; سنڌي شخصيتون: آغا تاج محمد - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

آغا تاج محمد - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


آغا تاج محمد [1904ع ــ 1959ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
آغا تاج محمد ولد آغا عبدالمجيد خان پٺاڻ، ضلعي سکر جي ڳوٺ باگڙجيءَ ۾ 18 صفر المظفر 1323 هه مطابق 16 سيپٽمبر 1904ع تي ڄائو. ننڍپڻ کان ئي نهايت سنجيده ۽ بردبار انسان هو. سندس تعليمي لياقتن ۾ بي- اي، بي- ٽي ۽ ايم- آر- سي- ٽي جون سندون شامل آهن. تعليم کاتي ۾ رهندي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار جي عهدي تائين پهتو هو، 3 ربيع الثاني 1379 هه مطابق 10 آڪٽوبر 1959ع تي اچانڪ حرڪت قلب بند ٿيڻ سببان راه رباني ورتائين.
آغا صاحب کي سنڌي علم ۽ ادب سان والهانه عشق هو. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ ”شاه لطيف ثقافتي ڪاميٽيءَ“ جو سر گرم ڪارڪن به ٿي رهيو. ازانسواءِ ادبي دنيا کي چوويهه ڪتاب به ڏنا اٿس، جيڪي گهڻي ڀاڱي درسي آهن، جن جو موضوع: گرامر، جاميٽري انگي حساب، اخلاقيات؛ سيرت، فلسفه، شهرت ۽ لطيفات وغيره آهي. اهڙيءَ طرح ”آغا“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪيل اٿس. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ”آغا تاج محمد اڪيڊميءَ“ نالي سان سندس يادگار حيدرآباد ۾ قائم ڪيو ويو آهي. نموني طور سندس شعر هيٺ ملاحظه فرمايو:
”شاه جا ابيات آهن، آيون قرآن جون
جن سان ٿين ٿيون آشڪارا، منزلون فرقان جون
ڇا چوان ”آغا“ ڀلايون، شاه عاليشان جون
شعر پنهنجي سان ڪيائيون، سنڌ سونهاري کي شاد
شاه صاحب زنده آباد! و زنده باد!! و زنده باد!!!

No comments:

راءِ ڏيندا