; سنڌي شخصيتون: قريشي ڊاڪٽر حامد علي خانائي

21 November, 2011

قريشي ڊاڪٽر حامد علي خانائي

قريشي ڊاڪٽر حامد علي خانائي

سنڌ ۽ ساهتيءَ جو سپوت

 گل مورو


 

صدين کان هيءَ مهراڻ جي مٽي اهڙن مهميرن ۽ سنڌ جي سپوتن کي جنم ڏيندي رهي آهي، جن جو پنهنجي ماتر ڀومي جي سهڻي سڀيتا ۽ ديس جي هر دردوند سان بي پناهه عشق ڪرڻ ئي فطري اصول رهيو آهي. اهڙن اڏول انسانن منجهان، ساهتيءَ جو سپوت، محقق، دانشور قريشي ڊاڪٽر حامد علي خانائي به هڪ هيو. جنهن مني صدي اڳ، ساهتي پرڳڻي جي قديم شهر خانواهڻ ۾ سنڌي زبان جي نامياري شاعر ۽ نثر نويس حڪيم قاضي محمد يعقوب ‘صابر’ قريشيءَ جي گهرڙي ۾ ۶ جنوري ۱۹۳۴ع ڌاري اک کولي. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر خانواهڻ ۾ پنهنجي ڏاڏي قاضي امام بخش جي مڪتب ۾ حاصل ڪيائين. جڏهن ته نوابشاهه جي هاءِ اسڪول مان ۱۹۵۴ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري ۱۹۶۵ع ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ جي قديم ساهتي پرڳڻي جي تاريخ، ادب ۽ مشاهدن تي وڏي محنت ۽ تحقيق سان هڪ تفصيلي ۽ علمي مقالو “ساهتيءَ جا قديم مرڪز” جي نالي سان لکي، پي ايڇ ڊي “تحقيقي ڊاڪٽري” جي ڊگري حاصل ڪئي. خانائي صاحب ڪيترو ئي وقت، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه ۾ سنڌي شعبي جو استاد رهيو.

کيس ان وقت ادبي کيتر ۾ وڏو مقام مليو، جڏهن هن ادبي تاريخ ۽ تحقيق تي ٻڌل مقالا ۱۹۵۵ع ڌاري لکڻ شروع ڪيا. جنهن ۾ ھن ساهتي پرڳڻي جي تاريخي قديم آثارن، ادب ۽ تخليق کي، ڪيتريون ئي خوبصورت سوکڙيون ارپيون. ‘نوابشاهه ضلعو؛ تاريخي شهر ۽ شخصيتون’ اپريل ۱۹۸۷ع تي لکي، تحقيقي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب آڻي ڇڏيائين. تماشائي بنجڻ بجاءِ، ھن خاموشيءَ ۽ تدبر سان تحقيقي ڪم ڪيو. اهو تاريخي ڪتاب يا علمي ادبي سوکڙي، ھن “ساهتيءَ” جي خاموش شاعر، نثر نويس ۽ پنهنجي والد محترم جي نانءُ منسوب ڪئي هئي.

انهيءَ تاريخي ڪتاب جي مهاڳ ۾، پاڻ لکي ٿو؛ ‘منهنجو پيارو دوست بشير احمد هيسباڻي مون کي ڪيترا ئي ڀيرا زور ڀريندو رهيو ته سڀني تحقيقي مقالن ۽ مضمونن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپايو وڃي. ان سلسلي ۾ هن نوجوان انهن سڀني مقالن کي، جن جو تعلق ساهتي پرڳڻي جي تحقيق سان هو، ترتيب ڏئي مسودي جي شڪل ۾ آڻي منهنجي اڳيان رکيو.’ هيسباڻي صاحب، آخري گهڙين تائين، ساڻس نينهن جو ناتو نڀائيندو رهيو. خانائي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته؛ ‘دراصل انهن مقالن جي ترتيب ۽ سٽاءُ، سنڌ جي مشهور محقق ۽ تحقيق نگار مير علي شير “قانع” ٺٽوي جي ڪتاب تحفته الڪرام واري آهي، پر “قانع” جو رنگ ڍنگ قديم طرز وارو آهي ۽ مون انهيءَ ۾ جديد تحقيق جو رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

اها به حقيقت آهي جيڪا خود خانائي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکي آهي ته ان ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ ادبي دوست عبدالغفار سومري جو وڏو هٿ هو، جيڪو ان وقت نوابشاهه ضلعي جو ڊي سي هو.

جڏهن ته ڊاڪٽر خانائي صاحب جي ان تحقيقي ڪتاب جي مقدمي ۾ عبدالغفار سومرو لکي ٿو؛ “نوابشاهه ۽ ساهتي، سنڌ جو قديمي پرڳڻو، جي باري ۾ تاريخي مواد کي ڪيئن سهيڙجي؟ ساهتي؛ جنهن ۾ هڪ طرف آثار قديمه جي سلسلي اندر چانهونءَ جو دڙو، دليل ڪوٽ، ٺل مير رڪڻ موجود آهن، ته ٻئي طرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا، هالاڻي بهلاڻي جي جنگ جو ميدان، جتي ڪلهوڙا حڪمرانن جي تخت جو فيصلو ٿيو ۽ ٽالپر سنڌ جا حڪمران بڻيا موجود آهن. ان کان سواءِ نوشهروفيرو، جتي چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ جي ارادي سان سازش سٽي، سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن کان عهدنامن تي صحيحون ورتيون هيون، اهي سڀ عنوان سنڌ جي تاريخ جا نهايت ئي اهم باب آهن. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪو سوال مون لاءِ خاص پريشانيءَ جو سبب هو ته اهڙو ماڻهو ڪٿان هٿ اچي، جيڪو هن ڪم کي پنهنجي قلم ۽ علم ذريعي جلدي ۾ بخوبي سرانجام ڏئي.

وضاحت ڪندي اڃا اڳتي لکي ٿو؛ “مٿئين سوال جو جواب، مون کي محترم قريشي ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب سان پهرينءَ ملاقات ۾ ملي ويو. جنهن فوري طور، J. W. Smyth ۽ A. W. Hughes جا نوابشاهه ۽ ساهتيءَ بابت لکيل گزيٽئر، جن ۾ ساهتيءَ جي سپوتن، علم ادب، تاريخ ۽ تهذيبي آثارن جي نشاندهي ٿيل هئي، آڻي مون آڏو رکيا. انهيءَ سلسلي ۾ ۳۰ جولاءِ ۱۹۸۶ع تي نوابشاهه ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو ويو. انهيءَ ادبي سوسائٽي نوابشاهه جي تاريخي ۽ تهذيبي، سماجي، ثقافتي ورثي کي سهيڙڻ لاءِ سڄو بار، ڊاڪٽر خانائي صاحب تي رکيو. جنهن ساهتي پرڳڻي جو تاريخي پس منظر، تاريخي حيثيت، قديم درسگاهن ۽ شهرن سان گڏ، ماڳ مڪانن کي سهيڙي، پنهنجي قلم ۽ علم جي روشنيءَ ۾، ‘نوابشاهه ضلعو؛ تاريخي شهر ۽ شخصيتون’ سنڌ جي ساهت لاءِ سوکڙيءَ طور پيش ڪيو. اھو ڪتاب، اڄ به تحقيق ۽ تاريخ جي پانڌيئڙن کي، تحقيق جو هر گس ڏيکاري ٿو. ائين ڊاڪٽر خانائي صاحب تحقيقي ميدان ۾، هن شاهڪار ڪتاب کان علاوه، ‘مقالات خانائي’ ۽ ‘ساهتي پرڳڻو’ پڻ لکيا.

خانائي صاحب به قلم ڌڻين ۽ ڌرتيءَ ڌڻين کان، ۱۵ مارچ ۲۰۱۰ع تي وڇڙي ويو. مٽي، اھڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ڪندي آهي. ڊاڪٽر خانائي جهڙي محقق لاءِ، شايد صدي اڌ انتظار ڪرڻو پوي.


 

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

سنڌ جو ناميارو محقق ۽ نقاد

ڊاڪٽر ذوالفقار علي جلباڻي

سنڌ جي ادبي تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ اڃان به ڪيتريون ناياب لکتون ۽ شخصيتون موجود هيون ۽ آهن، جن جي لکتن کي ادبي تاريخن ۾ جاءِ نه ملي سگهي آهي. هن وقت تائين جوڙيل ادبي تاريخن جي ذڪر ۾ انهن گمنام شخصيتن جي لکتن جو خال محسوس ڪندي ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هن وقت سنڌ جي نئين سر ڪا جديد ادبي تاريخ لکڻ جي ضرورت محسوس ڪجي ٿي. اسان جي سنڌي اديبن جيڪي تاريخون لکيون آهن تن ۾ سندن محنت ۽ پورهئي کي به فراموش نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي ادبي تاريخن جي مطالعي مان جيڪا ڳالھ آڏو اچي ٿي ته اسان جي سنڌي ادب جا اهڃاڻ سومرن جي دور کان ملن ٿا. اهو ادب نظم واري صورت ۾ ملي ٿو جنهن ۾ رومانوي قصا، گِنان، رزميه شاعري، دعائيه فقرا وغيره اچي وڃن ٿا. انهيءَ ابتدائي دور جي شاعريءَ جو اثر اڄ تائين قائم آهن، جنهنڪري اسان جي اڪثر شاعرن ۽ اديبن جو لاڙو انهن بنيادي شين ڏانهن برقرار آهي. اهو فطري عمل به آهي تنهن هوندي به وقت ۽ حالتن مطابق هرهڪ ليکڪ يا شاعر مٿان وقت جي ڌارا جو اثر ضرور ٿيندو آهي، جيڪو ان لکڻ واري جي انداز مان معلوم ٿيندو آهي. اسان جڏهن سنڌ جي مختلف شاعرن ۽ اديبن جي زندگي فن ۽ فڪر تي نظر وجهندا آهيون ته انهن تي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪنهن نه ڪنهن جا اثر نظر ايندا آهن. ان حوالي سان قريشي حامد علي خانائي تي به ٻين شاعرن، محققن، نقادن ۽ مورخن جو اثر نمايان طور نظر اچي ٿو. مثال طور: اُن تي سندس والد ميان محمد يعقوب ”صابر“ قريشي، عبدالحئي ”جهانگي“، علامه عمر بن محمد دائود پوٽي، عبدالرحمان ”انجم“ هالائي، پير حسام الدين راشدي ۽ رحيمداد خان مولائي شيدائي جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. قريشي حامد علي خانائي جيڪا ادبي دنيا ۾ سڃاڻپ جوڙي سا پهريان هڪ شاعر جي حيثيت ۾ اُن کانپوءِ افسانه نگار، مضمون، نگار، محقق ۽ نقاد واري حيثيت ۾ پاڻ مڃرايائين.

خانائي پنهنجي انٽرويو ۾ چوي ٿو: ”منهنجي ادبي زندگي جي شروعات شعر ۽ شاعري سان ٿي. منهنجو والد قاضي ميان محمد يعقوب قريشي جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم پڻ هو، سن ۱۹۲۶ع کان ۱۹۵۰ع تائين سنڌي ادب تي ڇانيل رهيو. والد صاحب ورهاڱي کان اڳ ۾ ڪافيءَ جي صنف ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس ڪافيون وڏي تعداد ۾ ان وقت جي مشهور ڪلاڪار، ڀڳت جاڙا رام ڳاتيون، ڀڳت جاڙا رام اصل ۾ ٻٻرلوءِ جو ويٺل هو، پر پوءِ لڏي وڃي روهڙي وسايائين ... منهنجي خاندان جي بزرگن جون سنڌي ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن. منهنجي والد صاحب جو سڳو سئوٽ، قريشي عبدالحئي ”جهانگي“ به هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ان پسمنظر ۾ مون ”خادم“ تخلص رکي شاعريءَ جي شروعات ڪئي. شعر ۾ اصلاح والد صاحب ۽ آخوند عبدالرحمان ”انجم“ هالائيءَ کان ورتم، پر جلد ئي شاعريءَ کان منهنجي دل ڀڄي پئي ۽ مون افسانه نويسيءَ جي شروعات ڪئي. منهنجو پهريون افسانو ”هُوءَ ڪاري هُئي“ ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ مون پنهنجي نالي کانسواءِ ڇپرايو. (قريشي، ۲۰۱۱ع، ص، ۱۸)

اهڙيءَ ريت حامد علي خانائي شاعري به ڪئي ۽ شاعرن جي روايت مطابق پنهنجو تخلص ”خادم“ رکيو. سندس علمي ذوق اڳتي هلي کيس تحقيق ڏانهن راغب ڪيو. جڏهن اسان حامد علي خانائي جي علمي ۽ ادبي تحقيقي خدمتن تي نظر وجهون ٿا ته سندس ادبي ڪمن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

۱. تخليقي ادب

۲. تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم

مذڪوره موضوعن جو تعلق حامد علي جي تحقيق ۽ تنقيد واري پهلو سان آهي ان ڪري سندس تخليق وارو ڪم صرف شروعاتي پنجن سالن جي عرصي تي مشتمل آهي. انهيءَ کانپوءِ گهڻو عرصو تحقيق واري ڪم ڏانهن ڌيان ڌريو اٿس، جيڪو سندس عمر جي آخري حصي تائين جاري رهيو. اسين مٿين موضوعن جي مناسبت سان حامد علي جي تحقيق ۽ تنقيد جو ذڪر ڪنداسين يعني اهو سندس ڪم مطالعي، مشاهدي، مشق، دلي جذبي ۽ جدوجهد سان تعلق رکي ٿو:

(الف) شاعراڻو دور ۱۹۵۴ کان ۱۹۵۵ع

(ب) افسانوي دور ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۹ع

مٿي انٽرويو مان ثابت ٿئي ٿو ته حامد علي پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات شاعري، افسانا ۽ مضمونن کان ڪئي آهي. انهيءَ عرصي يعني ۱۹۶۰ع تائين سندس تخلص ”خادم“ هو ۽ جڏهن تحقيق جي دنيا ۾ قدم رکيائين ته پنهنجو تخلص رحيمداد خان مولائي شيدائي جي صلاح تي تبديل ڪري قريشي حامد علي ”خانائي“ جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين جيڪو ۲۰۱۰ يعني آخري دم تائين قائم رهيو. ڊاڪٽر خانائي انٽرويو ۾ چوي ٿو: ”آئون پنهنجي والد ۽ سندس سڳي سئوٽ عبدالحئي ”جهانگي“ کان متاثر ٿيس. اهڙيءَ طرح منهنجو علم ۽ ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. مون علم ۽ ادب ۾ ”شاعريءَ“ سان شروعات ڪئي، جنهن ۾ منهنجو استاد آخوند عبدالرحمان ”انجم“ هالائي هو. پاڻ هالن مان ماهوار ”فردوس“ ڪڍندو هو. ڪجھ وقت نوابشاھ ۾ اچي رهيو. هتي ”بزم رهنما“ ٺاهي ان طرفان هڪ وڏو مشاعرو ڪرايائين، جنهن جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي هئي. مون مشاعري ۾ پنهنجو ڪلام ”خادم“ تخلص هيٺ پڙهيو. ان وقت آئون پنهنجا مضمون حامد علي ”خادم“ جي نالي سان لکندو هئس، جيڪي محمد عمر راڄپر جي ادارت نوابشاھ مان نڪرندڙ رسالي ”رهنما“ ۾ شايع ٿيندا هئا. شاعريءَ کان مون کي پنهنجي والد منع ڪئي هئي، پوءِ مون افساني طرف رخ رکيو. “ (قريشي، ۲۰۱۱ع، ص: ۲۶)

تحقيق جو طريقو:

ڊاڪٽر حامد علي خانائي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو، استاد، اديب، شاعر، نقاد ۽ محقق هو سندس خاص سڃاڻپ سندس تحقيقي ڪم آهي. سندس ادبي تحقيق جا ڪي پهلو کولجن ٿا ته ان ۾ سندس شوق، جذبو ۽ ادبي تبحر نظر اچي ٿو. سندس ڪمن ۾ جيڪو سلڇڻائي وارو گڻ نظر اچي ٿو، ان ۾ سندس پيشي جو به وڏو اثر نظر اچي ٿو. هڪ استاد جي حيثيت سان پڙهندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ جيڪا ٻولي ڪتب آندي آهي، ان ۾ گرامر جي قائدن، قانونن جي پاسداري ڪيل آهي. ادبي تحقيق جي سلسلي ۾ تنقيدي اصول استعمال ڪندي ان کي هڪڙي تسلسل سان اڳتي وڌائي هرهڪ موضوع جي زاوين جو ادراڪ حاصل ڪيل آهي، جنهن مان تحقيقي ۽ تنقيدي شعور جو به پتو پوي ٿو. سندس تحقيق کي سمجهڻ لاءِ اسان جي سامهون، سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا ۽ تصنيفون آهن. مثال طور: سندس هڪ تصنيف ”وِکريل وٿون“ جي تحقيق ۽ ترتيب ۾ جنهن انداز سان سيد عبدالحسين شاھ موسوي جي مضمونن جو جائزو پيش ڪري، انهن مضمونن مان ان جي فني، فڪري ڳالهين جي وچ ۾ تفريق کي سمجهائي ۽ ٺوس بنيادن تي انهن مضمونن کي ڪي منطقي ۽ تز معيار مقرر ڪيا آهن تن ۾ تمام گهڻو احتياط ۽ سندس ادبي ڄاڻ جي خبر پوي ٿي. اهڙيءَ طرح سندس هڪ ٻي تحقيق ۽ ترتيب وارو ڪم جنهن جو عنوان آهي: ”الزليخا“ هن تحقيق تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کانپوءِ هن جي ادبي ڪم جي معلومات ملي ٿي ته مقدمي کان ويندي ان جي فڪري جائزي تائين جهڙي طرح تحقيق ۾ قيمتي معلومات ڏيئي اُن جا رخ روشن ڪيا ويا آهن، انهيءَ تحقيق ۽ ترتيب ۾ اڪيڊمڪ جي سڀني پهلوئن کي ڪتب آڻيندي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي ادبي تحقيق ۽ ترتيب جي اصولن سان واقعن کي هڪڙي تسلسل ۽ تاريخ جي روشني ۾ پير حسام الدين راشدي جي لکيل مذڪوره قصي کي ڇنڊي ڇاڻي سائنسي انداز ۽ نون رخن سان ڏسي وائسي گهرو مطالعو ڪري جتي جتي جن شين جي ضرورت محسوس ڪئي، تن ڳالهين کي قصي ۾ شامل ڪري ان ۾ جيڪا نواڻ پيدا ڪئي آهي، سا ڳالهه هڪ غور ويچار وارو ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو ته اڳ ۾ لکيل پير صاحب واري قصي ۾ حامد علي خانائي ڪيتري قيمتي معلومات ڏيئي ان ۾ اضافو ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو قريشي حامد علي هن قصي ۾ خيال خواھ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪٿ ۽ تڪ تور ڪري هن قصي کي جديد انداز سان ناوليٽ واري شڪل ۾ آندو آهي. اهڙيءَ طرح سان ڊاڪٽر حامد علي خانائي چئن ڪتابن کي تحقيق ۽ ترتيب جي صورت ۾ آندو آهي. مٿي ٻن ڪتابن جي ذڪر کانپوءِ هتي سندس ٽئين ڪتاب ”ايڇ. ايم. خوجا هڪ مثالي استاد“ کي به ڏسي سگهجي ٿو. چئني ڪتابن جي تحقيق ۽ ترتيب وارو مثالي ڪم ڪيو آهي. سندس اهڙي تحقيق ۽ ترتيب وارو ڪم هميشه سنڌي ادبي تاريخ ۾ امر رهندو. ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنهنجي تحقيق ۽ ترتيب واري ڪم ۾ جهڙيءَ طرح اڳ واري تحقيق ۾ جيڪي اضافه آندا آهن اهڙيءَ طرح سندس وڏي جاکوڙ نظر اچي ٿي. پير حسام الدين راشدي مرحوم جي لکيل قصي ۾ اڳ ۾ مڙني ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪن قلمي نسخن کي آڏو رکي انهيءَ مان مفيد ڳالهيون پيش ڪري ان ۾ گهڻي کان گهڻي نين شين جو اضافو ڪري قصي کي شاندار بڻائي پيش ڪيو ويو آهي. قريشي حامد علي خانائي هڪ محقق ۽ نقاد هو ان ڪري پير صاحب جي هڪ هڪ ڳالهه جو غور ويچار سان اڀياس ڪيو ويو آهي. هن قصي کي جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ناول جي صورت ۾ ۽ صحيح رخن ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪيتريون ئي تاريخي ڳالهيون جيڪي هن قصي سان لاڳاپيل آهن تن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري هن نازڪ ڪم کي ڪيترين سمجهاڻين ۽ مثالن، احوالن جي روشني ۾ پيش ڪري تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي، ڪابه ڳالهه ڌڪي بازي سان ۽ دليلن کانسواءِ پيش نٿو ڪري. راقم الحروف ذڪر هيٺ ايندڙ چئني ڪتابن ”وِکريل وٿون“، ”الزليخا“ ۽ ”ايڇ ايم خوجا: هڪ مثالي استاد“ ۽ ”موئي مبارڪ روهڙيءَ ۾ حضورﷺ جي وار مبارڪ جي تاريخ“ جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ قريشي حامد علي خانائي جي گهڻي کان گهڻي محنت نظر اچي ٿي. اِهو تحقيق ۽ ترتيب جو ڪم ڏکيو آهي، جنهن کي انگريزي ۾“Editing” چيو وڃي ٿو. هي هڪ وسيع فن آهي، جنهن کي ڊاڪٽر حامد علي خانائي ڏاڍي دلچسپ نموني پنهنجي ذوق ۽ دلچسپي سان ادبي تاريخ جي اصولن مطابق آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف سندس ادبي تحقيق جو معيار نظر اچي ٿو.

پير صاحب واري ڪم ۾ اُن کي ڪيترن ئي حوالن ۽ دليلن سان اضافو ڪيو آهي سو قابل تحسين آهي. ”الزليخا“ ۾ اڳ ۾ پيش ڪيل پراڻن ۽ ٻين ڇاپن جي وضاحت ۽ مختصر تعارف پيش ڪري هڪڙي تسلسل ۾ قلمي ۽ ڇاپي نسخن کي به ملايو آهي، جنهن مان سندس ادبي تحقيق وارو ذوق ۽ محنت تقاضا ڪري ٿي ۽ ٻئي طرف جملي معاملا جيڪي هن ڪتاب ۾ رهيل آهن انهن کي نئين شڪل ۾ پوري صحتمندي ۽ درست طريقي سان شامل ڪيو آهي. تحقيق ۽ ترتيب جي جائزي مان اها به ڳالهه نظر اچي ٿي ته ترتيب جي ڪم جي مڪمل ڪرڻ جي واٽ ۾ محقق کي ڪيترين ئي ڏکاين مان به گذرڻو پوي ٿو، جن مان ڪجهه مثال هي آهن:

محقق ”الزليخا“ جي ڇاپي ۽ قلمي نسخن جا اصل متن تلاش ڪيا آهن. اصل متن جي لاءِ محقق کي ڪنهن هڪ شهر يا مختلف شهرن جو سفر ڪرڻو پيو. ڇاڪاڻ جو گهربل متن هڪ جاءِ ملي سگهي ٿو، اڃان به ممڪن آهي، ته اهو ڇڙوڇڙ حالت ۾ مختلف جاين تان مليو آهي، ٻنهي صورتن ۾ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ڀڄ ڊُڪ مان سندس تحقيق وارو جذبو نظر اچي ٿو.

محقق کي ڪو هڪ قلمي يا ڇاپي وارو نسخو هڪ جڳھ تان ملي ٿو ته وري ٻئي جي تلاش ۾ لڳي وڃي ٿو، قلمي ۽ ڇاپي وارن نسخن جي ڀيٽ ڪري انهيءَ کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

محقق ڪتابن جي تحقيق ۽ ترتيب ۾ جديد انداز ۾ هن ڪتاب کي عملي طرح تحقيق ۽ ترتيب جو روپ ڏيئي ناول جي شڪل ۾ آندو آهي.

ڊاڪٽر حامد علي خانائي خاص طور پير حسام الدين راشدي، سيد عبدالحسين شاھ موسوي، ايڇ. ايم خوجا ۽ مولوي محمد طالب جي ڪم ۽ ڪارڪردگين کي عملي صورت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ متن جي تصحيح، متن جي ڇنڊ ڇاڻ، مرتب جي محنت، تحقيقي ۽ تنقيدي ترتيبي تجزيي کان ويندي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ تائين فوٽ نوٽن ۾ اهم تحقيق پيش ڪري پنهنجي قابليت کي اجاگر ڪيو آهي. اهو ضروري نه آهي ته هر هڪ محقق اهڙي طرح صحيح نموني سان حقيقتن کي ڳولي لهي ۽ مناسبت سان واقعن جي ترتيب ڏيڻ ۽ خالص منطقي نموني پنهنجي تحقيق ۽ ترتيب واري ڪم کي انهيءَ نهج تي پهچائي نتيجن ڪڍڻ جي اهڙي صلاحيت رکندو هجي. انهيءَ لاءِ اهو ضروري نه آهي ته هرهڪ محقق جي ذهني صلاحيت هڪ جهڙي هجي جو پنهنجي تحقيق ۽ ترتيب واري عمل ۾ پوري آدابن سان گڏ سموري تحقيق کي مرتب ڪري سگهي ۽ سموري ڪم تي مڪمل دسترس به رکندو هجي. بهرحال ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تحقيق ۽ ترتيب واري ڪم مان ان جي تحقيقي طريقيڪار جي واقفيت ۽ جذبو به نظر اچي ٿو. مذڪوره چئني ڪتابن جي تحقيق ۽ ترتيب ۾ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ذهني، فڪري صلاحيتون ۽ توانائي به نظر اچي ٿي ۽ ٻئي طرف سندس تحرير جو انداز ۽ اسلوب پرتاثير ۽ واقعن کي تسلسل سان انگن ۽ اکرن ۾ به بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا سندس تحقيق جي جان آهي انهيءَ تحقيق کي ڏسي ايئن چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته ڊاڪٽر حامد علي خانائي جو پڻ ادبي تحقيق جي حوالي سان وڏو درجو نظر اچو ٿو. هتي هڪ مثال سندس تحقيق مان پيش ڪريان ٿو ته هڪ علمي شخصيت مولانا قاضي نظر محمد ديهاتي بابت لکي ٿو ته: ”ساهتيءَ“ ۾ جيڪي عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، انهن مان قاضي نظر محمد سومرو ديهاتي به هڪ بلند پايي جو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. قاضي صاحب درويش صفت، بزرگ صورت، علم جو بحر، فيض جو درياھ، مرد ڪامل، عالم فاضل ۽ سر زمين سنڌ لاءِ هڪ املھ گوهر هو. “ (خانائي: ۲۰۰۶ع، ص، ۲۱۰).

هتي ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي لکيل اِنهيءَ شخصيت بابت جنهن نموني مراد ورتي وئي آهي ته جنهن مان هڪ عالم، اديب ۽ شاعر جي حالات، علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي بيان ڪيو ويو آهي. تن مان دين جي ٻين بزرگ هستين تي به قلم کنيو ويو آهي. مذڪوره شخصيت جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي متعارف ڪرائڻ جي مقصد کي مدنظر رکيو وڃي ته ان جو مقصد سنڌ جي ويجهي ماضي جي علمي شخصيتن جي ادبي خدمتن کي نمايان ڪري بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن جي ياد باقي رهي. اهڙي تحقيق ۾ ڊاڪٽر حامد علي، حاجي نظر محمد ديهاتي جي علمي، ادبي ڪارنامن کي ساراهيندي سندس تصنيفن ۱. مجموعه نظم ديهاتي، ۲. انوار الاحمديه في حالات المشائخ النقشبديه، ۳. احسن التقرير في جواب التحرير ۴. دارالمنظوم في تذڪرت المخدوم، ۵. رساله ابتدا سلوڪ جو مختصر تعارف پيش ڪيو آهي ۽ ان جي سوانح ۽ اولاد بابت ٻڌايو آهي ته: ”مولوي صاحب کي خداوند تعاليٰ ٻه فرزند مولوي غلام حسين ۽ مولوي ميان نور احمد عطا ڪيا. اهي ٻئي بزرگ پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلي، علمي ۽ ديني خدمت ڪندا رهن ٿا.“ (خانائي: ۲۰۰۶ع، ص، ۲۱۶)

هن وقت مولوي صاحب جا ٻئي فرزند به وفات ڪري چڪا آهن ۽ ديني فيض سندن پويان جاري رکيون پيا اچن. تحقيق ۾ صحتمند قدر ئي ترقي ڏانهن گامزن ڪندا آهن. ادبي دنيا ۾ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي قدرن جي آگاهي لاءِ ڪنهن به ادبي شخصيت جي زندگي جي دور ۾ ان جي علائقي جي متعلق اهم معلومات ڏني ويندي آهي ۽ مولوي نظر محمد ديهاتي ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي وڏڙن جا پاڻ ۾ علمي، ادبي علائقائي ۽ ڀائپي وارا تعلقات هئا ان نسبت سان به ته هي ٻئي ننڍڙا شهر خانواهڻ ۽ ديهات، ساهتي پرڳڻي جي تعلقي ڪنڍياري ۽ محرابپور تعلقي جي نَو لکي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هڪٻئي کان ٽن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آباد آهن. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنهنجي ڪتاب ”مقالات خانائي“ ۾ سنڌ جي مشهور ۽ معروف مختلف شخصيتن تي ويهه مقالا لکيا. انهن مقالن کي بشير احمد هيسباڻي ترتيب ڏئي ۲۰۰۶ع ۾ ڇپرايو آهي. هن سموري تحقيق ۾ ويهن اهم شخصيتن جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڪارنامن کي متعارف ڪرايو ويو آهي. سموري تحقيق مان جيڪي نتيجا آڏو آيا آهن تن کي هيٺ بيان ڪريون ٿا.

قريشي حامد علي خانائي هڪ محقق جي حيثيت ۾ تحقيق ۾ جيڪو بنيادي خاڪو ٺاهيو ويو آهي، اهو ڪتاب جي فهرست مان معلوم ڪري سگهجي ٿو. پيش لفظ کانپوءِ مهاڳ ۽ پوءِ شخصيتن جي احوال ۾ بيان ڪيل ڳالهين کي اڳ ۾ پيش ڪيل ڳالهين سان ملائي انهيءَ روشنيءَ ۾ اڀياس پيش ڪيو ويو آهي ۽ جتي ڪا کوٽ محسوس ڪئي اٿس ان جاءِ تي نشاندهي ڪئي وئي آهي. مثال طور: شيخ هوٿي لاکي بابت لکي ٿو ته: ”سنڌ جي ڪنهن به مورخ ۽ تذڪره نگار سندس آباءُ واجداد جي باري ۾ ڪوبه تفصيل سان احوال نه ڏنو آهي. البته سندس ڪماليت ۽ بزرگيءَ جي باري ۾ ڪافي حيرت ۾ وجهندڙ ڪرامتون ۽ روايتون بيان ٿيل ملن ٿيون. شيخ هوٿيءَ جو سڀ کان پهريائين سيد عبدالقادر رضوي نصرپوريءَ جي تاليف ”حديقته الاولياءَ سنڌ“ (سن ۱۰۱۶ھ/۱۶۰۷ع) ۾ تذڪرو ملي ٿو.“ (خانائي: ۲۰۰۶ع، ص، ۱۵)

جائزو:

ڪنهن به ڳالهه کي غير ضروري ڊيگھ ڏيڻ خامين جي ذمري ۾ ايندو آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي کي گهرجي ها ته وڌ ۾ وڌ حقيقي مفهوم کي مختصر لفظن ۾ چٽو ڪري ها ۽ غير ضروري اختصار کان به پنهنجي تحقيق کي بچائي ها ۽ غير ضروري تفصيل ڏيڻ کان به پاسو ڪيو وڃي ها، اهي تحقيق ۾ عيب هوندا آهن. ڊاڪٽر حامد علي خانائي کي گهرجي ها ته پنهنجي مواد ۾ اهم نقطن کي موزون ۽ اعتدال پسنديءَ سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ته اڃان به ڪي پهلو رهجي به نه وڃن ها ۽ ڪوبه غير اهم پهلو شامل نه ٿي سگهي ها ۽ آخر ۾ هُو پنهنجي طرفان ڪي اضافي پهلو اجاگر ڪري پيش ڪري ها ۽ رڳو ٻين جي حوالن کان پاسو ڪيو وڃي ها. مثال طور: مخدوم جعفر بوبڪائي جي شخصيت جي علمي ڪارنامن کي بيان ڪرڻ وقت رڳو، عربي ۽ فارسيءَ جي شعرن جي هڻ مار ڪري ڏني آهي، سندس موضوع جو مقصد سنڌي زبان کي اجاگر ڪرڻو آهي، پر مخدوم جعفر بوبڪائي جي ادبي ڪارنامن سنڌي زبان وارا رخ گهٽ نظر اچن ٿا. اسان سندس هن تحقيق ۾ ٽن اکرن تي ڌيان ڌريون ٿا ته اسان کي تنقيدي جائزي وٺڻ دوران اڀياس مان جيڪا ڳالهه آڏو آئي ته سندس تحقيق ۾ جيڪا سچائي پيش ڪيل آهي تن جي ثبوتن پيش ڪرڻ ۾ يقين ٿئي ٿو ته سندس تحقيق صحيح رخن ۾ هلي ٿي ۽ ٽنهي نقطن يعني سچائي، ثبوت ۽ يقين ۾ جذبو ڏٺو ويو آهي، سندس تحقيق جو بنياد ٽنهي نقطن تي استوار ٿيل آهي، سندس تحقيق مان هڪ سچائي جو ثبوت پيش ڪريون ٿا.

ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکي ٿو ته: ”محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (ٽيون ايڊيشن ۱۹۹۰ع، ص ۳۳۹) ۾ مخدوم جعفر جي والد جو نالو ”مخدوم يعقوب عرف مخدوم ميران“ ڄاڻايو آهي، جو درست نه آهي. مخدوم جي والد جو نالو ”مخدوم عبدالڪريم عرف ميران هو. مخدوم يعقوب سندس ڏاڏو هو.“ (خانائي: ۲۰۰۶ع، ص، ۲۶)

اسان وٽ اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته تحقيق ۾ به خوشامد کان ڪم ورتو ويندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ احترام سان ورتو ويندو آهي ۽ وٺڻ به گهرجي، پر سچائي کي پيش ڪرڻ وقت بهادري ۽ ثبوت گهرجن، اُن لاءِ قريشي حامد علي خانائي ٻاويهن حوالن ۽ فوٽ نوٽس ۾ ڪيترائي ثبوت پيش ڪري، يقين سان پنهنجي تحقيق پيش ڪري ٿو، جنهن جو اعتراف خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب به ڪيو آهي جيڪا ڳالهه هڪ ڪتاب ”ساهتي پرڳڻي جو وِهائُو تارو“ ۾ موجود آهي، سا ڳالهه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مذڪوره ڪتاب جي تاثرات مان معلوم ڪري سگهجي ٿي. جيئن تحقيق وارو ڪم هڪ لڳاتار عمل آهي، انسانن کي انهيءَ معرفت ڪيترن ئي نون واقعن جو علم حاصل ٿيندو رهندو آهي. ڇاڪاڻ جو تحقيق هڪ جاءِ تي بيٺل جامد عمل نه آهي، پر سدائين هر دور ۾ تحرڪ ۾ رهندڙ علم آهي، انهيءَ ذريعي معلومات تبديل ٿيندي رهندي آهي ۽ ڄاڻ ۾ اضافه ٿيندا رهندا آهن ۽ خاص طور تي پراڻا واقعا يا تاريخون اڪثر منجهيل نظر اچن ٿا ۽ تاريخي حقيقتون پردن ۾ لڪل به هونديون آهن. ڊاڪٽر حامد علي خانائي وڌيڪ لکي ٿو ته: ”مخدوم عبدالڪريم عرف ميران جي باري ۾ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو: ”مخدوم ميران ولد مولانا يعقوب، معقولي خواھ منقولي علمن جو جامع هو. مرزا شاھ حسن کي به ڪجهه وقت تعليم ڏني هئائين. اڪثر طالب، علم جو نور سندس روشن طبع جي فانوس مان وٺندا هئا. سن ۹۴۹ھ ۾ گذاري ويو. ”علامه وارث الانبياءِ“ سندس تاريخ آهي. هن جي مزار مڪلي ٽڪري تي آهي.“ انهيءَ بيان ۾ ڊاڪٽر حامد علي خانائي وڌيڪ چوي ٿو ته: ”اهڙيءَ طرح، مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي ٻين ڪتابن جهڙوڪ: ”مقالات الشعراءِ ۳. ۽ ”معيارِ سالڪانِ طريقت“ ۾ پڻ مخدوم ميران جو اهو ساڳيو ئي ”تحفته الڪرام“ وارو احوال بيان ڪيو آهي. مير ”قانع“ ٺٽويءَ مخدوم ميران کي ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن ۾ شمار ڪري سندس مدفن مڪلي ٽڪريءَ تي ڄاڻايو آهي. دراصل مخدوم ميران جو تعلق ”ٺٽي“ سان نه بلڪه ”بُوبڪن“ سان هو. مخدوم ميران ديني ۽ فقهي مسئلن جي بحث مباحثي جي سلسلي ۾ ٺٽي جي عالمن ۾ رهندو هو.“ (خانائي: ۲۰۰۶ع، ص، ص، ۲۸، ۲۹)

اهڙيءَ طرح اڄ جو تحقيقي نتيجو سڀاڻي غلط ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ هن عمل جو سلسلو جاري رهڻ ئي قومن لاءِ فائديمند آهي، سچائي جي تلاش ۾ انساني ڪاميابي جو وڏي ۾ وڏو ثبوت هي آهي ته هر دور ۾ نوان انقلاب ۽ نيون ڳالهيون بحث مباحثي هيٺ روان دوان رهن ته چڱو عمل پيدا ٿيندو رهندو. اسان ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ڪم کي مرڪز بڻائيندي ان ۾ سندس مختصر تحقيقي ڪم جي اسلوب ۽ بيان جو به جائزو ورتو آهي ۽ سندس تحقيقي ڪمن مان جا ڳالهه سامهون آئي آهي ته سندس تحقيق ڏانهن لاڙو ڏاڍو دلچسپ ۽ جذبي سان سرشار نظر اچي ٿو سا ڳالهه اسان کي سندس تحقيق مان معلوم ٿئي ٿي. ٻي سندس تحقيق مان اها به ڳالهه ڏٺي وئي ته جنهن به موضوع تي لکي ٿو ان ۾ موضوع کي توڙ تائين پهچائي ٿو جنهن ۾ عنوان جو نتيجو واضح ٿي بيهي ٿو ۽ تحقيق جو مفهوم ذهن ۾ واضح ٿي بيهي ٿو ۽ مقصد به سمجھ ۾ اچي ٿو ته ڪهڙي نئين ڄاڻ ڏنائين جو اڳ جي ڀيٽ ۾ نئين آهي. هر علمي، ادبي، سماجي ڪم جي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن انسان جو ڪارنامو ۽ انساني ذهن شامل هوندو آهي ۽ ڊاڪٽر حامد علي به انسانن جي عقلي ڪارنامن کي تحقيق ڪري پيش ڪري ٿو. مثال طور: هُن هڪ شخصيت، عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ جي شخصيت فن ۽ فڪر تي قلم فراسائي لاءِ سندس تحريرن کان ويندي زندگيءَ جي احوال ذڪر هيٺ آندو آهي ۽ گهربل مواد جي ڳولا ڪندي لکي ٿو ته: ”بهرحال، عبدالرزاق ”رفعت“ جو هٿ اکر لکيل هڪ ”بياض“ قلمي صورت ۾ سندس لائق پوٽي اڪرام الله ميمڻ کان ميسر ٿيو آهي، جنهن ۾ پڻ سندس ٿورو ڪلام ملي ٿو.“ (خانائي: ۲۰۰۶ع، ص،۲۴۶)

تنقيدي جائزو:

ان هٿ ڪيل بياض مان ڪي مثال پيش ڪري ٿو. تحقيق جي طالب علم کي ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي مختصر ڪم مان جنهن ڳالهه جي اڃان به ڪمي محسوس ٿي آهي سا هي آهي ته ان پنهنجي دور جي حالات ۽ واقعن کي تمام گهٽ ڇهيو آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تحقيق وارو زمانو ۱۹۶۲ع کان ۲۰۱۰ع تائين مشتمل آهي هن عرصي دوران سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۾ ڪافي نواڻ آئي آهي. انهيءَ عرصي جي جملي تحقيق ۾ ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنهنجي دور جي حالتن ۽ واقعن کي پنهنجي تحقيق ۾ جاءِ نه ڏني آهي، انهيءَ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو ۽ ڪابه روشني نٿي ملي ته هُو پنهنجي دور جي ادبي حالتن کي ڪيئن ٿو ڏسي ۽ ان جو پنهنجي دور بابت ڇا خيال آهي. هن جي تحقيق مان ادبي بصيرت واري روشني ته نظر اچي ٿي، پر سراسري طور تي هُو پنهنجي دور جي ادبي معاملن تي گهٽ لکي سگهيو آهي، سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي سنڌ جي ادبي دنيا ۾ جيڪا نواڻ آئي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ ڪيتريون ٻاهريون صنفون داخل ٿيون آهن تن ڳالهين کي گهٽ ڇهيو ويو آهي ۽ انهن معاملن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو آهي ۽ نه ئي ان بابت لکيو آهي نه ئي پنهنجي همعصر دور جي عالمن ۽ اديبن جي ڪم کي به متعارف ڪرايو آهي. جڏهن سندس تحقيق جو گهرو مطالعو ڪجي ٿو، تڏهن سندس تصنيفات يا مقالن جي اڀياس مان اطمينان ٿئي ٿو ته زندگي اڃان اجازت ڏئيس ها ته پنهنجي دور جا ادبي معاملا ضرور نڪري نروار ٿي بيهن ها. ڇاڪاڻ جو هُو پنهنجي دور جو اکين ڏٺو شاهد هو، ان ڪري اهي معاملا تڪليف وارا نه پئي محسوس ٿيا، پر ماضيءَ جي ڌنڌلن عڪسن، روايتن ۽ تاريخن کي درست ڪري پيش ڪرڻ انهن تاريخي واقعن کي سڌارڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي، جنهن لاءِ مواد جي ڳولا ۽ ان جو مطالعو گهڻي کان گهڻو ڪرڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ جو جڏهن ماضي جون غلط روايتون پنهنجون پاڙون پختيون ڪنديون آهن تڏهن انهن کي پٽي ٻاهر اڇلائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ اهي روايتون ماڻهن کان ڏکيون وسرنديون آهن تنهنڪري انهن ڳالهين کي سچائي سان پيش ڪرڻ لاءِ ڪيئي سچايون پيش ڪرڻيون پونديون آهن ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي ايئن ئي ڪندي تحقيق ۾ غلط ڳالهين کي مارڪ ڪري، پراڻن ادبي معاملن ۽ مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ گهڻن ئي احوالن يا ماخذن جي چونڊ ۾ انتهائي خبرداري سان ڪم کي اڳتي وڌائي غلط شين کي درست رخ ڏانهن تحقيقي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اهي ڳالهيون موجوده دور ۾ ڌيان ڇڪرائين ٿيون، ٻئي طرف قريشي حامد علي خانائي جي تحقيق مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته سندس تحقيق ۾ نهايت ئي اهم ۽ ضروري معلومات حاشين ۾ ڏني وئي آهي. سندس تحقيق مان اهو به نظر اچي ٿو ته مواد جي معلومات ڏيڻ وقت هڪ هڪ شيءِ کي ڏسڻ چڪاسڻ ۾ ڏاڍو محتاط نظر اچي ٿو. ڪنهن به ڪتاب جي حوالي يا اقتباس کي نقل ڪرڻ وقت گهڻي کان گهڻو احتياط پسندي جو مظاهرو ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو جنهن محقق جو حوالو کنيو آهي ته ان ۾ احتياط کان ڪم ورتو آهي ۽ جنهن محقق جي اقتباس يا حوالي ڏيڻ ۾ بي احتياطي جو مظاهرو ڪيو ته ايئن سمجهبو ته ان جو تحقيقي ڪم شڪي آهي، هي بنيادي عمل آهي ۽ تحقيق جي پيڙھ انهن شين تي ٻڌل هوندي آهي ۽ تحقيق جي عمارت جو دارو مدار هڪ نقطي تي هوندو آهي، اصل ڪتاب يا مقالي تان جيڪا شيءِ نقل ڪئي ويندي آهي ان جي وڏي اهميت هوندي آهي. جڏهن محقق ڪابه عبارت نقل ڪندو آهي اتان لفظ به لفظ نقل ڪري ٿو، ايتري قدر جو اعراب جو به خيال رکيو ويندو جيئن اصل شيءِ ۾ ڪابه خيانت يا بي احتياطي نظر نه اچي، نه ته اها تحقيق شڪي ٿي پوندي ۽ ايتري قدر جو محقق جي پاران اتاري ويندڙ عبارت ۾ معمولي به واڌارو يا گهٽتائي هڪ سنگين غلطي تصور ڪئي ويندي آهي. هر محقق جڏهن ٻئي جي ڳالهه نقل ڪندو آهي ته انهيءَ کي هميشه ٻٽين واڪ جي نشانين ”...“ ۾ رکي آخر ۾ ان کي واوين (...) ۾ رکندو آهي ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي حاشين ۾ ان جي ڪٿي ڪٿي وضاحت به ڪئي آهي، ان جو هڪ سبب هي به آهي ته اقتباس يا حوالي جي عبارت ڪهڙي ڪتاب ڪهڙي مقالي جي ڪهڙي صفحي تان کنئي وئي آهي ۽ اهو ڪتاب ڪنهن لکيو؟ ڪنهن شايع ڪيو ۽ ڪهڙي جڳھ تان شايع ٿيو. حاشي ۾ هي معلومات درج ڪندي محقق احتياط پسندي سان ڪم ڪيو آهي. حوالي ۽ اقتباس جي لاءِ ماخذ ۾ اها ڳالهه ضروري نه هوندي آهي ته حوالو مضبوط آهي يا نه ان جو تحقيق تي ڪوبه فرق نٿو پوي، محقق لاءِ ان طرح جي ڪابه پابندي نه آهي.

ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ادبي خدمتن ۾ هڪ ڪتاب “سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ادبي خدمتون” جائزي هيٺ رهيو آهي، جنهن ۾ محقق سنڌ جي مختلف تاريخ ساز شخصيتن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کان اسان کي واقف ڪرايو آهي انهن ۾ سنڌي ادب جي هڪ معروف ۽ مشهور شخصيت مولانا عبدالواحد سنڌي بابت به ڄاڻ ڏني آهي ان بابت لکي ٿو ته: “سنڌ جي سر زمين هر دور ۽ هر زماني ۾ اهڙا بلند پايي جا عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن، جن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن سان سنڌ جي تاريخ جا باب ڀريا پيا آهن. اتر سنڌ جو حصو پڻ سنڌ جي ٻين حصن وانگر هميشه کان مردم خيز خطو رهيو آهي. اتر سنڌ جي “انڍڙ” خاندان سنڌ جي علمي ادبي، مذهبي ۽ سياسي ڪارنامن جا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. مولانا عبدالواحد سنڌي به انهيءَ خاندان جو چشم چراغ هو.” (خانائي: ۲۰۱۶ع، ص، ۲۹۰)

ڊاڪٽر حامد علي خانائي وڌيڪ لکي ٿو ته: ”مولانا عبدالواحد سنڌي سن ۱۹۱۲ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ”ڀليڏني تعلقي پني عاقل ضلعي سکر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو عبدالوارث عرف وارث ڏنو انڍڙ هو... ۱۵ نومبر ۱۹۴۸ع تي پاڪستان جي آبادڪاريءَ واري وزارت طرفان ”نئين زندگي“ نالي پندرهن روز بُليٽن جاري ٿي. فضل الحق قريشي ان جو ايڊيٽر ۽ مولانا عبدالواحد سنڌي اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيا. جنوري ۱۹۵۰ع ۾ انهيءَ ساڳئي بُليٽن کي ماهوار ادبي رسالو بڻايو ويو ۽ ان کي وزارت اطلاعات ۽ نشريات جي سپرد ڪيو ويو. مولانا عبدالواحد سنڌي ان جو باقاعدي ايڊيٽر مقرر ٿيو... مولانا ۳ جنوري ۱۹۸۸ع ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.“ (خانائي: ۲۰۱۶ع، ص، ص، ۲۹۰، ۲۹۱)

اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر حامد علي، مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي ادبي خدمتن جو تعارف پيش ڪيو آهي ۽ پير حسام الدين راشدي، غلام محمد شاهواڻي، غلام نبي ميمڻ، مُنشي عبدالشڪور، رحيم بخش ميمڻ، مسز عبدالرزاق مغل جي مختصر سوانح ۽ علمي ادبي ڪارگذارين کي متعارف ڪرايو آهي ۽ انهن عظيم شخصيتن جي ادبي ڪمن جو اڀياس ڪندي تن کان متاثر به ٿيو آهي. انهن جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌيڪ تحقيق ڪري پيش به ڪيو آهي. مثال طور: سندس هڪ مقالو ”سنڌ جو شاهنامو“ بابت ملي ٿو، اِن کان اڳ ۾ جنهن عالم جو ان بابت ڪم ٿيل هو، سو هو غلام نبي ميمڻ ان بابت ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکي ٿو ته: ”پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ ”پياسي“ تخلص استعمال ڪندو هو. هُن ۱۹۳۸ع ۾ هزهائينس مير حسن علي خان جي مشهور تصنيف ”سنڌ جي شاهنامي” کي مرتب (ايڊٽ) ڪيو ۽ ان تي عالماڻي انداز ۾ مقدمو ۽ ان سان گڏ شرح پڻ تيار ڪئي، جنهن کي ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ طرفان ڇپايو ويو.“ (خانائي: ۲۰۱۶ع، ص، ۲۹۵)

ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تحقيق جو سلسلو هڪ معياري شڪل جو ڏيک ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ جو انهن عظيم شخصيتن جي علمي، ادبي، سياسي ثقافتي خدمتن سان گڏ سندن تصويرون پيش ڪيون آهن. جيئن مٿي غلام نبي ميمڻ جو ذڪر ڪيو اٿم. ڊاڪٽر حامد علي خانائي ان جي تصوير سان گڏ تعارف پيش ڪيو آهي. وڌيڪ ڪتاب جي صفحي نمبر ۲۹۶ جي فوٽ نوٽ ۾ لکي ٿو ته: ”هزهائينس مير حسن علي ٽالپر سنڌ جي آخري تاجدار مير نصير خان ٽالپر جو فرزند هو. ۱۸۴۳ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ ۾ سنڌ جي ٽالپر گهراڻي جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ انگريزن سنڌ جي ٽالپرن کي پُوني ۽ ڪلڪتي ۾ قيد رکيو. مير حسن علي خان پڻ پنهنجي گهراڻن جي اميرن سان گڏ ڪلڪتي ۾ بند رهيو. سن ۱۸۶۳ع ڌاري اُتان آزاد ٿي، پنهنجي وطن سنڌ موٽي آيو ۽ پنهنجي اباڻي شهر حيدرآباد ۾ اچي رهيو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس استاد آخوند محمد قاسم هالائي، سيد غلام محمد شاھ ”گدا“ هئا. مير صاحب سنڌي زبان ۾ غزل، سلام ۽ قصيدا چيا آهن، پر سندس علمي شاهڪار ”شاهنامه سنڌ“ آهي. مير صاحب پنهنجي هن ڪتاب ۾ فردوسي واري ”شاهنامه“ جو اهو ساڳيو انداز قائم رکيو آهي. هُن انهيءَ شاهنامي ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي جنگ نامي جو ذڪر ڪيو آهي.“ (خانائي: ۲۰۱۶ع، ص، ۹۵)

ڊاڪٽر حامد علي خانائي جون جيڪي ادبي شاهڪار تصنيفون ملن ٿيون تن ۾ سندس تحقيق جو انداز ۽ جذبو ٻئي نظر اچن ٿا اهڙو جذبو ۽ تحقيق جو طريقيڪار سندس هڪ تصنيف ”تاريخ نصرپور“ مان ملي ٿو انهيءَ مان ڪي مثال پيش ڪريون ٿا. مذڪوره ڪتاب جي ڏهن ئي بابن ۾ نصرپور جي تاريخ، جاگرافي، علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي تاريخ کي موتين جي لڙهي ۾ پوئي خوبصورت بڻائي پيش ڪيو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙن ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو سندس تحقيق ۽ تنقيد جي هڪ منفرد انداز سان ڪتاب کي مڪمل ڪيو آهي. ڊاڪٽر حامد علي هڪ عنوان ”نصرپور شهر جي آباد ٿيڻ جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”اڪثر مورخ ۽ تاريخدان غلط فهمي جو شڪار ٿي هن شهر جي آباد ٿيڻ جي ڏس ۾ الڳ الڳ نظريا ۽ رايا بيان ڪيا آهن، جنهنڪري هن شهر جي وجود ۾ اچڻ لاءِ منجهائيندڙ ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن.“ (خانائي: ۲۰۱۴ع، ص، ۵۵)

جائزو:

ڊاڪٽر حامد علي خانائي هڪ محقق ۽ نقاد جي حيثيت سان پنهنجي موضوعن ۾ اڳ ۾ پيش ڪيل تحقيق جو جائزو وٺي، ان کانپوءِ جيڪا تحقيق پيش ڪئي ۽ جن ڳالهين جو خال محسوس ڪيائين تن منجهائيندڙ ڳالهين کي حوالن ۽ مثالن جي روشنيءَ ۾ پرکي ڇنڊي ڇاڻي ان جي ازالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن ايندڙ نسل انهن غلطين کي ٻيهر نه ورجائي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي ”تاريخ نصرپور“ جي حاشيي ۾ اڳ ۾ لکيل ڪتابن ۽ مورخن ايلئيٽ ”آئين اڪبري“ جي مصنف علامه ابوالفضل جي ڪم کي سامهون رکي درستگيون ڪري ٿو ۽ مذڪوره ڪتاب جي صفحي ۵۶ ۽ ۵۷ جي تعليقات ۾ ڪيترن ئي حوالن جي روشني ۾ اڳ ۾ پيش ڪيل ڳالهين کي مختلف ڪتابن ۽ رسالن مان انهن کي بحث هيٺ آڻي ڪتاب کي دلچسپ بڻايو ويو آهي. ڪتاب نصرپور جي تاريخ ۽ ادب بابت هڪ وڏو ذخيرو آهي، جيڪو ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي بدولت ظاهر ٿيو آهي. اهڙو تاريخي ڪم اڄ تائين ڪنهن به محقق ۽ مورخ کان نه ٿي سگهيو آهي. سمورو ڪتاب علمي، ادبي ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ مجموعو آهي. قديم دور جي تهذيبي ۽ تمدني حالتن کان ويندي موجوده دور جي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ کي اجاگر ڪرڻ تي محقق کيرون لهڻي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تحقيق ۽ ترتيب ۾ مقدما وڏي اهميت رکندڙ آهن. مثال طور: هڪ ڪتاب آهي ”فُتوحات فيروز شاهي“ جنهن جو سنڌيڪار آهي، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ۽ هن ڪتاب جو تاليف ڪندڙ آهي، سلطان فيروز شاھ تُغلق (۱۳۰۹ع-۱۳۸۸ع). هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکيو آهي، هن مقدمي ۾ حاشيا ۽ تعليقات ڏنل آهن، جنهن جي جائزي وٺڻ دوران اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ڊاڪٽر حامد علي خانائي هڪ قابل مقدما نگار هو ۽ هُو پوري طرح هن فن کان واقف هو، تنهنڪري پنهنجي وسيع مطالعي سان يارنهن صفحن جو مقدمو سندس مطالعي جي گواهي پيش ڪري ٿو.

تاريخ نويس:

قريشي حامد علي خانائي چوي ٿو ته: ”دراصل سنڌي ادبي بورڊ پاران جڏهن ٽماهي رسالو ”مهراڻ“ نڪرڻ شروع ٿيو ته ان ۾ پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين برک مورخن جي ڇپيل مقالن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ان کان اڳ ۾ مون کي رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جي تواريخ ۽ تحقيقي لکڻين متاثر ڪيو. اهڙيءَ طرح مون ۾ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو.“ (هيسباڻي: ۲۰۱۱ع، ص، ۱۸)

قريشي حامد علي خانائي چوي ٿو ته: ”تواريخ جنهن دور سان واسطو رکندي آهي، اها اُن دور جو آئينو هوندي آهي. جهڙي طرح آئيني ۾ شڪل شباهت ڏسي نقص دُور ڪبا آهن تيئن تواريخ جي آئيني ۾ جهاتي پائي لاڳاپيل دور جون ڪوتاهيون ڏسبيون آهن ۽ انهن جو علاج سوچبو آهي. سياسي، تهذيبي، تمدني ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪنهن دور ۾ ڇا وهيو واپريو، ان ڄاڻ کي تاريخ چئبو آهي.“ (هيسباڻي: ۲۰۱۱ع، ص، ۲۰)

جيئن ته قريشي حامد علي خانائي تاريخ رقم ڪرڻ ۽ ان جي لوازمات کان پوري طرح واقفيت رکندڙ عالم هو. ان تي ادراڪ حاصل رهيس ان تاريخي تبحر ڪري تاريخ ۾ مواد ۽ عنوان جي چونڊ ۽ سندس تحقيقي مقالن مان جيڪو نتيجو حاصل ڪيائين تن کي سنڌ جي اڪثر تاريخ نويسن ڏاڍو ساراهيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو هرهڪ پهلو چٽو ڪري پيش ڪندو رهيو آهي. راقم الحروف جڏهن سندس تاريخ تي لکيل مقالن جو اڀياس ڪيو ته ان ۾ هُو هرهڪ مقالي جي لکڻ وقت ڪيترائي ماخذ استعمال ڪري، اُنهن جي روشني ۾ جامع نموني معلومات ڏيئي مختلف رخن کان اهم ڄاڻ کي پيش ڪري ٿو.

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي جي چوڻ تي سن ۱۹۶۱ع کان تاريخ جي طرف ڌيان ڏنو ۽ اهو سلسلو سن ۲۰۱۰ع تائين تاريخ سان گڏ تنقيد، علم ادب ۽ عام معلومات تي سترهن ڪتاب ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا. انهيءَ تاريخي ڪم جي ابتدا روزاني ”عبرت“ اخبار کان ٿي. ان وقت اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد هو جنهن جي نظر هيٺ مضمون ڇپيو. تنهن کانپوءِ پير صاحب سان هن جي ويجهڙائي ٿي ۽ ٻي طرف تحقيق جي جائزي ۾ معلومات ملي ٿي ته قريشي حامد علي جي چاچي قاضي غلام نبي قريشي ۽ سندس والد ميان محمد يعقوب ”صابر“ قريشي جا مولانا غلام محمد گرامي مرحوم سان سٺا لاڳاپا هئا، ان ڪري مولانا گرامي، قريشي حامد علي کي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ لاءِ ادبي، تنقيدي ۽ تاريخي مضمون موڪلڻ لاءِ آماده ڪيو. اُن کانپوءِ قريشي حامد علي جي رسالي ”مهراڻ“ نمبر ۱ ۾ پهريون مقالو ”ڪوٽڙي ڪبير“ جي عنوان سان شايع ٿيو. انهيءَ کانپوءِ وقت بوقت ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ ۾ باقاعدي مقالي لکڻ جو سلسلو شروع ٿيو. اسان جي تحقيق مطابق سن ۲۰۰۰ع تائين ڪل ستيتاليھ مقالا شايع ٿيا.

ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي لکيل تاريخ جا موضوع، سورما ڪي بادشاھ يا امير ڪونه آهن علم وارا، عقل وارا، حڪيم ۽ طبيب، مفڪر، مذهبي عالم، استاد ۽ سنڌ جا اهي ماڳ مڪان جتي علم ۽ شعور جا چرچا ۽ ڳالهيون هيون، انهن کي ئي پنهنجي ذهن جي خوراڪ سمجهي ان طرف ڌيان ڌريو. ڇاڪاڻ جو قريشي حامد علي خانائي تي پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيد حسام الدين شاھ راشدي، مولانا غلام محمد گرامي، رحيمداد خان مولائي شيدائي ۽ پروفيسر عبدالله خان مگسي جو تمام گهرو اثر هو ۽ ٻئي طرف دنيا جي مڃيل وڏن مورخن جي تصنيفات جي گهري مطالعي ڪري فڪري سوچ پيدا ٿي، جنهن ڪري سندس تاريخ جي موضوعن ۾ تاريخ جي خدمتن ۾ تاريخ جي رخ مقرر ڪرڻ ۾ ڀڙ نظر اچي ٿو. سندس موضوعن جي چونڊ جي جائزي مان سند ۽ صداقت جا اصول نظر اچن ٿا ته وري ٻئي طرف سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۽ ماحول جي صحيح معلومات ڏيڻ جي هر ڪوشش ڪئي آهي ۽ واقعن جي مطابقت سمجهڻ لاءِ ڪن واقعن کي نمايان ڪري زياده کان زياده مثالن، دليلن ۽ احوالن کان مدد حاصل ڪري فائدو حاصل ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ سندس جفاڪشي ڏٺي وئي آهي. تاريخي مواد ۽ ماخذن تائين پهچ حاصل ڪري، ان مواد ۾ مڪتوبن، سَندُن ۽ ٻين ذريعن کي آڏو آڻي پراڻي وقت جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪري نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ محتاط انداز ۾ پراڻي دور جي علمي خاندان جا سوانح شُجرا ۽ انهن جي علمي ۽ ادبي ڪم جو احاطو ڪري نتيجا حاصل ڪيا آهن.

دنيا ۾ جيڪي به ترقي يافته، مهذب ۽ تمدن ڀريون ٻوليون آهن، تن سڀني جي علم ۽ ادب جي ابتدا اڪثر ڪري نظم کان ئي ٿي آهي ۽ نثر پوءِ وجود ۾ آيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب ۾ تنظيم جو ذخيرو قديم زماني کان وٺي ڪافي ملي ٿو، ليڪن نظم جي ڀيٽ ۾ نثر جي متعلق ڪو به صحيح ۽ مستند احوال اڃان تائين ملي نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي زندگيءَ جي روزمره جي وهنوار ۾ گفتگو نثر ۾ ئي ڪري ٿو، ان ڪري اهو لازمي آهي ته قديم دور ۾ سنڌ ملڪ جو عوام نثر ۾ ئي پنهنجي زندگيءَ جي هر وهنوار کي نبيريندو رهيو هوندو، پر وقت جي انقلابن ۽ ڦيرين گهيرين جي ڪري ان جي صحيح ۽ پوري صورت دستياب نه ٿي سگهي آهي. سنڌ جي قديم دور جو تاريخي احوال گهڻي ڀاڱي زباني روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ ڪوبه پورو تصديق وارو احوال ملي نه سگهيو آهي. تاريخ جي ورقن کي اٿلائڻ سان اها خبر چڱيءَ طرح سان پوي ٿي ته سنڌ ۾ چار هزار ورهيه اڳ ۾ جيڪا ٻولي ۽ رسم الخط رائج هئا، ان جو نمونو موئن جي دڙي مان هٿ آيل ڪتبن ۽ مهرن جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو، پر هن وقت تائين انهيءَ پراڻي تحريڪ کي ڪوبه عالم صحيح ۽ درست نموني ۾ پڙهي ۽ حل ڪري، ڪابه مستند راءِ قائم ڪري نه سگهيو آهي.

سنڌي زبان، سنڌ ملڪ جي قديم زبان آهي ۽ ان ۾ ضرور شعر شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر به وجود ۾ آيو هوندو. عربن جي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ هن ملڪ ۾ هندو برهمڻ حڪومت قائم هئي ۽ عربن جي حملي وقت سنڌ ۾ سنڌي ٻولي رواج ۾ هئي. سنسڪرت سندن مذهبي ۽ مقدس زبان هئي، جيڪا سنڌ اندر رائج هئي. لکڻ پڙهڻ به انهيءَ ٻوليءَ ۾ ٿيندو هو. علمي ۽ ادبي لحاظ کان ان قديم هندو دور جو ادب ڀڄنن، ڏند ڪٿائن ۽ ناٽڪن جي صورت ۾ ملي ٿو، جو نثر ۽ نظم جي شڪل ۾ هو. ان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ان هندو دور ۾ به نثر هو ۽ جيڪا سنڌي ٻولي ان وقت ۾ رائج هئي، اها موجوده سنڌيءَ جهڙي هئي، ليڪن ان جي صحيح صورت ۽ ساخت جي ڪابه پروڙ پئجي ڪانه سگهي آهي. چچنامہ ۾ ڪي اهڙا لفظ ۽ جملا ملن ٿا، جيڪي هن وقت جي مروج سنڌي زبان ۾ به آهن ليڪن وقت گذرندي اڄ اسان کي ان اوائلي دور جو ڪوبه علمي ۽ ادبي ذخيرو هٿ لڳي نه سگهيو آهي.

ٽين ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ جيڪي عرب ۽ عالم سياح سنڌ ۾ آيا، تن جي احوالن ۽ تذڪرن مان اهو پوريءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي زبان، سنڌ ملڪ جي قومي ۽ ملڪي زبان هئي. بزرگ بن شهريار ”ڪتاب الهند“ ۾ هن طرح سان لکي ٿو ته: ”الور جي هڪ هندو راجا منصوره جي مسلمان حاڪم عبدالله بن عمر هباري ڏي لکي موڪليو ته قرآن پاڪ ۽ مذهب اسلام جي عقيدن ۽ تعليم تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکرائي ڏانهنس موڪلي. عبدالله هڪ عراقي نسل جي سنڌي عالم کان ڪلام پاڪ ترجمو ۽ اسلامي عقيدن ۽ تعليم تي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي موڪليا. پهريون ڪتاب سنڌي نثر ۾ ۽ پويون نظم ۾ هو. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته چوٿين صدي هجريءَ دوران سنڌ ۾ سنڌي نثر به نظم سان گڏ موجود هو ۽ اهو ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ لکيو به ويندو هو، پر ان مان اها خبر پئجي نٿي سگهي ته انهيءَ آڳاٽي نثر جي صورت ڪهڙي هئي.

حوالا:

(۱) قريشي خانائي حامد علي ڊاڪٽر ساهتي پرڳڻي جو وهائُو سوانح حيات علمي ۽ ادبي خدمتون مرتب: هيسباڻي بشير احمد (ڇاپو پهريون)، ۲۰۱۱ع، مطبوعه ساهتي ادبي اڪيڊمي نوابشاھ سنڌ.

(۲) ايضاً.

(۳) قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر مقالات خانائي (جلد پهريون) مرتب: بشير احمد هيسباڻي (ڇاپو پهريون) ۲۰۰۶ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

(۴) ايضاً.

(۵) ايضاً.

(۶) ايضاً.

(۷) ايضاً.

(۸) قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ادبي خدمتون تحقيق ۽ ترتيب: بشير احمد هيسباڻي (ڇاپو پهريون) ۲۰۱۶ع مطبوعه ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومت سنڌ پاڪستان.

(۹) ايضاً.

(۱۰) ايضاً.

(۱۱) ايضاً.

(۱۲) ايضاً.

(۱۳) قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر تاريخ نصرپور سهيڙيندڙ ۽ سنواريندڙ: بشير احمد هيسباڻي (ڇاپو پهريون) ۲۰۱۴ع مطبوعه: ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج، ريسرچ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومت سنڌ.

(۱۴) قريشي حامدعلي خانائي ڊاڪٽر سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ادبي خدمتون تحقيق ۽ ترتيب: بشير احمد هيسباڻي (ڇاپو پهريون) ۲۰۱۶ع مطبوعه ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومت سنڌ پاڪستان.

(۱۵) ايضاً.

 

(ماھوار آنلائين ھمسري حيدرآباد ۾ آڪٽوبر ۽ نومبر ۲۰۲۲ع ۽ جنوري ۲۰۲۳ع ۾ ٽن قسطن اندر ڇپيل)



قريشي حامد علي خانائي

برک تاريخدان جي ورسي

اسد ڪيريو

اڄ ساھتي پرڳڻي جي شھر خانواھڻ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي برک عالم، اديب، محقق ۽ تاريخدان قريشي حامد علي خانائي جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، سنڌ جي ھن جيد عالم، محقق ۽ تاريخدان ۶- جنوري ۱۹۳۴ع ڌاري پنھنجي ناناڻي ڳوٺ بھلاڻي لڳ ڪنڊيارو ۾ حڪيم قاضي محمد يعقوب ”صابر“ قريشيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏاڻو ڪيڙ ڪٽنب خانواھڻ جو رھائشي ھو.

پر قريشي حامد علي خانائي پنھنجي روزگار سانگي زندگي جو تمام وڏو حصو نوابشاھ ۾ گذاريو. قريشي حامد علي خانائي لڳ ڀڳ ۱۹۵۵ع ڌاري ادب، تحقيق طرف راغب ٿيو ۽ پنھنجي عالمانہ تحقيق جي بنياد تي نه رڳو ساھتي پرڳڻي، ان ۾ موجود تاريخي ماڳن، مڪانن ۽ ڪوٽ قلعن تي تحقيقي مقالا لکيائين پر نصرپور ۽ روھڙي جي تاريخ، ادب ۽ مشاھيرن بابت پڻ وڏو ڪم ڪيائين، سنڌ جي برک عالم علامہ غلام مصطفي قاسميء جي نظرداريءَ ۾ ساھتيء پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز جھڙو شاندار مقالو لکي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پي ايڇ ڊي ڪيائين.

سندس شاندار قلمي پورهئي مان: “ضلعو نوابشاھ تاريخي شھر ۽ شخصيتون، تذڪره سادات روھڙي، الزليخا، تذڪره پوراني سادات سکر، ايڇ ايم خواجه ھڪ مثالي استاد، تاريخ نصرپور، وکريل وٿون وغيره وغيره ڇپيل آهن.“ جڏھن ته سندس اڃا ڪافي تحقيقي ڪم قلمي صورت ۾ پيل آھي.

سندس ذات، زندگي ۽ مجموعي ڪيل ڪم تي مختلف اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي لکڻين کي سهيڙي “ساھتي پرڳڻي جو وھائو تارو” جي سري سان ڪتاب پڻ آيل آھي، جنھن کي سائين بشير احمد هيسباڻي مرتب ڪري ڇپايو.

قريشي ڊاڪٽر حامد علي خانائي ھڪ اصول پرست، سچو، کرو، سادو ۽ گھڻو پرھيزگار شخص ھو. ساڻس نوابشاھ جي تاريخ جي حوالي سان کوڙ ساريون ڪچھريون رھيون. پنھنجي پوري حياتي علم، ادب ۽ تحقيق لاء وقف ڪندڙ ھن برک عالم اڄ کان ۱۳- سال اڳ اڄوڪي تاريخ ۱۵- مارچ ۲۰۱۰ع تي وفات ڪئي ۽ پنھنجي اباڻي ڳوٺ خانواھڻ جي پير قراري واري قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي.

 

(اسد ڪيريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ مارچ ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا