; سنڌي شخصيتون: امرتراءِ ”سام“ جئسنگهاڻي

25 November, 2011

امرتراءِ ”سام“ جئسنگهاڻي


امرتراءِ ”سام“ جئسنگهاڻي
[۱۹۰۳ع ـــ ۱۹۸۸ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ديوان امرتراءِ ”سام“ پٽ حشمتراءِ جئسنگهاڻيءَ، ضلعي لاڙڪاڻي؛ تعلقي رتيديري جي ڳوٺ طيب ۾، ۳ جون ۱۹۰۳ تي جنم ورتو آهي. ابتدائي تعليم، طيب جي سنڌي اسڪول ۽ رتيديري جي اي وي اسڪول مان ورتائين. جڏهن پنجين ڪلاس ۾ شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، تڏهن جلد ئي قطع تعلقات هلچل شروع ٿي. اتي شري ليلارام ڦيرواڻيءَ جي صحبت ۾ ”هلچل“ جو سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان اڀريو.


سندس سچائي ۽ سشيلتا کان ساڌو واسواڻي صاحب ۽ ميسو پال رچرڊ خوب متاثر ٿيا. ميسو پال رچرڊ اصل فرانس جو رهاڪو هو ۽ هن ننڍي کنڊ ۾، شملي کان ۵۰-۶۰ ميل دور هماليه پهاڙ جي ڳوٺ ”ڪوٽ ڳڙھ“ ۾ رهندو هو. انهن ٻنهي جي هن نينگر تي شفقت رهي. پوءِ ته رچرڊ جي دعوت تي سير سفر ڪندي، انگلنڊ، فرانس، مصر، شام، آلجيريا، فلسطين، اتر آفريڪا ۽ سئٽزرلينڊ جو واس به ورتائين.
انهيءَ ڪمسن عمر ۾ ديوان صاحب، رچرڊ ۽ ساڌو واسواڻي صاحب جي رهبريءَ تحت تاريخ ۽ ادب ۾ وڏي ڄاڻ حاصل ڪئي. انگريزي زبان ۾ جملي ۱۴ ڪتاب لکيائين.[1] سندس تحريرن تي يورپ ۽ برصغير وارن خوب تبصرا ڪيا. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ ڪراچيءَ مان ”New Age“ نالي هڪ انگريزي رسالو به ڪڍيائين. ازانسواءِ اتان ”اڪبر آشرم“ نالي هڪ تحريري رٿا پڻ مرتب ڪيائين؛ جنهن کي هند خواه سنڌ جي اديبن خوب ساراهيو. سال ۱۹۳۴ع ۾ رسالي جي سرپرستي مسٽر آرٿر ينگ جي حوالي ڪندي، ڳوٺ طيب طرف وريو؛ ۽ ٻيهر پنهنجي زمينداري ڪم کي نئين سر اڀاريائين. انهيءَ عرصي ۾ ڪڙمين ۽ ڳوٺاڻن ۾ سوشل يعني پنگتي سڌاري جون ڪوششون جاري رکيائين.
ورهاڱي دوران، سندس عزيز و اقارب هندستان لڏي ويا. مگر هيءُ محب وطن انسان، پنهنجي وطن جي مٽيءَ کي مٿانهون ڀانئيندي، هتي ئي رهي پيو. سندس جيون ساٿي، لاڙڪاڻي جي مشهور ڊاڪٽرياڻي سرلا ديوي هئي، جا ۱۹۷۳ع ڌاري پر لوڪ پڌاري وئي.
”سام“ تخلص سان سندس سنڌي، هندي، سرائيڪي، فارسي، اردو ۽ انگريزي شاعري ملي ٿي. خاص ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ سندس مڪمل ديوان به آهي، جيڪو ۱۹۳۴ع ڌاري هندستان مان پڌرو ٿيو. جنھن جو ٻيو ڇاپو ۱۹۷۳ع ۾ ”اڪبر آشرم پبليڪيشن لاڙڪاڻه“ طرفان پڻ منظر عام تي اچي چڪو آهي.
اهڙيءَ طرح فارسي شاعريءَ ۾ سندس مڪمل ديوان به مرتب ٿيل آهي؛ جنهن مان ڪجهه غزل سندس ماهوار رسالي ”رهاڻ“ ۾ به ڏنل آهن؛ ۽ باقي قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهن. ”سام“ صاحب شاعريءَ جي سلسلي ۾ غزلن کان علاوه نظم، ڪافيون، رباعيون، قصيدا، وايون ۽ ڀڄن به چيا آهن. سنڌي نثري تصنيفات ۾: ”پينوءَ جي سوغات“، آتم باغ“، ”تون ۽ مان“ ۽ ”دل جو جام، سدا ڀرپور“ وڏو داد حاصل ڪري چڪا آهن. زندگيءَ جون آخري گهڙيون، شهر لاڙڪاڻي جي محلي علي گوهر آباد ۾ گذاري رهيو آهي.[2]



ديوان امرت راءِ
سٺو شاعر، اديب ۽ سماجي ورڪر
لياقت راڄپر
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، جنهن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، تمام گهڻين شخصيتن کي جنم ڏنو، جن ۾ هندن جو به وڏو تعداد آهي. جن علم، ادب، سماجي خدمتن ۾ وڏو ڪم ڪيو. هو هن وقت هن دنيا ۾ موجود نه آهن پر انهن جون ڪيل خدمتون، اڄ به تاريخ جو حصو آهن. پر مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي جو اسان اڃان تائين انهن جي ڪيل ڪارنامن جي ڪتابن کي ٻيهر هٿ ڪري نه سگهيا آهيون. هاڻي شايد انهن جا لکيل ڪتاب، ڪن پراڻين لائبريرين ۾ ملي وڃن ته ڏاڍو سٺو ٿيندو ته جيئن اسان انهن جي ٻيهر ڇپائيءَ لاءِ ڪوششون وٺي سگهون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، انهن ماڻهن جي پونئيرن هندستان لڏي وڃڻ کان پوءِ، ڪو رابطو نه رکيو ۽ نه وري هتان جي دوستن انهن جي لکڻين کي سنڀاليو. اهو ته ٺهيو پر هن وقت جا ڪيترا ڇپيل ڪتاب نٿا ملن. ڇو جو نه ته پبلشر ۽ نه وري ڪتاب جي لکندڙن انهن جون ڪي ڪاپيون سنڀالي رکيون آهن. هن وقت هڪ اڌ حيدرآباد جو اهڙو پبلشر آهي، جيڪو وري به ڪجهه ڪتاب هٿ ڪري انهن جي ٻيهر ڇپائي ڪرائي مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو. هن ڏس ۾ ڪلچر کاتو صرف عظيم شخصيتن ۽ سواءِ ڪجهه رٽائرڊ بيورو ڪريٽس جي ڪتابن کي ڇاپائي ٿو ۽ بس.
مان مرحوم ستار ڀٽي کي سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڪجهه شخصيتن تي محنت ڪري ڪتاب شايع ڪرايا. جن لاءِ هن ڪيڏا ڪشالا ڪڍيا ۽ تڪليفون سٺيون. پر حڪومت سنڌ ۽ ضلعي انتظاميه لاڙڪاڻي طرفان، سندس ڪا مدد نه ڪئي وئي. هن وقت به هن جو هڪ اردو ۾ لکيل ڪتاب اڻ ڇپيل، سندس بيواهه وٽ ڪمپوز ٿيل پيو آهي. پر هاڻي ان کي ڪير ڇپرائي؟
ديوان امرت راءِ ۳۱ سالن جي عمر ۾ پوري Sub-Continent ۾ مقبوليت حاصل ڪئي. هو شاعر به هو، اديب به. سماجي ورڪر سان گڏ ڪجهه وقت سياست کي به ڏنائين. هن پنهنجي لکڻين جو بنياد، فلاسافيءَ تي رکيو ۽ هن جي شاعري هجي يا نثر؛ ان ۾ فلسفو، ۽ هن جو رنگ نظر ايندو هو. ٻي خوبي اها هئي ته هو لکڻين ۾ سولي ٻولي استعمال ڪندو هو، جنهن کي عام ماڻهو به سمجهي ويندو هو. هن سنڌي، فارسي، هندي ۽ انگريزي ۾ شاعري ڪئي ۽ نثر به انهن ٻولين ۾ لکيو ۽ هن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن جي ڪتابن تي يورپ ۽ مڊل ايسٽ جي مشهور رائٽرس Reviews لکيا. هن جا تقريبن ۱۲ ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي اسان لاءِ هڪ وڏو خزانو آهن. پر افسوس جو اهي نٿا ملن. پر امريڪا ۽ برطانيه جي لائبريرين ۾، انگريزي ڪتاب موجود آهن. هن جو ديوان سام ۲۵۰ صفحن تي ٻڌل آهي، جيڪو ۱۹۳۶ع، ۱۹۵۶ع ۽ ۱۹۷۳ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن کي اقبال پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو ڇاپيو هو.
هو پنهنجي ادبي لکڻين ۾ سام تخلص استعمال ڪندو هو. هن جي ڇپيل ڪتابن مان ”پينوءَ جي سوغاتجنهن ۾ هن دل کولي فلاسافي استعمال ڪئي آهي، پر سادي ۽ آسان ٻولي ۽ نموني سان. جڏهن ته”آتم باغ“ ڪتاب ۾ هن جون تمثيلي ڪهاڻيون شامل آهن. سندس ٻيو ڪتاب هو ”دل جو جام، سدا ڀرپور“. ان کان پوءِ جيڪو ڪتاب آيو، اهو هو ”تون ۽ مان“. انگريزي ڪتابن ۾ (The vision of life)، (The Temple of Joy)، (The model village) ۽ ٻيا شامل آهن، جن بين الاقوامي سطح تي مقبوليت حاصل ڪئي.
سام، پاڻ ڀٽائي ۽ سچل جي شاعري پسند ڪندو هو. هن کي صوفي ازم سان محبت هئي. ماڻهو هن کي، ٽيگور ڪري سڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته؛ هو سنڌ جو ٽيگور آهي ۽ خاص ڪري شاعري ۾ ٽيگور ۽ نثر ۾ خليل جبران. امرت، طبيعت ۾ ملنسار، بااخلاق، دوستانه ماحول ڏيندڙ، جنهن ۾ غريبن لاءِ همدردي، پيار، قرباني ڏيندڙ شخص نظر آيو ۽ هميشه ضرورتمندن جي مدد ڪئي. هن خدمت لاءِ ھڪ آشرم جوڙيو، جيڪو ۱۹۷۳ع تائين هلندو رهيو. سندس زال ڊاڪٽر سرلا ديويءَ جو ڪتاب ’جيتامڙيءَ جي ڊائري، هن تنظيم طرفان ۱۹۶۵ع ۾ ڇپرايو ويو هو. جنهن ۾ ليکڪا جي روزاني زندگيءَ جا مشاهدا، تجربا، تصورات، فلاسافي ۽ ان تي تبصره شامل آهن. سام جي مشغلن ۾ شامل هيو ته ڪتاب، پڙهڻ، علمي، ادبي ماڻهن ۽ غريبن سان ڪچريون ڪرڻ ۽ هن کي ساده، سچا ۽ معصوم ماڻهو تمام گهڻا وڻندا هئا ۽ ٻاهرين ملڪن جو سفر ڪرڻ ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ وڻندا هئا.
امرت راءِ ۳ جون ۱۹۰۳ع ۾ پنهنجي والد هشمت راءِ سنگهاڻي جي گهر ڳوٺ طيب ابڙو، تعلقو رتوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن کي رتوديرو شهر جي Anglo vernacular اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. جتان شروعاتي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، انگريزي جي وڌيڪ تعليم لاءِ شڪارپور جي هڪ انگريزي اسڪول ۾ داخلا ورتي. جڏهن هن ۾ شعور آيو ته هن انگريز حڪومت جي خلاف، هندستان ڇڏڻ واري مهم ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي تعليم کي ڇڏي ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ هن تعليم جي واڌاري لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ شروع ڪيا ۽ هڪ بهترين نيشنل اسڪول شڪارپور ۾ قائم ڪيو. ان کانپوءِ ۱۹۱۹ع ۾ هن برطانيه حڪومت جي خلاف هلايل مهم Non cooperation ۾ به حصو ورتو. ۱۹۲۰ع ۾ جڏهن امرت، شمله گهمڻ ويو ته اتي هن جي ملاقات فرانس جي دانشور موسيوپال رچرڊ سان ٿي، جيڪو انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکي رهيو هو. جنهن جو نالو هو ”حضرت عيسيٰ جو صليب تي چڙهڻ“ هن دانشور سان هو ڏهه ڏينهن ملندو رهيو، جيڪو سام جي هوشياري مان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ ڪتاب لکڻ جي باري ۾ هن کان صلاحون ورتيون.
واپس اچڻ وقت هن رچرڊ کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني، جيڪا هُن قبول ڪئي ۽ سنڌ آيو. جنهن کي سام، لاڙڪاڻي کان علاوه سنڌ جا ڪيترا شهر پڻ گهمايا.
سام ۲۱ سالن جي عمر کان دنيا جا ڪيترا ملڪ گهمي ڏٺا. جنهن کانپوءِ هن جو لاڙو ادبي دنيا ڏانهن وڌي ويو ۽ هن سياست کي الوداع چيو. شروع کان ئي هن کي فلاسافيءَ سان لڳاءُ هو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين، ان سان ناتو نڀايائين ۽ پنهنجو ڌيان انسانيت جي ڀلائي ۽ امن ڏانهن وڌيڪ ڏيڻ شروع ڪيو. ۱۹۳۰ع ۾ هن اڪبر آشرم قائم ڪيو. جنهن جو مقصد؛ هندو، مسلمان ۽ ڪرسچن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۽ هڪ ٿي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ هو. هن ۾ سڀني مذهبن جا لکيل پڙهيل ماڻهو گڏجي، اتحاد ۽ ڀائيچاري لاءِ ادبي گڏجاڻيون ڪندا هئا. ان سلسلي ۾ هڪ ميگزين نيو ايج جي نالي سان ڪڍيو ويو. جيڪو انگريزي ٻوليءَ ۾ هو، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’رهاڻ‘ نالي سان ڇپجڻ لڳو. جيئن ته هو پاڻ به شاعر ۽ ليکڪ هو، ان لاءِ هو انگريزي رسالي ۾ پنهنجا مضمون لکندو رهيو ۽ اهو زمانو ۱۹۳۱ع جو هو.
سام ۱۹۳۴ع ۾، پنهنجي ڳوٺ موٽي اچي، پنهنجي زرعي زمين سنڀالڻ لڳو ۽ اتي هارين ۽ ڳوٺ وارن جي ڀلائيءَ لاءِ معاشي ۽ سماجي ڪم شروع ڪري ڏنا. جنهن ۾ هن زرعي دوائون ۽ معياري ٻج رکيا، جيڪي هارين کي تمام سستي اگهه تي ڏيڻ لڳو، جنهن سان انهن جو اهم مسئلو حل ٿي ويو. هو پنهنجي هارين ۽ ڳوٺ وارن کي وڏي عزت ۽ محبت ڏيندو هو ۽ پنهنجن ذاتي نوڪرن سان به انصاف ڪرڻ، پنهنجو ايمان تصور ڪندو هو. ڳوٺ جا مسئلا، جهڳڙا پاڻ ئي حل ڪندو هو ۽ ڳوٺ وارن لاءِ روزگار جا نوان نوان وسيلا پيدا ڪرڻ ۾ لڳو رهندو هو ۽ هو آيل مهمانن جي تمام گهڻي مهمان نوازي ڪندو هو. هن لاءِ اهو به مشهور هو ته؛ هو سڄي ڳوٺ وارن سان گڏجي، ڳوٺ جي صفائي ۾ حصو وٺي خوش ٿيندو هو. هن جي اها عادت هئي ته هو نوڪرن ۽ هارين سان گڏجي، ماني کائيندو هو ۽ زراعت ۾ نواڻ آڻڻ لاءِ هو مختلف تجربا ڪندو هو. جنهن لاءِ هن هڪ ريسرچ فارم قائم ڪيو هيو.
پاڪستان کان اول، سنڌ ۾ گهڻي قدر هندو حڪمت جو ڪم به ڪندا هئا. سام به ڳوٺ ۾ حڪمت ڪرڻ لڳو. جيڪي به مريض ايندا هئس، تن کي علاج ۽ دوائون، مفت ڏيندو هو. سفر دوران به پاڻ سان دوائون کڻي هلندو هو ۽ جتي به ڪنهن مسافر کي ڪا تڪليف ٿي وئي ته ان کي دوائون مفت ڏئي ڇڏيندو هو. هن جي صحت جو راز، اهو هو ته هو گهٽ کاڌو کائيندو هو. پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڌوئيندو هو ۽ ڌرتيءَ/پٽ تي سمهندو هو. هن ماڻهن کي گهٽ قيمت تي ڪپڙا ڏيڻ لاءِ، ڳوٺ ۾ هڪ آڏاڻو هڻايو هو، جتي ڪپڙا تيار ڪيا ويندا هئا.
امرت راءِ جي زندگيءَ تي روشني وجهندي، اسان مٿي ٻڌائي آيا آھيون ته سام ايڪويھن (۲۱) سالن جي عمر کان دنيا جا ڪيترا ملڪ گهمي ڏٺا. جنهن کانپوءِ هن جو لاڙو ادبي دنيا ڏانهن وڌي ويو ۽ هن سياست کي الوداع چيو. شروع کان ئي هن کي فلاسافيءَ سان لڳاءُ هو. ان لاءِ زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين، ان سان ناتو نڀايو. پنهنجو ڌيان انسانيت جي ڀلائي ۽ امن ڏانهن وڌيڪ ڏيڻ شروع ڪيو. هُن ۱۹۳۴ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ موٽي اچي پنهنجي زرعي زمين سنڀالي ۽ اتي هارين ۽ ڳوٺ وارن جي ڀلائي لاءِ معاشي ۽ سماجي ڪم شروع ڪري ڏنا.
جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ڪجهه لوڪل زميندارن ۽ ڪجهه لڏي آيل ماڻهن، هن جي زرعي زمين تي قبضا ڪيا. پر هو شريف ۽ امن پسند هيو، ان لاءِ انهن سان وڙهي نه سگهيو ۽ هو لاڙڪاڻي شهر لڏي آيو ۽ پنهنجي گهرواري ڊاڪٽر سرلا ديويءَ سان ميونسپل ڪميٽيءَ جي ميٽرنٽي هوم طرفان ڏنل بنگلي ۾ رهڻ لڳو، جتي هن ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ انتظام ڪيو ۽ شعر و شاعري ۽ موسيقيءَ جون گڏجاڻيون ڪيون، جنهن ۾ نثر لاءِ به نشستون ٿينديون هيون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن جي پهرين گهرواري پنهنجا ٻار وٺي هندستان هلي وئي ۽ هو لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر سرلا ديويءَ سان رهڻ لڳو، جنهن سان هن ۱۹۳۸ع ۾ شادي ڪئي هئي، جيڪا پڻ ليکڪه ۽ شاعره به هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سٺو ڳائيندي به هئي.
سام هڪ زميندار هو جنهن کي تقريبًا ٽي هزار زرخيز زرعي زمين هئي ۽ هن جو طيب ابڙو ۾ جيڪو بنگلو هو، سو لڳ ڀڳ هڪ هزار والن تي هوندو هو، جيڪو ڏسڻ ۾ هڪ محل هو ۽ سنڌي ڪلچر جو هڪ خوبصورت مثال هو. هن وٽ ٽيھ (۳۰) صحتمند مينهون پاليل هونديون هيون ۽ کير جي لاءِ هن هڪ ڊيري فارم ٺهرايو هو ۽ مينهن کي پاڻي پيارڻ ۽ وهنجارڻ لاءِ هڪ وڏي پاڻيءَ جي ٽينڪ ٺهيل هئي. جڏهن ته هڪ وڏو کوهه به هوندو هو. هن کي شڪار جو وڏو شوق هوندو هو ۽ هو پڪو نشانچي هو ۽ ڪو به جانور يا پکي هن جي نشاني کان بچي نه سگهندو هو. هو انگريزن وانگر ڊسيپلين ۽ وقت جي پابنديءَ واري زندگي گذاريندو هو. ڪپڙا ساده پر بلڪل صاف پائڻ پسند ڪندو هو. هن کي گاڏي هلائڻ سان وڏو چاهه هو ۽ هو سٺي کان سٺي گاڏي خريد ڪندو هو ۽ ۱۹۳۵ع ۾ هن ٽن هزارن ۾ Marcedez Benz خريد ڪئي هئي، جيڪا ان زماني ۾ صرف ڀُٽي خاندان وٽ هوندي هئي. امرت پاڻ وٽ بهترين نسل جا گهوڙا ۽ اُٺَ به پاليا هئا.
زمين تي قبضي کان پوءِ جڏهن امرت لاڙڪاڻي آيو ته هن جي مالي حالت خراب ٿيندي وئي ۽ ٻيو هن جي عمر ۾ اضافي پڻ هن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ صورتحال جي ڪري هو پنهنجي معيارِ زندگي برقرار نه رکي سگهيو ۽ لاڙڪاڻي جي پراپرٽي وڪڻي گذارو ڪرڻ لڳو. هو هڪ يتيم خانو پڻ هلائيندو هو ۽ اتان هڪ يتيم ٻار گردهاري کي پنهنجو پٽ ڪري پاليو. ڇو جو سرلا ديوي مان هن کي اولاد نه هو. گردهاري، سام جي خدمت آخر تائين ڪندو رهيو. هن پڻ سرل ڀون نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو هو، جيڪو ڪتاب ڇپرائڻ ۽ يتيم خانو هلائڻ جو ڪم ڪندو هو. جيڪو بعد ۾ ڪجهه ماڻهن ڦٻائي ورتو. نيٺ زندگيءَ جي مشڪلاتن سان وڙهندي وڙهندي هي نيڪ انسان ۱۲ فيبروري ۱۹۸۸ع تي لاڙڪاڻي ۾ ديهانت ڪري ويو ۽ هن جا پهرين زال مان ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي ۽ زال هندستان رهجي ويا.


[1] انهن مان مدراس جي مشهور پبلشر، ميشرس گڻيش ائنڊ ڪمپنيءَ واري، ۱۹۲۸ع کان ورهاڱي تائين، هيٺيان ست ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا.
(i)- the Temple of joy. (ii)- Spiritual of life. (iii)- If truth at last be told. (iv)- Talks with Eeyaa. (v)- Dialogues in Ashram. (vi)- The Model village. & (vii)- The Vision of Life.
[2] نوٽ: ھيءُ مضمون، سام جي حياتيءَ منجھ، تحرير ٿيل آھي.

No comments:

راءِ ڏيندا