ٻريا ٻه پل وسامڻ کان اڳ ۾
يوسف سنڌي
اهي
لفظ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي پهرينءَ شعري مجموعي “رڳون ٿيون رباب” جي مهاڳ ۾
لکيا آهن، جيڪڏهن تنوير عباسيءَ جي زندگيءَ کي انهن لفظن تي پرکبو ته انهن تي پوري
لهندي نظر ايندي.
تنوير
عباسيءَ جو اصل نالو “نور نبي عباسي” آهي ۽ ‘تنوير’ تخلص اٿس. خيرپور ضلعي (ان وقت
رياست) جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ گل حسن عباسي جي گهر ۾ 7 ڊسمبر 1934ع تي ڄائو. پرائمري
تعليم نوشهري فيروز ۾ شروع ڪيائين. ٻئين درجي کان مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشوري مان ايم-بي-بي-ايس جو امتحان پاس ڪيائين. ان
وقت کان وٺي، پنهنجي وفات کان ٻه هفتا اڳ تائين، پاڻ خيرپور ۾ رهيو ۽ خانگي اسپتال
هلائيندو رهيو.
تنوير
عباسيءَ جو پهريون شعر “فنڪار” (حيدرآباد) ۾ 1950ع ۾ ڇپيو. ‘تنوير’ کان اڳ پاڻ
“مغموم” تخلص استعمال ڪندو هو. سندس پهريون شعري مجموعو “رڳون ٿيون رباب” 1958ع ۾
ڇپيو. تنوير عباسي شاعري کان سواءِ تحقيق، تدوين، ترتيب، اڀياس، سفرناما لکيا۽
ترجما پڻ ڪيا. انهيءَ کان سواءِ پاڻ هڪ ڪهاڻي “لوئي” پڻ لکيائين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ
جي سٺين ڪهاڻي ۾ شمار ٿئي ٿي، جيڪا ٽماهي “مهراڻ” ۾ ڇپي. ان کان سواءِ، پنهنجي
شروعاتي ادبي زندگيءَ ۾ هڪ ناول پڻ لکيائين، جيڪو اڻ ڇپيل ئي رهيو. سندس ڪجهه
شاعري انگريزي ،پنجابي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپي.
تنوير
عباسي ڪيترن ئي ادبي ادارن جو صلاڪار ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ سچل چيئر،
شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو صلاڪار ۽ ڊائريڪٽر ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سچل اڪيدمي
خيرپور، ميمبر-بورڊ آف ايڊوائيزر سنڌالاجي، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر سنڌي
ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ميمبر ريجنل ايڊوائيزري ڪاميٽي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽
سيڪريٽري “سچل يادگار ڪميٽي سنڌ” شامل آهن.
ڊاڪٽر
تنوير عباسي، شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ سچل چيئر جوخيال ڏيندڙ ۽ اُن جو سربراهه رهيو
۽ سنڌي شعبي ۾ ايم-فل ۽ پي-ايڇ-ڊي جي اسڪروٽني ڪاميٽي جو ميمبر ۽ اعزازي ليڪچرار
پڻ رهيو.
ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ جو نالو ٻه ڀيرا لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور نامزد
ٿيو، پر تر جي با اثر قوتن جي سخت مخالفت سبب، کيس انهي عهدي تي اچڻ نه ڏنو ويو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي، 1966ع کان 1969ع تائين، سنڌي ادبي سنگت جو
سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو ۽ سنگت جي شاخن ۽ مرڪز جي جوڙ-جڪ ۽ ڪار-وهنوار ۾ اهم ڪردار
ادا ڪيو.
تنوير
عباسيءَ لکڻ جي شروعات شاعري کان ڪئي، پر اڳتي هلي سندس ڌيان تخليق کان وڌيڪ تحقيق
ڏانهن ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ لطيفيات، سچليات ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تي تحقيقي
مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا، جن جو وچور هيٺين ريت آهي.
شاهه
لطيف جي زندگيءَ ۽ شعر تي، سنڌي زبان جي عالمن ۽ محققن گهڻو ڪم ڪيو آهي، پر تنوير
عباسي روايتي انداز بدران ڏيهي ۽ پرڏيهي نقادن جي راين جي روشني ۾ شاهه جي فن کي
پرکيو ۽ پروڙيو، جيئن شاهه جي شعر کي عالمي معيارن موجب پرکي ۽ پروڙي سگهجي
.انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪيل شاهه لطيف جي شاعري تي تحقيقي ڪم جو پهريون جلد 1976ع ۾
۽ ٻيو 1985ع ۾ ڇپيو ۽ اڳتي هلي جڏهن ٽيون جلد لکيائين ته پهرين ٻن جلدن سان گڏ
1989ع ۾ ٽنهي جلدن کي شايع ڪيو ويو۽ اڳتي هلي هر نئين ڇاپي ۾ هڪ اڌ مضمون جو
واڌارو ڪندو ويو. شاهه لطيف تي سندس اهو ڪم نهايت اهم نوعيت جو ۽ سائنسي بنيادن تي
ٻڌل آهي، جنهن جي سنڌ جي ادبي حلقن گهڻي پذيرائي ڪئي ۽ پسند ڪيو. تنهن کان سواءِ
1975هه جي شاهه جي رسالي تي تحقيق ۽ ترتيب جي بٺيءَ مان ڪڍي ‘مسودي’ جي شڪل ڏنيم
جيڪو اڃا نه ڇپيو آهي. يقيناً اهو رسالو به لطيفيات جي حوالي سان قابل قدر اضافو
ٿيندو.
سچل
تي ڪم ڪندي، تنوير عباسيءَ سچل جي ٻن عقيدتمند شاعرن، نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد
هيسباڻيءَ جو ڪلام سهيڙي، سموهي ڀيٽي ڌار ڪتابن ‘نانڪ يوسف جو ڪلام’ (1982ع) ۽’خوش
خير محمد هيسياڻيءَ جو ڪلام’(1982ع) شايع ڪرايو، جيڪي ٻيئي ڪتاب ‘سنڌي ادبي بورڊ’
پاران ڇپرايا ويا آهن. انهن ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ تي سچل سائينءَ جي اسلوب توڙي،
فڪر جي ڇاپ آهي. پر هنن سرمست جي روايتن کي اسلوب توڙي فڪري لحاظ کان به اڳتي
وڌايو.
لطيف
کان پوءِ تنوير عباسي “سچل سرمست” تي پڻ ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ڪرايو. جيئن ته لطيف
يونيورسٽي ۾ “سچل چيئر” جو خاڪو سندس ئي ڏنل هو، تنهن ڪري “سچل چيئر” جي برپا ٿيڻ
سان پاڻ انهيءَ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ سچل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري هئڻ جي ناتي
هر سال درازن ۾ ٿيندڙ ‘سچل سائين’ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل
مقالا ۽ ٻيو “سچل چيئر” ۾ ٿيل تحقيقي ڪم چيئر پاران نڪرندڙ ‘سرمست’ ۾ ترتيب ڏيئي
ڇپايو. سندس نگرانيءَ ۾ اهڙيون يارهن ڪڙيون نڪتيون، جن جي نڪرڻ جو زمانو 1980ع کان
1991ع آهي. تنهن کان سواءِ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڻ چونڊ ۽ ترتيب ڏيئي “سچل سرمست”
جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
“سچل
چيئر” پاران ئي پاڻ “سچل جو ڪلام” مختلف رسالا ڀيٽي تحقيق ڪري، ترتيب ڏنائون، جيڪو
ڇپائيءَ هيٺ آهي. البت اهو ضرور آهي. ته جيِئن شاهه لطيف جي شاعري تي سندس ڌار
اڀياسي ڪتاب آهي، تيئن سچل جي شاعري تي ڪونهي، سندس سچل تي لکيل مقالن کي ترتيب
ڏيئي ڌار ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو.
تنوير
عباسي هڪ ويٽنامي ناول “جي ماريا نه موت” جو پڻ ترجمو ڪيو، جنهن جو پهريون ڇاپو
1973ع ۾ ڇپيو، انهيءَ انقلابي ناول جا اڳتي هلي ڪيترائي ڇاپا ڇپيا ۽ سنڌ جي قومي ۽
انقلابي ڪارڪنن لاءِ وڏي اُتساهه ڏياريندڙ ڪتاب آهي.
سنڌي
ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف تمام گهڻي مقبول رهي آهي. تنويرعباسيءَ جا ٻه سفرنامه
“ڏوري ڏوري ڏيهه” (1984ع) ۽ “مون کي اڳتي وڃڻو آهي” (2000ع) ۾ ڇپيا. جيئن ته تنوير
صاحب بنيادي طور تي شاعر هو. تنهن ڪري سندس سفرنامن ۾ شاعراڻو عنصر پڻ شامل ٿي وڃي
ٿو. سندس سفرنامي “ڏوري ڏوري ڏيهه” جي باري ۾ ڪتاب جو پبلشر طارق اشرف لکي ٿو:
“تنوير
جي هن سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سفرنامو ڇا آهي ۽ ڪيئن لکجي. مان نٿو
سمجهان ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفرنامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي.”
سندس
هڪ ٽيون “دبئي” جو سفرنامو به آهي، جيڪو سندس ڪتاب “ترورا” ۾ ‘چنڊ ٻه ٽڪر’ جي نالي
سان ڏنل آهي.
تنوير
عباسيِءَ بنيادي طور تي شاعر هو ۽ تنوير کان اڳ “مغموم” تخلص استعمال ڪندو هو. انهيءَ تبديليءَ واري سفر جي روداد ۽ سبب بيان ڪندي، هڪ انٽرويو ۾ پاڻ چيو اٿائين.
“اُهي
ٻن قسمن جا سبب هئا هڪڙا داخلي، ٻيا خارجي.ان وقت مان ‘بزم خليل’ ۾ عروض سکندو هوس
۽ جمعيت الشعراءِ واري دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس. مون محسوس ڪيو ته اها شاعري
فقط غزل تائين محدود هئي ۽ غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيا لفظ، جملا،
ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال ورائي ورائي ڪتب آندا ويندا هئا.
اردو
شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه ديوان پڙهو تڏهن به ساڳئي ڳالهه.وري جڏهن
فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم. پتو پيو ته فارسي وارا جيڪي شعري
روايتون ختم ڪري بيٺا آهن، اهي اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌي ۾ اچڻ لڳيون آهن
۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾ جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اُڃ، انهيءَ
ٻوليءَ واري مواد ۽ روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿئي. ٻيو ته مون ڏٺو، منهنجي چوڌاري
جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن وارن پيڙيل، ڏتڙِيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن،
انهن سان به ڪو رشتو آهي. وطن ۽ ويڙهيچن سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا
پنهنجا آهن، انهن جا ڏک ۽ سُور جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي، تيستائين
اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي
ڏک، درد اوريا وڃن، سو اهي ڳالهيون هيون، جن مون کي مغموم مان تنوير بنايو.”
پاڻ
انهيءَ سفر ۾ پنهنجي شاعريءَ جا خوب جوهر ڏيکاريائين ۽ سندس شاعري جا پنج ڪتاب
ڇپيا، جن جا نالا هي آهن. “رڳون ٿيون رباب” (1958ع)، “شعر” (1970ع)، “سج تريءَ
هيٺان” (1977ع)، “هي ڌرتي” (1985ع). اڳتي هلي انهن چئن ئي مجموعن کي گڏي سنڌالاجي
پاران “تنوير چئي” جي نالي سان گڏيل ڪلام جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سندس آخري شعر جو
مجموعو “ساجن سونهن سرت” (1996ع) آهي.
تنوير
عباسيءَ جي مٿئين ادبي، تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن.
جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول (چونڊ ۽ ترتيب 1973ع)، “جديد سنڌي شاعري (1981ع)، “تِرورا”
(خاڪا، يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-1988ع)، “منهن تنين مشعل” (خاڪا-1990ع).
سنڌي
ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر 25 نومبر1999ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. پاڻ وصيت ڪئي
هئائين ته سندس “جسد خاڪي” ايل ايم سي کي ڏنو وڃي، جيئن ميڊيڪل جا
شاگرد سندس جسم تي “ميڊيڪل جا تجربا ڪن”، پر افسوس جو ڪن سببن جي ڪري هن انسان
دوست اديب جي اها وصيت پوري ٿي نه سگهي ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي دفنايو ويو.
ٻريا
ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾،
هزارن
چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.
“اُهي
ٻن قسمن جا سبب هئا هڪڙا داخلي، ٻيا خارجي.ان وقت مان ‘بزم خليل’ ۾ عروض سکندو هوس
۽ جمعيت الشعراءِ واري دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس. مون محسوس ڪيو ته اها شاعري
فقط غزل تائين محدود هئي ۽ غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيا لفظ، جملا،
ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال ورائي ورائي ڪتب آندا وينداهئا.
اردو
شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه ديوان پڙهو تڏهن به ساڳئي ڳالهه.وري جڏهن
فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم. پتو پيو ته فارسي وارا جيڪي شعري
روايتون ختم ڪري بيٺا آهن، اهي اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌي ۾ اچڻ لڳيون آهن
۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾ جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اُڃ، انهيءَ
ٻوليءَ واري مواد ۽ روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿئي. ٻيو ته مون ڏٺو، منهنجي چوڌاري
جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن وارن پيڙيل، ڏتڙِيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن،
انهن سان به ڪو رشتو آهي. وطن ۽ ويڙهيچن سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا
پنهنجا آهن، انهن جا ڏک ۽ سُور جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي، تيستائين
اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي
ڏک، درد اوريا وڃن، سو اهي ڳالهيون هيون، جن مون کي مغموم مان تنوير بنايو.”
پاڻ
انهيءَ سفر ۾ پنهنجي شاعريءَ جا خوب جوهر ڏيکاريائين ۽ سندس شاعري جا پنج ڪتاب
ڇپيا، جن جا نالا هي آهن. “رڳون ٿيون رباب” (1958ع)، “شعر” (1970ع)، “سج تريءَ
هيٺان” (1977ع)، “هي ڌرتي” (1985ع). اڳتي هلي انهن چئن ئي مجموعن کي گڏي سنڌالاجي
پاران “تنوير چئي” جي نالي سان گڏيل ڪلام جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سندس آخري شعر جو
مجموعو “ساجن سونهن سرت” (1996ع) آهي.
تنوير
عباسيءَ جي مٿين ادبي، تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن.
جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول (چونڊ ۽ ترتيب 1973ع)، “جديد سنڌي شاعري (1981ع)، “تِرورا” (خاڪا،
يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-1988ع)، “منهن تنين مشعل” (خاڪا-1990ع.)
سنڌي
ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر 25 نومبر1999ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. پاڻ وصيت ڪئي
هئائين ته سندس “جسد خاڪي” ايل ايم سي کي ڏنو وڃي، جيئن ميڊيڪل جا
شاگرد سندس جسم تي “ميڊيڪل جا تجربا ڪن”، پر افسوس جو ڪن سببن جي ڪري هن انسان
دوست اديب جي اها وصيت پوري ٿي نه سگهي ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي دفنايو ويو.
ٻريا ٻه پل پر وسامڻ
کان اڳ ۾،
هزارن چراغن کي ٻاري
ڇڏيوسين.
(پندرھ روزه افيئر تان کنيل)
تنوير عباسي
بنا اکين وارن کي بينائي ڏيندڙ ڊاڪٽر
اشفاق لغاري/ ٽنڊو الهيار
ورهاڱي کانپوءِ ترقي پسند سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جن اديبن، محققن
۽ شاعرن پاڻ پتوڙيو، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نالي کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. شيخ اياز جي روح گرمائيندڙ شاعري ۽ شخصي هاڪ هيٺ اچي ويل ڊاڪٽر تنوير عباسي کي توڻي
جو اها ناماچاري نصيب نه ٿي آهي، جيڪا هو لهڻي ٿو. جي ايم سيد کانپوءِ سنڌي ۾ جنهن
فرد ڀٽائيءَ جي فڪر کي عقليت جي عمارت تي بيهارڻ لاءِ روايتي نه پر سائنسي تحقيق ڪئي،
اهو به ڪو ٻيو نه پر سوڀيديري ڄائو ڊاڪٽر تنوير عباسي ئي هو. شاهه لطيف يونيورسٽي کي
جڏهن ڪئمپس جو درجو حاصل هو، تڏهن ان کي ڪئمپس مان يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر
تنوير عباسي کي ضياءُ الحق سان ملاقات واري ڪؤڙي گوري به کائڻي پئي. هڪڙي راءِ موجب،
سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌالاجي جي قيام جو بنيادي خاڪو جوڙيندڙ به ڊاڪٽر تنوير ئي هو. هن
ڪيترن ئي پرڏيهي شاعرن جي چونڊ شاعري کي سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو. شاهه لطيف جي شاعري
کانپوءِ هن چاهيو ٿي ته سچل جي شاعري تي سوشل سائنسز جي معيار موجب تحقيقي ڪم ڪجي. اڄ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر به ڊاڪٽر تنوير جي ئي جستجو جو
نتيجو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تنوير عباسي جي
نالي سان جڙيل تنوير ڪارنر ۾ اڄ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي سرڪاري سطح تي ياد نه پئي ملهائي
وڃي. تنوير جهڙن بنا ڪنهن شور شرابي ۽ اجائي واهه واهه ڪرائڻ جي خاموشي سان ڪم ڪندڙ
محققن، اديبن ۽ شاعرن سان هن دو رنگي دنيا ۾ ائين ئي ٿيندو آهي! درسگاهن سان تنوير
جي دل هئي، ڪتب خانن کي هو پنهنجو وطن سمجهندو هو. ”تنوير چئي“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽي
جي اداري سنڌالاجي ڄامشورو طرفان ڊاڪٽر تنوير جي شاعري جو مشهور ڪليات ڇپيل آهي.
ڪجهه ڏيئي وينداسين،
ڪجهه نه کڻي وينداسين،
ٻور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين.
جهڙين سٽن جي خالق تنوير دنيا، ديس ۽ پنهنجي ڀرپاسي وارن علائقن جي
ماڻهن لاءِ ٻن اهم محاذن تان مسيحا جو ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر تنوير نثر ۽ شاعري سان
هڪڙي پاسي آمريتي دورن ۾ سرد ٿي ويل اسان جا روح پئي گرمايا ۽ هن جي شاعري آمرن لاءِ
مٿي جو سور بڻي رهي ته، ٻئي پاسي ڊاڪٽر تنوير خيرپور ميرس ۾ ميرواهه جي ڪپ تي خاڪي
شاهه پل لڳ ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن جو پنهنجي ميڊيڪل جي خدمتن سان بخار، لڱن ۽ مٿي جو
سور ٿي لاٿو. تنوير عباسي رڳو گلن، پوپٽن ۽ پوپرين جي ادائن کي ئي پنهنجي شاعري ۾ نه
ڳايو، پر هُن مِلن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن، ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هارين، نارين ۽ سموري پورهيت طبقي
جي ڏکن ۽ ڏوجهرن کي به پنهنجي لازوال شاعري جو مرڪز بنايو.
مضبوط جهوپڙيون ۽ ڪمزور محل ماڙيون
سو ڏينهن آهه ويجهو، ٿينديون اڀيون ڪهاڙيون
اوگهڙ جتي اُڻون ٿا ۽ بک جتان لُڻون ٿا
ڏيون باهه مِل انهيءَ کي، اهڙي ٻنيءَ کي ساڙيون
اوچيون رکون هي لاٽون، هي مشعلون ڏياٽيون
پنهنجن لئه روشنيون ۽ دشمنن جي لئه اُماڙيون
ڊاڪٽر تنوير عباسي جتي پنهنجي فن ذريعي عوام کي علم ۽ آگاهي جون اکيون
عطا ڪيون، اتي هن خلقِ خُدا جي خادم آخر ۾ اها وصيت به ڪئي ته، جسم مان جڏهن روح جو
رمتو رمي وڃي ته پوءِ منهنجو بي روح جسم ڪنهن ميڊيڪل يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ تجربن لاءِ
عطيي طور ڏنو وڃي. تنوير جي ان وصيت تي پوري طرح ته عمل نه ٿي سگهيو، پر ايترو ضرور ٿيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي جڏهن 25 نومبر
1999ع ۾ اسلام آباد ۾ هن دنيا کي الوداع چيو ته، سندس اکيون اسلام آباد جي ڪنهن بنا
نور واري جي بينائي جو ذريعو بڻجي پيون. ڊاڪٽر اديب رضوي به پنهنجو گڙدو عطيي طور ڏيڻ
وارن ٻاجهارن انسانن مان آهي. تازو ئي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ووٽن سان چونڊيل
صدر آصف علي زرداري پڻ اها وصيت لکي آهي ته، ساهه جي تند ٽٽڻ بعد منهنجو جسم عطيي طور
ڏنو وڃي. هِن کان اڳ ٿوري مختلف پر اهڙي ئي ڀلائي واري وصيت مشهور ڪرڪيٽر ۽ هندوستان
جي اڳوڻي ڪپتان منصور پٽودي پڻ ڪئي هئي، جنهن جي هڪڙي اک خراب ٿيل هئي ۽ کيس هڪڙي ئي
بينائي واري اک هئي، اها به هن ڪنهن بنا اکين واري کي موت پڄاڻان عطيي ۾ ڏيڻ جو پنهنجي
زندگي ۾ ئي اعلان ڪيو هو. منصور پٽودي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اکين سان دنيا کي ڏسندڙن
کي هي دنيا ڪيئن لڳي رهي هوندي؟ ان سوال جو جواب صرف رسول حمزاتوف جي ”ميرا داغستان“
۾ ئي ملي سگهي ٿو.
No comments:
راءِ ڏيندا