۾ ”چارڻن جي مسجد“ انهيءَ ڳالهه جي پڌري پٽ ساک ڏئي ٿي، ته يقيناً جمن چارڻ هتان جو هوندو.
(2)– چوڻ ۾ اچي ٿو، ته کيس پوڙهپ ۾ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رکيائين محمد بخش يا احمد بخش، جيڪو سندس حياتيءَ ۾ وڏو ٿيو - شادي ڪيائين ۽ کيس به پٽو ڄائو. ڀاڳ وري اهڙي ڀيڙو ڏنن، جو جهجهي مال متاع وارا بڻجي پيا، پوءِ ته هڪ شاهي محلات جوڙايائين؛ جنهن تي ”سندس ننهن، پوٽس کي هنج جهليو ڏڌ ولوڙي رهي هئي – ته ائين ڪندي سندس اکين ۾ نور جي روشني به اچي ويئي.“

No comments:

راءِ ڏيندا