امرتراءِ ”سام“ جئسنگهاڻي
[۱۹۰۳ع ـــ ۱۹۸۸ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ديوان امرتراءِ ”سام“ پٽ
حشمتراءِ جئسنگهاڻيءَ، ضلعي لاڙڪاڻي؛ تعلقي رتيديري جي ڳوٺ طيب ۾، ۳ جون ۱۹۰۳ تي جنم ورتو آهي. ابتدائي تعليم، طيب جي سنڌي اسڪول ۽ رتيديري جي اي وي اسڪول مان ورتائين. جڏهن پنجين ڪلاس
۾ شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، تڏهن جلد ئي قطع تعلقات هلچل شروع ٿي. اتي شري ليلارام ڦيرواڻيءَ جي صحبت ۾ ”هلچل“ جو سرگرم
ڪارڪن جي حيثيت سان اڀريو.
