محمد سومار
شيخ
سرڪاري ۽ ادبي
ادارن جو ڏانھنس بيحسيءَ وارو لقاءُ
محمد خان سمون
بدين جي ڊي سي او چوڪ ڀرسان قائم لاڙ ميوزيم جي باني ۽
صدارتي ايوارڊ يافته ان شخص جو پروفائيل ڀلي روايتي ئي هجي پر سندس ڪردار لاڙ کي
نواڻ ضرور ڏني. جتي جتي لاڙ جي دڙن، آثارن، روايتن، قصن، ڪهاڻين ۽ ادب جو ذڪر ٿو
ٿئي، ته هانءَ تي هن جو نالو هڪدم تري ٿو اچي. پراڻن ماڳن ۽ شاهه لطيف رحه جي بيتن
پٺيان ويندي ويندي هن سرحدن جي به پرواهه نه ڪئي. ادب ۽ ثقافت کي گڏ گڏ کڻي هلندڙ
هي شخص بيماريءَ جي بستري تائين ان سان ساٿ نڀائيندو رهيو. پنهنجي ڪم سان جنون جي
حد تائين عشق ڪندڙ هي شخص هن خطي جي تاريخ لکندي لکندي پاڻ به تاريخ ٿي ويو آهي.
مرزا قليچ بيگ کانپوءِ سنڌ ۾ هو واحد شخص هو، جنهن ۳۶۱ ڪتاب لکيا هئا، جن مان
هيستائين ۶۳ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ادب، ثقافت، ماڳ مڪان، شاعري، آرڪيالاجي وغيره
اهڙا موضوع هئا، جن تي هن ايترو ته مواد هٿ ڪيو آهي، جو ان مان اڃا به ڪيترائي
ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
