; سنڌي شخصيتون: شمس العلماء علامه دائود پوٽو - ذوالقرنين شاهه

23 November, 2011

شمس العلماء علامه دائود پوٽو - ذوالقرنين شاهه

شمس العلماءُ علامه دائود پوٽو

ذوالقرنين شاهه /ڀٽ شاهه
سنڌ جي وڏي عالم، مدبر، تعليمي ماهر ۽ لطيف شناس علامه عمر بن محمد دائود پوٽي جي ۲۲ نومبر ۲۰۱۱ع جي ۵۳ هين ورسي خاموشيءَ سان گذري ويئي. جڏھن ته سنڌ جي ھن محسن کي، ادبي ۽ سرڪاري ادارن پاران ياد ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ويئي.
سنڌ جي فخر لائق فرزند علامه دائودپوٽي صاحب  مارچ ۱۸۹۴ع ۾ جنم ورتو ۽ ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرام گاهه ڀٽ شاهه تي آهي. هن صاحب ڀٽ شاهه ۾ رهي لطيف سائين جو گنج رسالو نئين سر لکيو، جيڪو ۱۲۰۷ هه ۾ سيد عبدالعظيم دائري جي سيد لکي محفوظ ڪيو هو.

علامه دائود پوٽو پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته؛ “فيبروري ۱۹۵۲ع تي گنج شريف لکڻ لاءِ ڀٽ شاهه پهتو، جتي ان وقت جي سجاده نشين مون کي رهڻ لاءِ هڪ ڪمرو ڏنو. علامه دائود پوٽو صاحب لکي ٿو ته سيد غلام شبير شاهه جي معرفت وڏي اوطاق ۽ تمر فقير جي گاديءَ جي سرواڻ گنج شريف ڪجهه شرطن تي فراهم ڪيو، جيڪي هئا؛
(۱) پٽ تي ويهي ان رسالي جو مطالعو ڪيو ويندو ۽ ڪرسي يا ٽيبل تي ويهي نه.
(۲) گنج کي وڏي اوطاق کان ڪنهن به صورت ۾ ٻاهر نه نيو ويندو ۽ رات ٿيڻ کان پهرين ان کي ساڳي صندوق ۾ بند ڪيو ويندو ۽ ساڳي جاءِ تي نواز فقير اڳيان رکيو ويندو.
علامه صاحب لکي ٿو ته؛ مون سڀ شرط مڃيا. ان بعد گنج شريف مون کي ڏنو ويو. جڏهن هيءُ ڪتاب مون ڏٺو ته گد گد ٿي ويس. ان بعد پنهنجي ڪم کي لڳي ويس.
علامه دائود پوٽو صاحب لکي ٿو ته؛ ٺيڪ انهيءَ سال يعني ۱۹۵۲ع ۾ ڪو شاهينگ رات جو لطيف سائين جي روضي مٿان لڳل سون جو ڪلس (نيل) لاهي کڻي ويو. جنهن بعد سڄو ڳوٺ درگاهه تي گڏ ٿي ويو ۽ سڀ ڏکايل هئا. مون کي پڻ گهڻو ملال ٿيو. ڇو ته اهو ڪم منهنجي ڀٽ شاهه ۾ موجودگيءَ دوران ٿيو.
دائود پوٽو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته؛ ۱۴ اپريل کان ۳۰ مئي ۱۹۵۲ع تي موڪل ورتم ۽ ۱۶ اپريل ۱۹۵۲ع تي ڀٽ شاهه پهچي رسالي جو باقي رهيل ڪم پورو ڪيم.
منهنجو والد مرحوم سيد حسين شاهه، تمام سريلو ۽ ڄاڻو راڳائي هو. هر سومر جي رات، سائين غلام شاهه مرحوم سان گڏجي راڳ ڳائيندو هو ۽ سندس (يعني منھنجي والد صاحب جو) چوڻ آهي ته؛ “آئون وڏي اوطاق ۾ دائود پوٽي صاحب کي بيت ٻڌائيندو هوس ۽ لکندو ويندو هوس.”
اهي بيت الائي ڪيڏانهن ويا! ڇو ته ٻڌڻ ۾ آيو آ ته جيڪو مسودو علامه دائود پوٽي صاحب لکيو هو، اهو منظر عام تي اچي نه سگهيو.
منهنجو والد صاحب چوندو هو ته؛ علامه کي کاڌي ۾ تورين جي ڀاڄي ۽ رات جو نج ماهيو کير تمام گهڻو وڻندو هو. جيڪو کين سجاده نشين جي حويلي تان مانيءَ سان گڏ ملندو هو. ڪڏهن ڪڏهن آئون (والد) کيس ٻاجهريءَ جي سوڪ ماني ۾ تازو مکڻ وجهي مٿان مستي وجهي کيس صبح جو ناشتي ۾ ڏيندو هوس، جيڪا علامه صاحب کي تمام گهڻي وڻندي هئي. بالآخر هي علم جو آفتاب ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ع تي گذاري ويو. تدفين ۾ سادات لطيف کان علاوه مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ ٻين گهڻن اديبن شرڪت ڪئي. علامه دائود پوٽي جو مزار لطيف سائين جي روضي جي سيراندي آهي ۽ هيءَ قبر سندس گهر واري خديجه خانم دائود پوٽي جوڙائي. افسوس جو هن وڏي عالم جي ورسي وڏي پيماني تي نٿي ملهائي وڃي. نه ته وري وفات ڏهاڙي سندس مزار تي ڪو ماڻهو اچي گلن جي چادر چاڙهي قل پڙهي ٿو. سندس وفات کان پوءِ ڪجهه سال، بيگم خديجه خانم ايندي هئي. اسان درگاهه جي کوهه تان پاڻيءَ جا دلا ڀري ايندا هئاسين. قبر کي ٿڌو ڪيو ويندو هو. گل چاڙهيا ويندا هئا. آهستي آهستي اهو سلسلو به ختم ٿيندو ويو.


No comments:

راءِ ڏيندا