آنربل غلام محمد خان ڀرڳڙي [1878ع ــ 1924ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ ۾ جن بزرگن، عالمن ۽
بي باڪ شخصيتن حصو ورتو هو، انهن ۾ آنربل رئيس غلام محمد خان ولد خانبهادر ولي
محمد خان ڀرڳڙيءَ جو نالو به سر فهرست آهي سندس ولادت ضلعي ٿرپارڪر، تعلقي جيمس
آباد جي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ 19 ذوالقعد 1295 هه مطابق 23 جولاءِ 1878ع تي ٿي. ابتدا ئي
تعليم ڳوٺ مان ورتائين. پوءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ به ويو. آخر عليڳڙهه مان مئٽرڪ
پاس ڪري وطن واپس وريو ۽ اچي پنهنجي زمينداري سنڀالڻ لڳو. انهيءَ دوران شادي به
ڪيائين. هوشيار به حد درجي جو هو، جنهنڪري انقلابي ذهن رکندي، خدا داد ڏنل ڏات
سببان آرام نه آيس. پوءِ 1905ع ۾ انگلنڊ ويو، جتان ٽن سالن ۾ بئريسٽري جو اعليٰ
امتحان پاس ڪيائين.
واپسيءَ تي رئيس غلام محمد خان، حيدرآباد ۾ وڪالت جي
پيشي کي اختيار ڪيائين. هي سياسي سجاڳيءَ جو دور هو، ۽ سياسي جماعتون سنڌ کي آزاد
ڪرائڻ لاءِ سخت جدوجهد ۾ مشغول هيون پاڻ به آزاديءَ جو ڪوڏيو هو، جنهنڪري ستت ئي
آزاديءَ جي هلچل ۾ پنهنجن سمورن ساٿين سميت شامل ٿي، تحريڪ کي تقويت ڏنائين.
حالانڪ تحريڪ کي تيز ڪرڻ لاءِ کيس جاني ۽ مالي قربانيون ڏيڻيون پيون، ايتري تائين
جو انهيءَ ڏس ۾ وڪالت جو ڌنڌو به هميشہ هميشہ لاءِ ترڪ ڪرڻو پيس. بالاخر سنڌ پاران
بمبئي ڪائونسل تي ميمبر جي حيثيت مليس. هو وڏن ماڻهن جيان عياش نه هو، بلڪل سنڌين
جو سچو خادم ۽ وطن وارن جو هڏ ڏوکي هو. اهوئي سبب هو جو وقت بوقت ڪائونسل ۾ سنڌ جي
حقن لاءِ سخت جدوجهد ڪندو لڙندو رهيو.
هي پهريون شخص هو، جنهن هارين ۽ زميندار جي سک سهنج لاءِ
سنڌ ۾ جديد اوزار مهيا ڪيا ۽ ڦٽين ٽاڻڻ جا ڪارخانا به سنڌ ۾ برپا ڪرايا. تعليم طرف
به سندس وڌيڪ ڌيان هو؛ انهيءَ لاءِ ته ملڪ مان ناخواندگي گهٽجي. انهيءَ سلسلي ۾
حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج برپا ڪرائڻ ۾ پاڻ بمبئيءَ جي گورنر کان منظوري وٺي آيو هو.
ازانسواءِ تعليم جي راهه ۾ غريب ۽ مسڪين شاگردن کي ڳجهه ڳوهه ۾ وضيفا ڏيئي، سندن
همت افزائي ڪندو رهيو. حيدرآباد مان پنهنجي ذمي ”الامين“ نالي هفتيوار اخبار به
جاري ڪرايائين.
مطلب ته رئيس صاحب، امير هوندي به غريبن جو مددگار يتيمن
جو يار ۽ بي سهارن جو سهارو بڻيو رهيو. ريل گاڏيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ هوندي به
ٿرڊ ڪلاس ۾ عام ماڻهن سان گڏ سفر ڪندو هو. سندس ڪيترا ئي هندو خواه مسلمان دوست
هئا، جن مان سيٺ هرچندراءِ وشنداس ۽ سيٺ غلام چاڳلا جا نالا نه وسارڻ جهڙا آهن-
1920ع ۾ کيس ”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس“ جو صدر پڻ چونڊيو ويو. رات ڏينهن جي مسلسل
محنت سببان، پاڻ 1924ع ۾ سخت بيمار ٿي پيو. حالانڪه بمبئيءَ مان به معالج گهرايا
ويا، مگر افسوس! کيس موت مهلت نه ڏني، جنهن ڪري 17 شعبان 1343 هه مطابق 9 مارچ
1924ع تي حيدرآباد ۾ راه رباني ورتائين. سندس جنازي پٺيان هزارين هندو ۽ مسلمان سرد
آهون ڀريندا، ريلوي اسٽيشن تائين ويا، جتان ريل رستي کيس ڊينگاڻ ڀرڳڙي پهچائي
دفنايو ويو.
رئيس ڀرڳڙي صاحب، هڪ خود دار انسان هو. وڏي ۾ وڏي
ماڻهوءَ جي به ڪڏهن ڪاڻ نه ڪڍيائين، حالانڪ پاڻ تي قيد جا ڪپڙا به چاڙهايائين؛ مگر
پنهنجي اصولن تي آخري دم تائين قائم رهيو. وقت جا انگريز آفيسر به کانئس ڪو
کائيندا هئا.
No comments:
راءِ ڏيندا