; سنڌي شخصيتون: استاد سندر داس کيماڻي - سري چند ڪپور

02 November, 2011

استاد سندر داس کيماڻي - سري چند ڪپور


استاد سندر داس کيماڻي
سري چند ڪپور
سنڌ ڌرتيءَ هميشه انسانيت-پسند انسان ۽ دلاور پئي پيدا ڪيا آهن، جن انسانن جي خدمت ۽ رهنمائي پئي ڪئي آهي. انهن انسانيت-پسند شخصيتن کي جدا جدا ڪم، ٻيون ٻيون ذميواريون ۽ مختلف شعبا ورثي ۾ پئي مليا آهن ته جيئن هو انسان ذات جي خدمت ڪري سگهن ۽ انهن اهي خدمتون فرض سمجهي پئي سرانجام ڏنيون آهن. سندن ڪيل خدمتون اڄ به تاريخ ۾ امر آهن. 

سنڌ ڌرتي قابل استاد، سٺا وڪيل، معمر سياستدان، عظيم شاعر، هوشيار اديب، ڀلا دانشور، اچا مفڪر، ذهين قلمڪار، قومي اڳواڻ ۽ ٻيا علم پرور پئي پيدا ڪيا آهن. تاريخ اڳواڻ آهي ته سنڌ ڌرتي شهيد مخدوم بلاول، شهيد دودو سومرو، شهيد صبغت الله راشدي، شهيد هوش محمد شيدي، شهيد هيمون ڪالاڻي ۽ امر شهيد ڀڳت ڪنور رام جهڙا ماڻهو پيدا پئي ڪيا آهن. سنڌ ڌرتي اهڙن بيان ڪيل املهه موتين سان مالا مال آهي. هر دور ۾ اهڙا اڳواڻ ۽ انسان دوست پئي پيدا ٿيا، جن انسانن کي محبت، ڀائيچاري، اخوت، اتحاد ۽ خدمت خلق جو درس پئي ڏنو آهي.
اهڙن انسانن مان ويهين صدي جو خانپور مهر واسي با ڪردار هيرو سرڳواسي استاد سندرداس کيماڻي به هڪ هو. سر سندر داس کيماڻي ۱۶ جولاءِ ۱۹۳۸ع تي مينگهي مل کيماڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. مينگهي مل کي اڳ پٽ جو اولاد نه هو، سو پٽ پيدا ٿيڻ تي بي انتها خوش ٿيو، ڄڻ ته وٽس دنيا جي هر خوشي ميسر ٿي هجي. هن پٽ جي پيدا ٿيڻ تي مينگهي مل، پنهنجي گهر مان غريبن ۽ فقيرن ۾ گهڻو ڪجهه تقسيم ڪيو.
سندرداس ننڍپڻ کان ئي سٻاجهو، سلڇڻو، با ادب ۽ هوشيار ٻار هو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول خانپور مهر ۾ سٺن استادن جي سرپرستي ۾ حاصل ڪئي، جن استادن مان استاد نندرام کيماڻي به قابل ذڪر آهي. سندرداس جي پڙهائيءَ ۾ ڏاڍي دلچسپي ڏسندي، سندس والد اڳتي پڙهائڻ لاءِ کيس پنوعاقل جي ڊي ايل بي گورنمينٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتي هن ميٽرڪ اعليٰ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. جنهن ۾ ڊسٽنڪشن ان ميٿميٽڪس حاصل ڪيائين.
ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ستت، 1953ع ۾ شادي ڪيائين. شادي ڪرڻ بعد، هن پنهنجي تعليم جي رفتار ۾ تيزي آڻيندي ۱۹۵۵ع ۾ انٽر جو امتحان به ڏنو ۽ تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي لاءِ اپلاءِ به ڪيو. سندس قابليت ڏسندي، کيس جي ايس ٽيءَ جي نوڪري ملي وئي ۽ شاگردن کي وڏي شوق سان پڙهائڻ لڳو.
نوڪريءَ دوران به پڙهائيءَ طرف سندس ڏاڍي لڳن هئي ۽ ۱۹۶۴ع ۾ ڊسپينسريءَ جو امتحان لاهور مان پاس ڪيائين ۽ ۱۹۶۵ع ۾ بي اي جو امتحان حيدرآباد مان پاس ڪيائين. ان کان علاوھ پنهنجي تعليمي رفتار به تيز رکيائين. ۱۹۶۷ع ۾ ايم اي فائنل جو امتحان، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان پاس ڪيائين. بي ايڊ جو امتحان ۱۹۶۹ع ۾ پاس ڪيائين. هر امتحان ۾ پوزيشن کڻندو رهندو هو، جيڪي سندس ذهانت ۽ هوشياري جو زندهه ثبوت آهن.
پاڻ اعليٰ مطالعي جو مالڪ هو. رڳو  نصابي ڪورس ۾ نه پر تاريخ، اسلام، ڌرم، سياست ۽ ٻين موضوعن تي سهڻو عبور حاصل هوس. هر موضوع تي بحث ڪرڻ تي سولي نموني سان ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو هو. مذهبي ڪٽر پڻي کان ائين نڪتل هو، جيئن ڪشن چند عزيز، نارائڻ شيام صاحب ۽ پروفيسر رام پنجواڻي صاحب جن مذهبي تعصب پرستيءَ کان دور هئا.
سروس دوران پنوعاقل، گهوٽڪي، مدئجي، ڳڙهي ياسين، سانگي، سکر، ميرپور ماٿيلو، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۾ مستقبل جي معمارن کي لازوال درس ڏئي آخر ۾ پنهنجي جنم ڀومي خانپور مهر مڊل اسڪول ۾ بدلي ٿي آيو. خانپور مهر ۾ بدلي ٿي اچڻ تي، خانپور مهر جا ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سندس پهچڻ سان اسڪول جي ٻي ترقيءَ سان گڏوگڏ هاءِ اسڪول ٿيڻ جي اميد ٿي. سندس وڏين ڪوششن سان مڊل اسڪول خانپور مهر کي هاءِ اسڪول بڻايو ويو، جنهن جو سهرو مٿس سونهي ٿو. پڙهائڻ جو طريقو بلڪل مختلف ۽ محبت ڀريو هئس. سندس ليڪچر ٻڌڻ لاءِ، شاگردن کي ٽائيم جي پرواهه نه هوندي هئي. اھي وڏي شوق سان سندس ليڪچر ٻڌندا هئا.
انجنيئر ڪرشن لال جو چوڻ آھي ته؛ “مون سر سندرداس جي نگراني ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي. ان دور ۾ سر سندرداس جي پڙهائڻ جو طريقو پوري سکر ڊويزن ۾ مشهور هو. سندس نگرانيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد وڪيل، جج، انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿيا آهن.  ان کان علاوھ ڪيترن ئي غريب ٻارڙن کي پڙهائڻ لاءِ پنهنجي گهران خرچ پڻ ڏيندو ھيو.”
شبير احمد مهر جو چوڻ آھي ته؛ “پرائمري تعليم جيئن تيئن پاس ڪرڻ بعد، جڏهن هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس ته منهنجو والد وفات ڪري ويو ۽ غربت سبب آئون تعليم کان پري ٿيڻ لڳس. پر سر سندرداس منهنجو حوصلو وڌايو ۽ پنهنجي گهران فيس ڀريندو رهندو هو ۽ اڄ آئون استاد سندر داس جي دعائن سان سٺي عهدي تي آهيان.”
اها به ڄاڻ ملي آهي ته؛ هڪ مسجد شريف، جيڪا اڄ به هاءِ اسڪول خانپور مهر ۾ موجود آهي، ان جي تعمير لاءِ استاد سندر داس هندو هئڻ باوجود به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ مسجد جو چندو پنهنجي سر پاڻ اوڳاڙيندو هو. اهو سندس انسانيت جو کليل ثبوت آهي. استاد سندر داس کي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ورثي ۾ ملي. سندس آڏو مذهب جا اختلاف، مذهب جون زنجيرون ڪجهه نه هيون. هن اهڙيون سڀ زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون هيون، جيڪي انسانن کي انسانن کان دوري ڪرائيندڙ هيون.
سندس قابليت کي ڏسندي، کيس جي ايس ٽي مان ايڇ ايس ٽي بڻايو ويو. ڪجهه عرصي بعد کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانپور مهر جو فرسٽ اسسٽنٽ جو درجو ڏنو ويو. پوءِ ته استاد جي مٿان وڌيڪ ذميواريون عائد ٿيون. انهيءَ دور ۾ بجلي جو ڪنيڪشن اسڪول کي نه هو. تنهن هوندي به لالٽين جي مدد سان اسڪول جو رڪارڊ ۽ ٻيو ڪم ڪار رات دير تائين ڪندا رهندا هئا.
استاد سندر داس هميشه اسڪول جي ترقي، تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ سدائين سوچن ۾ غلطان هوندو هئو ۽ ائين محسوس ڪندو هئو؛ ڄڻ تعليم ئي سندس زندگيءَ جو مشن هجي. ٻين جي ڀلائي ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. هڪ ڀيري جو سندس هڪ واقعو ٻڌڻ ۾ آيو آھي: استاد سندر داس حيدرآباد کان سکر سفر ڪري رهيا هئا ته خيرپور کان هڪ نوجوان بس ۾ سوار ٿيو. استاد جي ڀرسان خالي پيل سيٽ تي ويٺو ۽ تمام غمگين نظر پئي آيو. استاد سندس حالت ڏسي، کانئس پڇيو ته؛ “اوهان ايترا پريشان ڇو پيا نظر اچو؟” جنهن تي ان ڇوڪري ٻڌايو ته؛ “مان ڊپلوما ڪورس ۾ داخلا وٺڻ لاءِ خيرپور آيو ھئس پر ڪا به سفارش ۽ پئسو نه هئڻ ڪري، مون کي داخلا نه ملي ۽ مايوس ٿي واپس ڳوٺ لاڙڪاڻي وڃي رهيو آهيان.” تنهن تي استاد کيس دلداري ڏيندي چيو ته؛ “آئون اوهان کي خط ڏيان ٿو، جيڪو اوهان کڻي ڪاليج وڃو. اتي منهنجو هڪ شاگرد جيڪو استاد آهي، ان کي ڏيو. اميد ته اوهان جو ڪم ٿي ويندو.” مهينو گذرڻ بعد اهو ڇوڪرو خانپور مهر ۾ آيو ۽ پڇائيندي اچي استاد جي ڪپڙي جي دڪان تي پهتو. جتي سائين سندر داس جو فرزند سچانند مليس. تنهن کي ٻاهران آيل نوجوان چيو ته مان استاد سان ملندس. بعد ۾ استاد کي گهران گهرايو ويو ۽ هي ڇوڪر با ادب نموني سان ساڻس مليو ۽ چيائينس ته؛ مون کي اوهان جي چٺي سان ڊپلوما ڪورس ۾ داخلا ملي وئي آهي، جنهن لاءِ مان اوهان جو نهايت ٿورائتو ۽ احسان مند آهيان.
وڌيڪ اھا به ڄاڻ ملي آهي ته استاد سندر داس ڪيترا ئي نيڪيءَ جا ڪم ۽ ڳجها دان پڃ پڻ ڪيا هئا. هو غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ سدائين اڳڀرو هوندو هو. ان حوالي سان هڪ غريب ميگهواڙ برادريءَ جو شخص اتم چند جو چوڻ آھي ته؛ منهنجي عمر هن وقت ۶۸ سال آهي. منهنجي وڏي ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ مون وٽ ڪجهه به ڪو نه هو. هڪ ڏينهن منجهيو ويٺو هوس ته استاد سندرداس پڇيو؛ “اتما جيءَ اڄ منجهيو منجھيو پيو ڏسڻ ۾ اچين پيو! ڇا ڳالهه آهي؟” تنهن تي مون پنهنجو حال کيس ٻڌايو. استاد ٻڌي چيو؛ “بس! ايتري لاءِ پريشاني! ڪا ڳالهه نه آهي! رب سڻائي ڪندو ۽ تنهنجي ڌيءَ جي شادي، خوشيءَ سان ٿيندي.” پوءِ استاد جي مهربانين سان منهنجي ڌيءَ جي شادي ٿي. ان لاءِ آئون سندس نهايت شڪر گذار آهيان.
تاريخ گواهه آهي ته دنيا اهڙن انسانن جو ذڪر ڪندي آهي، جيڪي خود دار، نيڪ نيت ۽ انسان ذات سان محبت ڪن ٿا. اهڙا ماڻهو حقيقت ۾ امر آهن ۽ امر رهندا. انسان ذات جي خدمت ڪرڻ وارا موتين کان موتي ۽ هيرن کان وڌ بلڪ پارس جي حيثيت رکن ٿا. اهڙا ماڻهو، انسانن جي خدمت کي ئي انسانيت سمجهن ٿا. جيئن گرو نانڪ جن هڪ جاءِ تي چيو آهي؛ “انسان ذات جي شيوا (خدمت) سرڳ (جنت) ڏانهن وڃڻ جو اجازت نامو آهي.”
اڄ هو اسان سان گڏ ته ناهي پر يادگيرين ۾ ڄڻ اسان منجهه آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا