; سنڌي شخصيتون: شاهه اسد - مصطفيٰ ملاح

29 November, 2011

شاهه اسد - مصطفيٰ ملاح


شاهه اسد
سنڌي فلمن جي شهزادي جي ياد ۾
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
سنڌي فلمن جي هدايتڪار، فلم ساز، شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار شاهه اسد جو اصل نالو اسد الله هو. هن 15 آگسٽ 1947ع تي ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي. مرحوم جو مامو موسيٰ ڪليم، شاعر هئو. سندس صحبت ۾ اچڻ کانپوءِ هن به شوبز جي دنيا ۾ قدم رکڻ شروع ڪيا.


شاهه اسد 2 شاديون ڪيون پر ٻئي ناڪام ثابت ٿيون، جن مان ٻن نياڻين جو اولاد اٿس.
هن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ”رنگ محل“ فلم ۾ شاعر جي حيثيت سان قدم رکيو. هيءَ فلم سينيما باڪس تي ڪامياب وئي. آهستي آهستي، شاهه اسد فلمن جي اسٽوڊيوز ۾ به متعارف ٿيڻ لڳو ۽ پاڻ به محنت ڪرڻ لڳو. نيٺ هن 1974ع ۾ فلم ”غيرت جو سوال“ ۾ ڊائلاگ ۽ شاعري لکيائين. سندس مامي موسيٰ ڪليم، هن کيس شوبز جي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو ۽ آخر شاهه اسد کي فلمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو.
شاهه اسد 1985ع ۾ فلم ”جلال چانڊيو“ گلوڪار جلال چانڊيو تي سندس حياتي ۾ ٺاهي. ان فلم ۾ مرحوم جلال چانڊيو کي هن هيرو طور کنيو. هن فلم جو ڊائريڪٽر، شاعر، پروڊيوسر، ليکڪ مرحوم شاهه اسد هو. هن فلم جا گانا بيحد مقبول ويا. فلم ”جلال چانڊيو“ ڪاميابيءَ جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
عوام پاران پذيرائي ملڻ تي هن کي سنڌي فلمن ٺاهڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيو ۽ تر جا ناليوارا فنڪار، اداڪار ۽ وڏيرا هن سان ملي ڪري سنڌي فلمون ٺاهڻ لاءِ هن جي همت افزائي ڪرڻ لڳا. سنڌي عوام پاران اهڙي موٽ ملڻ تي هن سنڌ جي بدنام ڌاڙيل ”پرو چانڊيو“ تي 1987ع ۾ فلم ٺاهي. هن فلم جو به شاعر، ليکڪ ۽ هدايتڪار پاڻ هو. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار هن منصور بلوچ کي ڏنو. جنهن وڏي محنت سان اهو ڪردار ادا ڪيو. فلم ”پرو چانڊيو“ تمام گهڻو مشهور وئي، جيڪا سنڌ جي سينيمائن تي هفتن جا هفتا لڳي رهي. خاص ڪري حيدرآباد ۾ ٻين ٻولين ڳالهائيندڙ ماڻهن به هن فلم کي شوق سان ڏٺو. فلم ”پرو“ پنهنجي ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. حڪومت فلم ”پرو“ تي پابندي مڙهي ڇڏي ته عوام روڊن تي نڪري آيو ۽ حڪومت مجبورن ٻيهر فلم جي نمائش سينيمائن تي ڏيڻ جي اجازت ڏني.
مرحوم شاهه اسد جي شاعري، سنڌ جي ناليوارن گلوڪارن ۽ گلوڪارائن ڳائي، انهن ۾ گلوڪاره ناهيد اختر، رونا ليليٰ، حميرا چنه، انور وسطڙو، جلال چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن. مرحوم ايم اي پاس هو. هن فن جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. هن تقريباً 50 کان مٿي اسٽيج ڊراما لکيا. سال 1980ع کان پوءِ سنڌي فلمن ۾ ساهه وجهڻ وارو مرحوم شاهه اسد هو ۽ 1990ع تائين شاهه اسد جي سنڌي فلمن جو دؤر لکيو وڃي ٿو.
سال 1989ع ۾، ھن سنڌي فلم ”شهيد“ ٺاهي. هن سنڌي فلم جو مرڪزي خيال، انگريزن جي خلاف ”حر تحريڪ“ تي ٻڌل هو. هن فلم جو مرڪزي ڪردار اداڪار مرحوم منصور بلوچ ادا ڪيو. هيءَ فلم ايتري ته ڪامياب وئي جو هن فلم کي ”نيشنل ايوارڊ“ به مليو. فلم شهيد جو ليکڪ ۽ هدايتڪار مرحوم شاهه اسد هو. مرحوم ڪيترن ئي سنڌي فنڪارن کي فلمن ۾ متعارف ڪرايو.
سال 1990ع ۾ فلم ”جيئي لطيف“ ٺاهي وئي. هن فلم جو به مرحوم پاڻ ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار هو. هن فلم جو مرڪزي ڪردار ٽي وي اداڪار اسد قريشي کي ڏنو ويو. هن فلم به ٻين سنڌي فلمن وانگر ڪاميابيءَ جا ريڪارڊ ٽوڙيا. مرحوم سنڌي عوام کي هر سال عيد تي ڪو نه ڪو سنڌي فلم جو تحفو ڏيندو هو.
  شاهه اسد 1992ع ۾ سنڌ جي مشهور ڌاڙيل ”محب شيدي“ تي فلم ٺاهي. هن فلم جو فلم ساز، اداڪار يار محمد شاهه هو، جڏهن ته پاڻ مرحوم هن فلم جو هدايتڪار، شاعر ۽ اسڪرين پلي رائيٽر هو. فلم ”محب شيدي“، شاهه اسد جي آخري فلم هئي. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار، اداڪار گلاب چانڊيو کي ڏنو ويو، جنهن حقيقي محب شيدي ٿيڻ ۾ وسئون ڪين گهٽايو. هن فلم، پرو چانڊيو فلم وارو ريڪارڊ به ٽوڙيو ۽ ٺيڪ ٺاڪ بزنس ڪيو.
ان کانپوءِ هن سنڌي ٽيلي فلم ”شاگرد“ ٺاهي ۽ آخري سندس ٽيلي فلم ”مان عاشق تنهنجو آهيان“ بريءَ طرح فلاپ ويون. سنڌي فلمن جو سچو عاشق ۽ تخليقڪار شاهه اسد 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا