; سنڌي شخصيتون: ارباب حاجي الهجڙيو - عبدالرحمنٰ اوٺو

01 November, 2011

ارباب حاجي الهجڙيو - عبدالرحمنٰ اوٺو


ارباب حاجي الهجڙيو
 عبدالرحمنٰ اوٺو
سنڌ سونهاريءَ جي ڪک مان هر دور ۾ سورهيه، سر-ويچ، اديب، عالم، سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻ، مانجهي مڻيادار مرد نمودار ٿيا آهن، جن جي سياسي سماجي مذهبي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. انهن مرد مجاهدن مان هڪ شخصيت مرحوم ارباب حاجي الهجڙيو جي به آهي. ارباب مٺا خان جي گهر ۾ ۱۸۶۲ع ۾ جنم وٺندڙ ارباب الهجڙيو، پنھنجي سموري زندگي ٿر جي مسڪين عوام جي سياسي، خدمت ڪرڻ ۽ اخلاقي قدرن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ٿر جا واهڻ ۽ وستيون، ڳوٺ ۽ بستيون، اڄ به ارباب حاجي الهجڙيو جي غريبن، مسڪينن، يتيمن سان محبت، مهمانوازي، سخاوت ۽ سچائي جي گواهي ڏيئي رهيا آهن. جنھن ٿر جي ڪيترن ئي غريب شاگردن کي پنهنجي خرچ تي اعليٰ تعليم ڏياري، علم جي نور سان منور ڪيو. 
 
ان دور ۾، سندس ميرپورخاص وارو بنگلو، غريب شاگردن لاءِ هاسٽل طور ڪم ايندو هو. جتي غريب شاگردن لاءِ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست هوندو هو. جتي ايندڙ ويندڙ هر غريب ماڻهو لاءِ ۲۴ ڪلاڪ دروازا کليل رهندا هئا. سندس سخاوت جو ٻڌي نه رڳو سنڌ پر پنجاب، سرحد، ڪشمير ۽ بلوچستان کان مختلف فلاحي ۽ خيراتي ادارن جا سفير چندو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. هيءُ مرد مجاهد، مالڪ جي نالي تي دل کولي خرچ ڪندو هو. جنهن ڪري مالڪ به کيس تمام گهڻو نوازيو ۽ ٻين کان بي پرواهه بنائي ڇڏيو.
ارباب حاجي الهجڙيو ٿر ۾ جهالت کي ختم ڪرڻ ۽ اسلام جي توحيد واري دعوت عام، ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ ۱۹۲۹ع ۾ ستارآباد ويجهو مظهر العلوم جي نالي سان مدرسو قائم ڪيو، جتي سوين شاگرد تعليم پرائيندا هئا. سنڌ جي مشهور عالم مولوي حاجي احمد ملاح کي پنهنجي اوطاق تي گهرائي علمي، ادبي، تبليغي مجلسون منعقد ڪرائيندو هو.
حاجي احمد ملاح جو منظوم سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل قرآن شريف؛ نورالقرآن جي نالي سان ڇپرائي عوام ۾ تقسيم ڪرايو. جنهن تي ان سستائي واري دور ۾ به ۷۵۰۰۰ پنجھتر ھزار روپيه خرچ آيو هو.
هن مرد مجاهد جي عالمن سان وڏي عقيدت ۽ محبت هئي. حاجي احمد ملاح، مولوي عبدالرحيم پڇم وارو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه بديع الدين شاهه راشدي، علامه سيد محب الله ۽ ٻيا پڻ ڪيترا ئي قابل ذڪر آهن.
جڏهن بدين لڳ لنواريءَ تي حج وارو فتنو کڙو ٿيو ته عالمن جو وڏو ساٿ ڏنائين ۽ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه هٽيو.
ارباب حاجي الهجڙيو سياسي ميدان ۾ پڻ نمايان ڪردار ادا ڪيو. مرحوم خانبهادر غلام محمد وساڻ سان سندس دوستي هئي. لوڪل بورڊ ۽ ڊويزنل ڪائونسل جي ميمبر هجڻ دوران، عوام جي تمام گهڻي خدمت ڪيائين. خلافت تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتائين.
سال ۱۹۳۱ع ۾، علامه مشرقي جي قائم ڪيل خاڪسار تحريڪ ۾ مرحوم، مير علي احمد ٽالپر ۽ مير رسول بخش ٽالپر جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ارباب تاج محمد مرحوم ۽ مرحوم ارباب خانصاحب توڳاچيءَ جو هر وقت ٻانهن ٻيلي رهيو. ٿرپارڪر جي ڪنهن ڏڪاريل مارو ماڻهوءَ تي ڪو سنڌ جو وڏيرو ڏمرجي ظلم ڪندو هو ته ارباب حاجي الهجڙيو پهچي ويندو ھو. ان مسڪين جو قرض پاڻ ڏئي، کيس نه رڳو آزاد ڪرائيندو هو بلڪ ڪرايو ڏئي ماڳ پهچائيندو هوس. سندس زندگي، ٿر جي مسڪينن ۽ اٻوجھ ماڻهن لاءِ، الله تعالي جي وڏي نعمت هئي.
ارباب حاجي الهجڙيو ۱۲۶ سالن جي عمر ۾، ۱۹۸۸ع ڌاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. وڏڙا چون ٿا ته؛ “آخري ڏينهن ۾ جڏهن ارباب الهجڙيو، تمام گهڻو بيمار هوندو هو، تڏهن به کيس، جڏهن هوش ايندو هو ته سوال ڪندو هو؛ ڇا مون نماز پڙهي آهي؟ جيڪڏهن چوندا ھئس؛ نه! ته يڪدم چوندو ھيو ته؛ مون کي وضو ڪرايو ته آ نماز پڙهان. ٻيو سوال اهو هوندو هوس ته؛ ڇا اوطاق ۾ ڪو مهمان آيل آهي؟ ان ماني نه کاڌي هجي ته کيس ماني کارايو.
سندس پٽن ۾ ارباب حاجي عبدالجبار، ارباب حاجي عطاءُ الله، ارباب عبدالستار شامل آھن، جيڪي پڻ سٺي سڀاءُ جا حامل آهن. 

No comments:

راءِ ڏيندا