; سنڌي شخصيتون: ايم ڪمل - اسحاق سميجو

02 November, 2011

ايم ڪمل - اسحاق سميجو


ايم ڪمل
باهه جو وارثُ
اسحاق سميجو
“۳ فيبروي ۲۰۱۰ع تي ايم ڪمل، الهاس نگر، ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.”
هاڻ جڏهن به سنڌي ادب ۽ سنڌي غزل جي تاريخ لکبي، ته ان ۾ هڪڙو واڌارو ان جملي جو به ٿيندو. پر اهو شايد اسان جا اڌ-پڙهيا ادبي مؤرخ ڪڏهن به سمجهي نه سگهن، ته ايم ڪمل جو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙو مقام آهي. ايم ڪمل اهڙن ئي شاعرن مان هو، جن جو وڇوڙو ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب لاءِ ڪنهن زلزلي جي جهٽڪي کان گهٽ نه ٿيندو آهي. ايم ڪمل (مُولچند منگهارام بندراڻي) جو جنم ۸ آگسٽ ۱۹۲۵ع تي ڪنڊيارو سنڌ ۾ ٿيو هو ۽ هن جي رک هند ۾ لوڙهي ويندي. ڪنڊيارو، ساهتي پرڳڻي ۾ اچي ٿو ۽ هن علائقي، سنڌ کي ڪمل کان علاوه نارايڻ شيام جهڙو شاعر ۽ ڪرشن کٽواڻي ۽ لڇمڻ ڪومل جهڙا نثر نويس ڏنا. ورهاڱي هن علائقي کي ماضيءَ جو هڪ يادگار بڻائي ڇڏيو. جيئن شڪارپور سان ٿيو، بلڪ جيئن سڄيءَ سنڌ سان ٿيو. ورهاڱي جو جيترو ڏنڊ سنڌ ادا ڪيو آهي، ننڍي کنڊ جي ڪنهن به خطي اهڙي قيمت ادا نه ڪئي آهي. پنجاب جا ٻه حصا ٿيا ته اهو ٻنهي پاسي پنجابين کي ئي مليو. سنڌ کي ايئن نه نظر ايندڙ طريقي سان ورهايو ويو، جو ڄڻ ته اها سنڌ سنڌين کان به هلي وئي. هاڻ اها مڪمل طور فقط شاعرن جي تخيل ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ئي سنڌين جو وطن وڃي رهي آهي. جيتري زمين سندن پيرن هيٺان آهي، اها به هوريان هوريان ڪجهه سمنڊ ۽ ڪجهه ڌاريا والاري رهيا آهن. “ورهاڱي” ۽ “آزاديءَ” جي موضوع تي جيڪا به  شاعري ٿي آهي، ان ۾ ايم ڪمل جي شعر جهڙو شعر مون ڪٿي به نه پڙهيو آهي. فيض جو نظم “وه انتظار ٿا جس ڪا، يه وه سحر تو نهين” به لاجواب ۽ بيحد مقبول آهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته، غزل جون هي ٻه سٽون خيال جي گهڻ-طرفائي، ڳوڙهائي ۽ چوٽَ ۾، فيض جي نظم کي مات ڏيو بيٺيون آهن:

هاءِ اسان جي آزادي،
سِنڌوُر مليو ۽ سِينڌ وئي!
سنڌ هن لاءِ سِينڌ وانگر هئي، ان جي ڇڏائجڻ کان پوءِ، جيڪڏهن ڪا آزادي سنڌور بڻائي کيس پيش به ڪئي وئي هئي، ته اها هن لاءِ ايئن ئي بي معنيٰ بڻجي چڪي هئي، جيئن اکين جي وڃڻ کان پوءِ ڪجل بي معنيٰ بڻجي ويندو آهي. هو انهن جذباتي ماڻهن مان نه هو، جيڪي جسماني طور هند ۾ ۽ ذهني طور سنڌ ۾ رهيا پئي. سنڌ سان هن جو ناتو ڪو ٽٽو ڪو نه هو ۽ نه ئي ٻئي ڪنهن به سنڌيءَ کان هن جو پنهنجي جنم ڀوميءَ سان گهٽ ناتو هو، پر هو هڪڙو حقيقت پسند ماڻهو ۽ زندگيءَ جي سچائين کي قبول ڪندڙ شاعر هو. شايد هڪ ڪارڻ اهو به هجي، جو هن جي شاعري، عام سنڌي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ نئون پنڌ محسوس ٿئي ٿي. هن نه فارسي آميزيءَ ۾ پناهه ورتي ۽ نه ئي روايتي موضوعن جو پاند جهليو. هن جي نگاهه سدائين نئين زندگيءَ ۽ نئين سماج تي رهي. هن جيڪڏهن ڳالهين مان جماليات به ڳولي، ته اهي ڳالهيون گٺل پيٺل، ورجايل ۽ چٻاڙي اڇلايل نه هيون. هو ئي اهڙو شاعر آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ شهري زندگيءَ جو صحيح معنيٰ ۾ ترجمان ۽ نمائندو سڏي سگهجي ٿو. هن وٽ ڪن شاعرن وانگر اردوءَ جي نقاليءَ تي ٻڌل شهري موضوع ۽ ڪردار نه آهن، بلڪ هن جي شاعري ۽ خاص طور غزل شهري زندگيءَ جي ڌڙڪنن مان ڦٽي نڪتا آهن.
حيرت ۾ سڄو ئي شهر آ اڄ
ٿيو ڪجهه نه ٿيڻ جو حادثو آ.
مٿيون شعر هن جي ڪتاب “روشن راهون، ڌنڌلا ماڳ” جو آهي، جيڪو ۱۹۸۱ع ۾ شايع ٿيو هو. اڄ هن شعر کي لڳ ڀڳ ۳۰ سالن جو عرصو گذري چڪو آهي، پر اڄ جي ڪراچيءَ جي حالتن تي هيءُ ڪيترو نه ٺهڪي ٿو اچي. جنهن ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ڪا ٽارگيٽ ڪلنگ نه ٿيندي هوندي، ڪو به ماڻهو قتل نه ٿيندو هوندو، ته ماڻهن کي اهو ڏينهن ڪيڏو نه عجيب، حيرت ۾ وجهندڙ، نئون نئون محسوس ٿيندو هوندو! ڇاڪاڻ ته اهو ئي ڏينهن معمول جي ابتڙ ڏينهن هوندو ۽ حادثو معمول جو ضد آهي. اهڙا هن جا ڪئين شعر آهن، جيڪي اڄ جي ڪراچيءَ جي اهڙي نمائندگي ڪن ٿا، جهڙي خود ڪراچيءَ جي شاعرن جا شعر به ورلي ڪندا هوندا. خود هن جي ڪتاب “باهه جا وارث” جو نالو، سنڌين جي ئي نه، سموري ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي حاصلات جو ڪهڙو نه سهڻو عنوان آهي!
ڪنهن کي سڏين هتي ٿو، سڀ ماڻهو ڏسڻ جا آهن،
رڙ تي دريون کُلن ٿيون، پر در کُلن ڪٿي ٿا!
سنڌي شاعريءَ متعلق جيڪا عام شڪايت ٻڌبي آهي، ته اها زرعي سماج جي شاعري آهي، ايم ڪمل ان جو رد آهي. ڪمل جن به مسئلن سان مُنهان منهن آهي، جن به قدرن کي کڻي اچي ٿو، جن به منظرن کي پينٽ ڪري ٿو ۽ جن به ڪردارن سان مکا-ميلو ڪرائي ٿو، سي سڀ نئين زندگيءَ ۽ هڪ جديد شهري سماج جا نمائنده آهن. انهن تي زرعي ۽ جاگيردارانه سماج جو پاڇو به ورلي پيل ملندو. ان حساب سان هو سنڌي شاعريءَ ۽ خاص طور سنڌي غزل جو هڪ الڳ مڪتب آهي، جنهن جي واٽ به پنهنجي آهي ته ان کي روشن ڪندڙ لاٽ به پنهنجي آهي. ٿلهي ليکي هن جي غزلن جو تعداد هڪ هزار کان مٿي ئي آهي ۽ ٻيو ڪلام توڙي ٻيون نثري صنفون ان کان علاوه آهن. پر شيام، وفا ناٿن شاهيءَ، حاسد، اياز گل وانگر هن جي سڃاڻپ کي غزل ئي ڀرپور ۽ مڪمل بڻائي ٿو.
سال ۲۰۰۵ع ۾ اسين جڏهن اديبن ۽ فنڪارن جي وفد سان هند وياسين، ته هو صحت جي خرابيءَ باوجود ممبئيءَ ۾ سڏايل هڪ ثقافتي جلسي ۾ شريڪ ٿيو هو. جڏهن اڌ جلسي مان اٿي وڃڻ لڳو ته مان ساڻس ملڻ لاءِ ٻاهر آيس. امداد حسيني صاحب منهنجو هن سان تعارف ڪرايو، ته هن چيو؛ “اڙي، تون اهو ئي آهين نه، جنهن منهنجا غزل ‘دل جو رستو’ ۾ ڇپيا هئا.” مون چيو؛ “ها سائين.” هن چيو؛ “مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ته تو مون کي شيخ اياز سان گڏ رکيو آهي.” ايتري ننڍڙيءَ ڳالهه تي ايتري مسرت جو اظهار ڪندڙ ايم ڪمل کي شايد ان ڳالهه جو ڪو احساس ئي نه هو، ته پنهنجي غير معمولي تخليقي ڪمال سبب هو جديد شاعرن جي پهرينءَ صف ۾ ڪڏهوڪو پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪو هو !

No comments:

راءِ ڏيندا