; سنڌي شخصيتون: جلال الدين محمد اڪبر - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

25 November, 2011

جلال الدين محمد اڪبر - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


جلال الدين محمد اڪبر [1542 – 1605ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مغل شهنشاهه ابوالفتح جلال الدين محمد اڪبر ولد نصير الدين همايون، 5 رجب المجرب 949 هه مطابق 15 آڪٽوبر 1542ع تي صوبي سنڌ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو هو. پاڻ اڃا تيرهن ورهين جو مس ٿيو، ته سندس والد وفات ڪري ويو. پوءِ کيس سندس جانشين بڻائي، هندستان جي تخت تي ويهاريو ويو.


ٻالجتيءَ جي ڏينهن ۾ سندس پاران حڪومت جو تمام انتظام بيرم خان سنڀاليندو هو. هي اهو وقت هو، جڏهن پوري هندستان ۾ حالتون بگڙي چڪيون هيون. ڪڏهن افغان پئي اڀريا، ته ڪڏهن هيمو بقال به پئي همت ڪئي. مطلب ته هر طرف کان خون، فساد ۽ بغاوت جي بوءَ بکي رهي هئي. مگر اڪبر پنهنجي خداداد لياقت ۽ عقلمنديءَ کان ڪم وٺي، نهايت دليرانه نموني ۾ هر مصيبت کي مڙس ٿي منهن ڏيندو آيو. پورا چوڏهن ورهيه کيس انهيءَ افراتفريءَ ۾ گذريا. آخر هن باهمت انسان پنهنجي مخالفن کي ماري مڃايو. پوءِ ته ميدان تي نڪري، بنگال، گجرات، رنٿنبور، ڪالنجر، چتور ۽ مالوا وغيره وڃي قبضي ڪيائين. باالاخر 1576ع ۾ پوري اتر هندستان تي قابض ٿي ويو ؛ جنهن ڪري 1595ع تائين سنڌ، بلوچستان، ڪشمير، قنڌار ۽ اوڙيسا جا علائقا به سندس قلم هيٺ رهيا.
هينئر وري کيس خيال آيو، ته ڏکڻ هندستان به پنهنجي جهنڊي هيٺ آڻيان انهيءَ ارادي سان جنوبي هندستان طرف رخ رکيائين. پوءِ ته دکن طرف کان خانديش، احمد نگر ۽ برار پرڳڻن تي به قبضو ڪري ورتائين، جنهن ڪري سندس سلطنت جو سايو (پاڇو) هندو ڪڇ کان گوداوري ۽ بنگال کان گجرات تائين پئجي ويو.
اها اڪبر جي ڏاهپ هئي ؛ جنهن پوري هندستان تي نهايت ڪماليت سهڻي سليقي سان پئي راڄڌاني ڪئي. سندس مد برانه حيثيت جو دوست ته ٺهيو، پر دشمن به انڪاري نه ٿيا. هو، هزارن نه، بلڪ لکن ۽ ڪروڙن دلين کي قيد ڪري چڪو هو. نظام - حڪومت جي سرشتي کي وري اهڙي ته عمدي طرز تي هلايائين، جو مسلمان ته ٺهيو، پر خود هندو ۽ ٻيون به تمام قومون کيس مڃڻ لڳيون. سياسي انتظامي ۽ مذهبي معاملن ۾ هر فرقي ۽ هر علائقي جي ماڻهن سان يڪجهتي اختيار ڪيائين. خاص ڪري انصاف ۽ علم کي هٿان نه ڇڏيائين . امن امان لاءِ ملڪ جي وڏن عهدن تي اڪثريت (هندن) کي مقرر ڪيائين. اهڙيءَ طرح انصاف لاءِ وڏيون عدالتون (ڪورٽون) قائم ڪيائين. مطلب ته کيس رعيت جو هر وقت وڏو اونو رهندو هو.
اڪبر بادشاهه ؛ هڪ مسلمان هو، مگر هندن سان هڪ جهڙو سلوڪ اختيار ڪيائين. پاڻ هندن مان شاديون ڪيائين ؛ جنهن ڪري هندو مٿس ساه ڏيڻ لڳا. هندن جي جان نثاري ڏسي، مٿن مڙهيل ”جزيه ڍل“ به معاف ڪري ڇڏيائين. ازانسواءِ پنهنجين راڻين کي پاٺ پوڄا لاءِ محلات جي اندر عاليشان مندر به جوڙائي ڏنائين. گهرو ماحول جي نڪته نگاهه - کان پاڻ ايتري قدر ته متاثر ٿيو؛ جو خيال آيس ؛ ته جيڪر ڪو اهڙو ”مذهب“ جاري ڪجي؛ جيڪو سڀني فرقن (جماعتن) کي قابل - قبول هجي. انهيءَ مراد سان هن؛ سڀني مذهبي پيشوائن کي فتحپور سيڪريءَ ۾ سڏائي، سندن صلاح سان ”دين الاهي“  نالي هڪ يادگار مذهب بڻايائين.
آخر ايامن ۾ سندس ٻه پٽ : مراد ۽ دانيال هڪ ٻئي پٺيان رحلت ڪري ويا. سندس اکيون اڃا انهيءَ غم ۾ آليون هيون، ته اچانڪ سندس پيارو وزير ابوالفضل به وفات ڪري ويو. ويتر سندس ڳڻتي ۽ ڳاراڻو وڌيو. هوڏانهن سندس وڏو پٽ سليم، جيڪو ”جهانگير“ جي لقب سان اڀريو، تنهن ملڪ وٺڻ لاءِ بغاوت جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي. آخر مصيبتن مٿان مصيبتون ڪڙڪندو ڏسي، سندس دل ڪمزور ٿيڻ لڳي ؛ جنهن ڪري 63 ورهين جي ڄمار ۾ 13 جمادي الثاني 1014 هه مطابق 17 آڪٽوبر 1605ع تي وفات ڪيائين. اڪبر بادشاهه وڏو قابل حڪمران هو. هن ايڏي ساري ڪاميابي حاصل ڪئي، جو ماڻهو کيس ”اڪبر اعظم“ جي نالي سان سڏڻ لڳا. پاڻ نهايت رحمدل، خوش مزاج، بهادر ۽ سخي به هڪڙو ئي هو. ڪيترن ئي بيواهين ۽ يتيم نينگرين جون شاديون پنهنجي خرچ سان ڪرايائين. سندس طبيعت ۾ سادگي زياده هئي، مطلب ته مغل سلطنت ۾ سندس راڄڌانيءَ جو ڌاڪو ؛ هنڌين ماڳين وڄ جيان پکڙلي هو. انهيءَ ڪري کيس ”ڪامياب بادشاه“ سڏيو ويندو هو.
(1)– بيرم خان ملقب ”خان خانان“ ولد سيف علي بيگ، مغل درٻار جي ممتاز شخصيت ٿي گذريو آهي. سندس ولادت غزنيءَ ۾ 925 هه = 1519ع ۾ ٿي. ننڍپڻ ۾ والد جي وڇوڙي بعد، بلخ مان تعليم ورتائين. نهايت، اورچ ۽ درٻار ۾ اٿڻ ويهڻ کان باخبر هو – 16 سالن ۾ همايون وٽ ملازمت مليس. سوچا ۽ قنوج جي لڙاين ۾ همايون کان ڇڄي، گجرات جي حاڪم سلطان محمود وٽ اچي رهيو. اتي کيس ٽڪاءُ نه آيو ۽ واپس همايون وٽ ويو – 962 هه (1553ع) ۾ کيس اڪبر جي سکيا لاءِ استاد جا فرائض سونپيا ويا، جيڪي نهايت جانفشانيءَ سان پورا ڪيائين. همايون جي وفات وقت اڪبر اڃا ننڍو هو، جنهن ڪري اڻ سڌي طرح سلطنت بيرم خان جي هٿ هيٺ رهي. انهن ڏينهن ۾ اڪبر جي پڦاٽ سليمه سلطانه بيگم سان شادي به رچايائين. ڪجهه ڏينهن بعد اڪبر سان اڻبڻت ٿيس، خوب حيلا هلايائين، مگر سواءِ شرمساريءَ جي ٻيو ڪجهه به نه وريس، لاچار ٿي اڪبر کان معافي ورتائين. اڪبر، استاد جي عزت ڪندي، معافيءَ سان گڏ پنجاهه هزار روپيه ساليانه وظيفو به مقرر ڪيس. آخر حج جي اجازت وٺي، جيئن ئي گجرات پهتو ته اتي کيس مبارڪ خان لوهاڻي، پيءُ جي قتل جي عيوضي ۾ کيس 14 جمادي الاول 968 (31 جنوري 1561ع) تي اڦٽ ماري ڇڏيو. اڻ پوري ڪفن ۾ کيس وصعيت مطابق مشهد مقدس؛ امام موسيٰ رضا رضه جي سامهون دفنايائونس. پٺيان چئن سالن جو نينگر، عبدالرحيم خان خانان ڇڏيائين. پاڻ ترڪي ۽ فارسي زبانن جو بهترين شاعر به هو.
(1)– حالانڪ پاڻ ايڏو پڙهيل ڪو نه هو، مگر پڙهيلن ۽ عالمن جي وڏي ساڃاهه هيس. اهو ئي سبب هو، جو اڪثر سندس درٻار ۾ مذهبي ودوان، فيلسوف، عالم، شاعر، مصور، موسيقار، فنڪار ۽ معمار هوندا هئا. انهن مان سندس خاص صلاحڪار نون (9) ڄڻا هئا، جيڪي کيس ملڪي معاملن ۾ مدد ڏيندا هئا. اهي ”نون رتن“ هئا؛ بير بل، ابوالفضل، ملا فيضي، ملا دوپيازو، تانسين ؛ توڏو مل؛ راجا مانسنگ ؛ بهرام خان ۽ عبدالرحيم خان خانان.
(2) ”جزيه ڍل“ جو رواج افغان حڪمرانن، هندستان ۾ رائج ڪيو هو؛ جيڪو هندستان ۾ رهندڙ غير مسلمانن کان اڳاڙي ويندي هئي ؛ انهيءَ لاءِ مسلمان بادشاهه پاڻ کي سندن تحفظ لاءِ ٻڌل سمجهن ۽ کانئن فوجي خدمتون به نه وٺن.
(1)– انهيءَ مذهب جو خاص متو هو: ”جهان جو جوڙيندڙ هڪ خدا پاڪ آهي ۽ اڪبر زمين تي سندس خاص عيوضي (خليفو) آهي“ – هن نئين جاري ڪيل مذهب لاءِ پاڻ ڪنهن کي به زور نه ڀريائين. ”دين الاهي“ سندس حياتيءَ تائين رهيو ؛ جيڪو پوءِ ختم ٿي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا