قريشي ڊاڪٽر حامد علي خانائي
سنڌ ۽ ساهتيءَ جو سپوت
صدين کان هيءَ مهراڻ جي مٽي اهڙن مهميرن ۽ سنڌ جي سپوتن کي جنم ڏيندي رهي آهي، جن جو پنهنجي ماتر ڀومي جي سهڻي سڀيتا ۽ ديس جي هر دردوند سان بي پناهه عشق ڪرڻ ئي فطري اصول رهيو آهي. اهڙن اڏول انسانن منجهان، ساهتيءَ جو سپوت، محقق، دانشور قريشي ڊاڪٽر حامد علي خانائي به هڪ هيو. جنهن مني صدي اڳ، ساهتي پرڳڻي جي قديم شهر خانواهڻ ۾ سنڌي زبان جي نامياري شاعر ۽ نثر نويس حڪيم قاضي محمد يعقوب ‘صابر’ قريشيءَ جي گهرڙي ۾ ۶ جنوري ۱۹۳۴ع ڌاري اک کولي. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر خانواهڻ ۾ پنهنجي ڏاڏي قاضي امام بخش جي مڪتب ۾ حاصل ڪيائين. جڏهن ته نوابشاهه جي هاءِ اسڪول مان ۱۹۵۴ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري ۱۹۶۵ع ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ جي قديم ساهتي پرڳڻي جي تاريخ، ادب ۽ مشاهدن تي وڏي محنت ۽ تحقيق سان هڪ تفصيلي ۽ علمي مقالو “ساهتيءَ جا قديم مرڪز” جي نالي سان لکي، پي ايڇ ڊي “تحقيقي ڊاڪٽري” جي ڊگري حاصل ڪئي. خانائي صاحب ڪيترو ئي وقت، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه ۾ سنڌي شعبي جو استاد رهيو.
