; سنڌي شخصيتون: محمد سومار شيخ

22 November, 2011

محمد سومار شيخ

محمد سومار شيخ

سرڪاري ۽ ادبي ادارن جو ڏانھنس بيحسيءَ وارو لقاءُ

محمد خان سمون



بدين جي ڊي سي او چوڪ ڀرسان قائم لاڙ ميوزيم جي باني ۽ صدارتي ايوارڊ يافته ان شخص جو پروفائيل ڀلي روايتي ئي هجي پر سندس ڪردار لاڙ کي نواڻ ضرور ڏني. جتي جتي لاڙ جي دڙن، آثارن، روايتن، قصن، ڪهاڻين ۽ ادب جو ذڪر ٿو ٿئي، ته هانءَ تي هن جو نالو هڪدم تري ٿو اچي. پراڻن ماڳن ۽ شاهه لطيف رحه جي بيتن پٺيان ويندي ويندي هن سرحدن جي به پرواهه نه ڪئي. ادب ۽ ثقافت کي گڏ گڏ کڻي هلندڙ هي شخص بيماريءَ جي بستري تائين ان سان ساٿ نڀائيندو رهيو. پنهنجي ڪم سان جنون جي حد تائين عشق ڪندڙ هي شخص هن خطي جي تاريخ لکندي لکندي پاڻ به تاريخ ٿي ويو آهي. مرزا قليچ بيگ کانپوءِ سنڌ ۾ هو واحد شخص هو، جنهن ۳۶۱ ڪتاب لکيا هئا، جن مان هيستائين ۶۳ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ادب، ثقافت، ماڳ مڪان، شاعري، آرڪيالاجي وغيره اهڙا موضوع هئا، جن تي هن ايترو ته مواد هٿ ڪيو آهي، جو ان مان اڃا به ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.


۱۹۳۸ع ۾ شيخ الهبچائي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد سومار پنهنجي پيشي جي لحاظ کان ته پرائمري استاد هو، پر هن جي ڏاهپ، علم ۽ پورهيو سوين ادب ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن کان مٿي هو. غربت واري زندگي ۾ رهندي به هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو، جيڪو ڪروڙين رپين جي بجيٽن باوجود ڪير ناهي ڪري سگهيو. هن لاڙ جي تاريخ لکي، ثقافت تي لکيو، ماڳن مڪانن بابت لکيو. شاهه لطيف رحه سندس محبوب ڪردار رهيو. هن بڙ جي ڍوري جي فقيرن کان ڀٽائي رحه جي بيتن وارو گنج هٿ ڪيو، جيڪو اڳتي هلي ۱۹۸۹ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هدايتن تي ڇپايو ويو هو. ماڻهن کي ته پڪ ياد هوندو اهو ۱۹۷۶ع ۽ ۱۹۷۹ع وارو لاڙ ثقافتي ميلو، جيڪو لاڙ جي خطي ۾ محمد سومار شيخ جي ڪوششن سان لڳو. هن ملڪ جي هر حصي ۾ لاڙ ۽ سنڌ جي ثقافت جي ترجماني ڪئي. هن پيرين پنڌ سنڌ جي قديم لڪل تهذيب ۽ تاريخ جا پيرا کنيا. سومرا دور جي سنڌ جي پهرين شاعره مرکان شيخڻ جي شاعري، ڳيچ ۽ سهرا هٿ ڪري هن ان مواد کي به ڪتابي شڪل ڏني. هن شاهه لطيف رحه جي سمورن سرن ۾ موجود بيتن کي شاعري جي ”ڇند وديا“ جي اصولن تحت رسالو ترتيب ڏنو، جيڪو پڻ سنڌي ادب جي هڪ شاهڪار تخليق آهي، ان کي به ڇپرائڻ جي ضرورت آهي.

ٻولي، صوتيات، لوڪ ادب، ٻارن جي ادب کان وٺي لوڪ قصن ڪهاڻين تائين سندس اهڙيون ڪيئي ادبي ۽ ثقافتي تخليقون آهن، جيڪي هو ڇپائي نه سگهيو. ستم ته اهو آهي ته اهي ادبي فن پاره آهستي آهستي مٽي، اڏوهي، مينهن ۽ ادب جي چورن حوالي ٿي رهيا آهن. ان ڏينهن جڏهن اسين بدين جي اطلاعات کاتي جي آفيسر جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين، ته سندس ٽيبل تي هڪ ڪتاب پيل هو، بدين جي هڪ خاندان جي تاريخ ۽ شجري بابت، جنهن جي مٿان هڪ صاحب موصوف جي درخواست پڻ هئي. ضلعي رابطا آفيسر جي نالي ته اهو ڪتاب هو غربت سبب نه ٿو ڇپائي سگهي. جڏهن اهو ڪتاب کولي پڙهيوسين ته اهو قلمي نسخو سائين محمد سومار شيخ جي هٿ اکرن سان لکيل هو ۽ جتي جتي شيخ صاحب جو ذڪر هو ته اتي يا ته مس هاريل هئي يا وري اکر ڊٺل هئا. انهيءَ بيواجبي کان جڏهن اطلاعات کاتي جي مقامي اسٽاف کي آگاهه ڪيوسين ته هنن جي چوڻ مطابق ته، اهڙا ڪيئي ناياب نسخا ۽ ڪتاب بلڪل آساني سان محمد سومار شيخ جي پونئيرن کان ملي سگهن ٿا ۽ گهڻا ئي اهڙا ڪتاب، مختلف ماڻهو پنهنجي نالي ڪري چڪا آهن. ڪيڏي نه بيواجبي آهي هڪ اهڙي شخص سان، جنهن پنهنجي سموري زندگي هن خطي جي تاريخ ۽ تهذيب جي لڪل رازن کي ڳوليندي گذاري، سندس ان ڪم کي چند مخصوص ماڻهو وري پنهنجي نالي ڪري رهيا آهن. هو اهو شخص هو، جنهن ڪڏهن به پنهنجي ادبي توڙي ثقافتي تخليقن جو ملهه نه جاچيو. هن پنهنجي ڪم ۽ عمل جو سودو پئسن عيوض نه ڪيو. هن غربت کي ڪڏهن به پنهنجو مسئلو نه سمجهيو. پيرن ۾ چپل ۽ ڪالر ڦاٽل قميص سان ايوانِ صدر ۾ جڏهن هن ملڪ جو اعليٰ ترين صدارتي ايوارڊ وصول ڪيو هو ته هو فخر سان اهو ٻڌائيندو هو ته، ”ڪنهن کان اڌاري ورتل جتي ۽ جوڙي کي ڪڏهن به منهنجو ضمير معاف نه ڪري ها.“

سنڌالاجي پاران سال جي بهترين ڪتاب ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ تي ايوارڊ حاصل ڪندڙ هن عظيم انسان ڪڏهن به عمر جو فرق نه رکيو. هن پنهنجا تعلقات ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان به رکيا ته عثمان ڏيپلائي سان به. غلام محمد گرامي کان وٺي غلام علي الانا تائين، سڀ سندس دوست رهيا. هن پيرين پنڌ وڃي اوطاقن ۽ مچ ڪچهرين مان اهو ڪجهه هٿ ڪيو هو، جيڪو خزانو اڄ نئين نسل لاءِ ناياب آهي. سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ هو پنهنجي ڪوششن سان هڪ اهڙو حلقو ٺاهي ويو، جنهن ۾ سنڌ جا نالي وارا اديب به هئا ته شيخاڻي گهاڙي وارو فقير ناٿو به. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي به هو، ته شيخ ڪرهيي جو چاچو خميسو شيخ به. هن جي ڪم، محبت، سنگت جي اثر هن علائقي جي اسرندڙ اديبن کي هڪ نئون اتساهه ڏنو. هن اڪيلائي ۽ انفراديت کي ترجيح ڏيندڙ قلمڪارن کان هٽي ڪري ٽيم ورڪ کي ترجيح ڏني. محمد سومار شيخ  ڄاتو ٿي ته مٽيءَ ۾ پيل سون جي ذرڙن کي ڪيئن ڇنڊي ڦوڪي ٻاهر ڪڍجي. هن علائقي جي شاعرن، سگهڙن، فنڪارن جي مالڪي ڪئي، انهن لاءِ ادارن کي لکيو. سندس اهو ڪمال هو جو هڪ ئي وقت گهڻا سر وڄائيندڙ مير محمد لنڊ جي ڪم جي به هن مالڪي ڪئي ۽ هن کي به صدارتي ايوارڊ مليو ته هن روپا ماڙي کان وٺي سيف الملوڪ جي وائي تائين جي قديم آثارن تي به تحقيق ڪري ان کي عوام آڏو رکيو.

۲۴ آڪٽوبر ۱۹۸۶ع تي جيري جي ڪينسر سبب ڄامشورو اسپتال جي هڪ وارڊ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪندڙ لاڙ جي هن لعل پونئيرن ۾ ٻه بيواهون، ٻه پٽ، هڪ نياڻي ڇڏي. هن عظيم انسان جي پونئيرن جي ڪنهن به سار نه لڌي، جنهن ڪري سندس اولاد مئٽرڪ کان اڳتي وڌي نه سگهيو. سندس پينشن جي ڪجهه رقم ۽ فنڊ جو مسئلو ۲۵ سال گذرڻ باوجود، اڃا تائين به حل ٿي ناهي سگهيو آهي. سندس گهر ڀاتين جي گهڻين درخواستن کان پوءِ ڪجهه سال پهرين اڳوڻي ڊي سي او بدين سندس هڪ پٽ کي بدين جي لاڙ ميوزيم ۾ ڪچي ملازم طور پٽيوالو ڪري رکيو آهي، جنهن ميوزيم جو بنياد اڄ کان ۲۵-۳۰ سال پهرين سندس والد رکيو هو. سندس پونئير اڄ به ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذاريندڙ آهن. ٿيڻ ته ائين کپي جو سندس اولاد کي مستقل روزگار ڏنو وڃي. شيخ صاحب جي لائبريري ۾ پيل ۳ هزارن کان مٿي ڪتابن جي سرڪار ۽ رياستي ادارا وارثي ڪن. سندس رهيل ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ڇپائي انهن جي رائلٽي سندس ڪٽنب کي ڏني وڃي.


 

سومار شيخ

(ورسيءَ جي مناسبت سان)

مشهور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد، محمد سومار ولد الهبچايو شيخ، پهرين جنوري ۱۹۳۵ع تي، بدين ضلعي جي ڳوٺ قرهيي ڀانڊاريءَ ۾ ڄائو. سندس والد شاعر ۽ صوفياڻو مزاج رکندڙ هو. محمد سومار شيخ، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ميان جي عارف ۽ هاشم منڌري وٽ، ڳوٺ دينار ٽالپر ۾ پڙهيو. ان بعد ڳوٺ غلام حسين جماليءَ جي مڪتب مان پڙهڻ کان پوءِ ۱۹۶۷ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۴۸ع ۾ سندس شادي ٿي. ۱۹۵۲ع ۾ باقاعدي لکڻ شروع ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي کيس تاريخ ۽ تهذيب بابت تحقيق ڪرڻ ۾ دلچسپي رهي. هن ان سلسلي ۾ وسيع مطالعو ڪيو. خودڪار نموني مختلف ماڻهن وٽ وڃي، جهرن جهنگن، برن، دڙن ۽ ڀٽن بابت تحقيق ڪري، سنڌ جي تاريخ بابت نئون مواد لکيائين. تحقيق ڪرڻ جو کيس قدرتي ڏانءُ هو. هن جيتوڻيڪ پهرين لکڻ جي شروعات شاعري ۽ افساني سان ڪيائين، پر ستت ئي ثقافتي تاريخ تي قلم آرائي ڪري، نهايت ضخيم مواد ڪَٺو ڪيائين.

سومار شيخ ابتدا ۾ ’ابن الله بچايو‘ جي نالي سان اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو هو. هن پهريون مقالو ’مذهب ڇا آهي؟ ‘لکيو، جيڪو ۲۵ صفحن تي مشتمل هو.

هن قديم آثارن، تاريخ، لوڪ ادب، سوانح ۽ ثقافت بابت تحقيق ڪئي. ان کان سواءِ هن زيورن، نانگن، بلائن، وڻن ٻوٽن، هنرن ۽ لاڙ خطي بابت به لکيو. ڪيترن شاعرن جي شاعريءَ جا مجموعا مرتب ڪيائين ۽ سوانح عمريون لکيائين. سندس ڇپيل پهريون ڪتاب ’آڌي رات ‘آهي، جيڪو آر ايڇ احمد حيدرآباد، ۱۹۵۵ع ڌاري ڇپايو. جڏهن ۱۹۷۴ع ۾ بدين ضلعو قائم ٿيو ته محمد سومار شيخ کي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ سرڪاري عملدارن جي دلچسپيءَ ۽ تعاون سان بدين ۾ پهريون ’ثقافتي ميلو ‘لڳرايائين ۽ ’بدين جي ثقافتي تاريخ ‘ڪتاب پڌرو ڪيائين. تنهن کانسواءِ بدين ضلعي تي سندس ٻيا به ڪيترا ڪتاب آهن، جن ۾ ’بدين ضلعي جو مطالعو ‘نهايت اهم آهي.

سومار شيخ ۱۹۵۲ع ڌاري ٽنڊي باگي مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري، ان ئي سال پرائمري استاد مقرر ٿيو. انهيءَ وقت سندس مالي حالتون ڪمزور هيون، ان ڪري هڪ ڀيري پنهنجي لائبرريءَ مان ست مڻ ڪتاب، چوڏهن سؤ روپين ۾ وڪرو ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ روزگار لاءِ بدين ۾ هڪ پريس قائم ڪيائين، جيڪا بعد ۾ وڪرو ڪيائين ۽ پوءِ هو مڪمل ورڪر بڻجي، ثقافت، تاريخ ۽ ادب سان لاڳاپيل هر شيءِ گڏ ڪندو ويو. اڳتي هلي ضلعي ڪائونسل جي همت افزائيءَ ۽ سهڪار سان هڪ ميوزيم قائم ڪيائين، جنهن ۾ ڪيترائي نوادرات جمع ڪرايائين ۽ پوءِ ميونسپل ڪميٽيءَ جي ڏنل هڪ ڪمري کي ميوزيم بڻائي، سڀ ڪجهه اچي اتي رکيائين ۽ ميوزيم کي وڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ لڳو. ان بعد جڏهن بدين ۾ ميوزيم لاءِ رٿيل عمارت جا ٻه ڪمرا ٺهي مليا ته اهو سامان کڻي انهن ڪمرن ۾ منتقل ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي ’لاڙ ميوزيم ‘بڻيو.

محمد سومار شيخ جو شاهه عبداللطيف جي ڪلام تي به ڪافي ڪم ٿيل آهي. هن سنڌ جا جهر جهنگ جهاڳي، شاهه لطيف جا ڪيترا گم ٿيل ۽ اڻ ڇپيل بيت هٿ ڪري ڇپرايا. هو ادبي جاکوڙ ۾ عزم وارو ماڻهو، زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پرعزم رهيو. مالي طور مسڪين هئڻ باوجود لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتابن جي اشاعت لاءِ هر وقت جاکوڙ ۾ رڌل رهندو هو. هن ’لطيف پبليڪيشن ‘جو بنياد وڌو، جيڪو سرپرستي ڪرڻ وارن جي ضد ۽ حڪم موجب بدلجندو ’جيلاني پبليڪيشن ‘،’بدين پبليڪيشن ‘۽ ’ساگر پبليڪيشن ‘بڻيو. هن پنهنجي سوچ پٽاندڙ ان کي ’لاڙ ادبي سوسائٽيءَ ‘جي نالي سان ترقي ڏياري ۽ ان پليٽفارم تان پنهنجا ۽ ٻين اديبن ۽ محققن جا ڪتابَ شايع ڪرايا.

محمد سومار شيخ سڄي ڄمار هڪ ڪارڪن وانگر ادب جي خدمت ڪئي. سندس لکيل ڪتاب ۲۳۲ آهن، جن مان ۴۷ ڪتاب ڇپيل آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

( ۱ )آڌي رات( ۱۹۵۵ع )

(۲ )هڪ ندي ٻه ڪنارا

( ۳ )ڪليات فاروق

( ۴ )تاريخ الشعرا لاڙ( ڀاڱو پهريون )

(۵) روحاني ابيات

( ۶ )ڪليات شيخ الهبچايو

( ۷ )گوگو چوهاڻ

(۸ )ڇوليون

( ۹ )سنڌي آوازن جا تبادلا

( ۱۰ )بو علي قلندر

( ۱۱ )ڪلام مرکان شيخڻ

( ۱۲ )روپا ماڙي

( ۱۳ )دوها ۽ دونهان

( ۱۴ )ڪلام پير ڀاون علي شاهه ’ساقي

(۱۵ )ڄراٽيس ڄيري

( ۱۶ )پيرو فقير جو ڪلام

( ۱۷ )عبراني

( ۱۸ )شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ کي ڳائيندڙ شاعر

( ۱۹ )بدين :واهه بديڻا تنهنجا ڀاڳ

( ۲۰ )بدين ضلعي جي اديبن شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين

( ۲۱ )منتخب ڪلام رئيس عالم خان نظاماڻي

( ۲۲ )بدين ضلعي جا مشاهير

( ۲۳ )بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ

( ۲۴ )ڪڇين جا قول

(۲۵ )بدين ضلعي جو مطالعو

( ۲۶ )لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا

(۲۷ )سنڌ جا زيوَر

( ۲۸ )بدين ثقافتي ميلي جي ڪهاڻي

( ۲۹ )سنڌ جون سورميون

( ۳۰ )شفا بخش پاڻي

( ۳۱ )ٽيڙُو اُڀا ٽي

( ۳۲ )اڻمٽ نقش،

(۳۳ )مسٽر حاجي

( ۳۴ )ڪلام جڙيل عباسي

( ۳۵ )پير شاهه قادري

(۳۶ )ماهه ذوالحج

( ۳۷ )مناجات ساقي

( ۳۸ )شاهه جا گم ٿيل بيت( سر مارئي )

(۳۹ )شاهه جا گم ٿيل بيت( ست سر )،(۴۰ )پارس

( ۴۱ )پکرو وچور

(۴۲ )پرڏيهين جا پيغام

( ۴۳ )ڪلام الهه بچايو شيخ

( ۴۴ )برج ڀاشا جوگرامر( مهراڻ ۾ ڇپيل )

سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو وڏو تعداد آهي، جيڪي تاريخ، لطيفيات، ثقافت، لغت وغيره جي موضوعن تي آهن. شيخ صاحب ڪافي تعداد ۾ شاعري به ڪئي. سندس شعري مجموعو ’دوها ۽ دونها ‘۱۹۷۱ع ۾ لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين طرفان شايع ٿيل آهي.

شيخ سومار جي ڪوششن سان ۱۹۸۰ع ۾ لاڙ ميوزيم جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جو کيس پهريون انچارج مقرر ڪيو ويو. پاڻ لاڙ ميوزيم جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيائين، جيڪي ڪامياب ٿيون ۽ لاڙ ميوزيم ثقافتي وٿن ۽ تاريخي شين تي مشتمل شاندار اداري جي صورت ورتي، پر کانئس پوءِ ان ميوزيم جي حالت چڱي نه رهي. کيس ’بدين ضلعي جي تاريخ ‘ڪتاب تي سنڌالاجيءَ اوارڊ ڏنو. ان کانسواءِ تحقيقي خدمتن جي روشنيءَ ۾ تنظيم ’نظر و فڪر، سنڌ ‘طرفان پڻ کيس اوارڊ ڏنو ويو. محمد سومار شيخ جو ثقافتي تاريخ جي سلسلي ۾ ڪيل تحقيقي ڪم بنيادي ماخذن وارو آهي.

سنڌ جي هن نامور اديب، ٻولي شناس، محقق ۽ عالم سومار شيخ ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۸۶ع تي بدين ۾ وفات ڪئي.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا