تمر فقير [1737ع – 1814ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جي صوفي شاعر، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي خاص
فقيرن ۾ تمر فقير ولد فقير صحبت علي سالار جو نالو به وسارڻ جوڳو نه آهي. سندس وڏا
تعلقي هالا ۾ ڀٽ شاهه کان پنجن ميلن جي وڇوٽيءَ تي، کنڊوءَ لڳ، ڳوٺ بلند شاه سالار
۾ رهندا هئا. فقير صحبت علي ۽ سندس ڀاءُ فقير محبت علي، ڀٽائي صاحب جا خاص
عقيدتمند هئا.
فقير صحبت عليءَ کي پڇاڙيءَ تائين اولاد ڪانه ٿي. آخر
1150 هه مطابق 1737ع ڌاري، شاه سائين رح جي اجازت سان حج بيت الله شريف جي زيارت
تي سگهرو سنبريو. ان زماني ۾ سفر جون سهوليتون گهٽ هيون؛ جنهن ڪري قافلي سان رلجي
پيو. مڃاڻ ڪا سندس گهر واري اميد ڀري هئي. خدا جي قدرت سان سفر ۾ سنڀار ٿيس؛ جنهن
ڪري مجبورا ”مسافريءَ دوران هڪ کجيءَ هيٺان مائي صاحبه پير لڌا ۽ کيس مرشد جي دعا
سان هڪ خوبصورت پٽ، دائيءَ جي هٿن کان آئيءَ جي هنج ۾ رسيو. سندس نالو ”علي“
رکيائون.
خير خوبيءَ سان جڏهن سفر پورو ڪي وطن واپس وريا ۽ سڌو
مرشد جي قدم بوسيءَ لاءِ شاهه سائينءَ وٽ آيا. پوءِ ته پنهنجو پنڌ ڪندڙ پٽ اچي،
سندس جهوليءَ ۾ اڇلايائون. شاهه سائينءَ فقير صحبت عليءَ جي نينگر کي گود ۾ آڻي
کانئس نالي جي دريافت ڪئي، جنهن تي ننڍڙي نينگر ٺهه پهه وراڻيو، ته ”سائين! منهن
جو نالو ”حاجي علي“ آهي!!“ تنهن تي پاڻ فرمايائون، ته ”ابا! اسان جي وڏي ڏاڏي ۽
مرشد جو نالو ”علي المرتضيٰ رضه“ آهي !!“ ان ڪري تنهنجو نالو بدلائي ”تمر“ ٿا رکون
!!! انهيءَ ڪري جو تون کجيءَ هيٺان ڄائو آهين. ڄمڻ وقت عرب جي عورتن خوشيءَ وچان
جيڪا لولي ڳائي هئي، اها هن ريت آهي: ”فوق المطعر، تحت التمر، لبن البقر – هات
الله هات الله“ (معنيٰ: مٿان مينهن، هيٺان کجور، ڳئونءَ جو کير – ڏي الله، ڏي
الله).“ سندس والدين اهو ٻڌي دنگ رهجي ويا ۽ ان وقت جي صداقت ۾ يقين رکي، ڪنڌ ڌوئڻ
لڳا. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ مٿس ”تمر“ نالو مشهور ٿي ويو.
قادر ڪار ساز آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي راضي ٿئي ٿو، ته سندس
لاءِ موزون ۽ مناسب حالتون بڻجيو پون. تمر فقير تي ته شروع کان ئي ڀلارن جا ڀال
ٿيل هئا، جو درويش جي دعا سان وري ولادت به ڀليءَ ولايت ۾ نصيب ٿيس. پاڻ نهايت
سدورو، سلڇڻو ۽ حليم طبيعت هوندو هو، ان ڪري ڳوٺ جي سڀني ننڍن وڏن کي بيحد پيارو
لڳندو هو. شاه سائين ته کيس پٽيلو ڪري ڇڏيو هوس. جڏهن سمجهه ڀرو ٿيو، ته شاه
سائينءَ سندس ٻانهن محڪم الدين سيلاني رح (ولادت 1139 هه = 1726ع) جي هٿ ۾ ڏيندي،
کيس سچي فقير بڻائڻ لاءِ امر ڪيائينس. بس، پوءِ ته هڪ صوفي دل، اهل- علم شخصيت ۽
اهل الله درويش جي صحبت ۾ رهي ڪري، سلوڪ جون تمام منزلون طيءِ ڪري وڃي مٿي چڙهيو.
اڃا بلوغت تي مس رسيو. ته سندس مرشد (شاه سائين رح) وفات ڪري ويو. ان وقت تمر
پندرهن ورهين جو ڳڀرو جوان هو.
تمر فقير جي تعليم بابت به روايتون ملن ٿيون. چوڻ ۾ اچي
ٿو ته پاڻ شاهه جمال جي ڏينهن مسجد جو پيش امام به ٿي رهيو؛ جنهن لاءِ قرآن پاڪ جو
درس ميان ولي محمد وائيءَ واري وٽان ورتو هئائين. سندس طريقت جو سلسلو به ساڳيو ئي
مرشد جهڙو هو. شريعت جو پائبند ۽ سنت والجماعت جو پير و ڪار هو ۽ بالڪل مجرد رهيو
– 77 ورهين جي ڄمار ۾، 1227 هه مطابق 1814ع تي ڪڇ ۾ ئي رهندي وصال ڪيائين. وصيت
موجب کيس پٽ تي جيئن تيئن ڪري آندو ويو؛ ۽ شاه سائين رح جي ڏاکڻي طرف احاطي جي ڪنڊ
۾ هميشہ هميشہ لاءِ آرامي ڪيو ويو. کانئس پوءِ، سندس هڪ ويجهي عزيز، فقير ڪمال سالاري
کي ڌاڳا ڍڪائي، تمر جي آسڻ تي آندائون.
هي تارڪ الدنيا فقير، نيت جو اڇو ۽ مرشد جي رنگ ۾ رتل
هو. راڳ کي روح جي راحت سمجهندو هو. اهو ئي سبب هو، جو وٽس سازن ۽ تنبورن سان
ڪيترائي ڳائڻا موجود هوندا هئا. سنڌي زبان ۾ ڪافي ڪلام چيو اٿس. سندس ڪلام ۾
اصطلاح ۽ تضمينون جاءِ بجاءِ استعمال ٿيل آهن. زندگيءَ جو ڳچ حصو ڪڇ ڀڄ ۾ گذاريو
هئائين پاڻ عمر جي لحاظ کان حالانڪ مڙني فقيرن کان ننڍو هو، پر شاه سائينءَ وٽ
سڀني ۾ سندس مان مٿاهون هو.
(1)- ”سالار“ ، اصل ۾ ”هالار“ قوم مان
آهن، جن تي ”سالارا ڳوٺ“ ۾ رهڻ ڪري، مٿن اهو نالو پيو هي، جيڪو پوءِ ذات تي ڪم اچڻ
لڳو.
(1)- ”تمر“ ، عربي زبان ۾ ”سڪل کارڪ“
کي چيو ويندو آهي. ازانسواءِ ”آهني مرد“ يا ”رڪ جوٺهيل“ به هن لفظ مان مراد ورتي
وڃي ٿي.
(1)– ڪمال فقير، تمر فقير جو ويجهو
عزيز ۽ طالب هو. مرشد جيان سڄي عمر ستي جتي ٿي رهيو. ڪڇ طرف سفر دوران، ڪن لٽيرن
کيس شهيد ڪري وڌو. سندس مزار ٿر ۾ راضي شاه جي تڙ تي آهي.
(2)– پنهنجي چاچي محبت فقير جي وصال
بعد سيد جمال شاه مسند تي ويٺو حالانڪ شاه سائينءَ جي طالبن کي ”تمر“ لاءِ خيال
هو، پر جيئن ته هي فقير مرشد جيان تارڪ الدنيا هو؛ انهيءَ ڪري زماني جي زيب زينت
وڏائيءَ طرف وڌڻ بدران، ڀٽ کي ئي ڇڏي ڪڇ ڀڄ ۾ ئي وڃي رهيو اتان جا ماڻهو سندس
ڪرامتون ڏسي، ڪافي پوئلڳ ٿيا. خود راجا ڳهڻ جيڪو راه جيڪو پڻ اولاد جو سڪايل هو،
سندس معتقد ٿيو؛ جنهن کي فقير جي دعا سان پٽ ڄائو هو.
[ڊاڪٽر دائود پوٽو ”تمر فقير جو احوال ۽ ڪلام“، نئين
زندگي ، نومبر 1955ع، صفحو 1 ۽ 2]
No comments:
راءِ ڏيندا