آغا عبدالنبي ”عليگ“ [1903ع – 1976]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شڪارپور جي مردم خيز سر زمين تي پٺاڻ قبيلي ۾، آغا
عبدالنبي ”عليگ“ ولد آغا گل حسن خان دراني، اڱاري ڏينهن 15 صفر المظفر 1321 هه
مطابق 3 جولاءِ 1903ع تي تولد ٿيو. شروعاتي تعليم شڪارپور مان ورتائين. سندس والد
خيرپور رياست ۾ نائب وزير جي عهدي تي فائز هو؛ جنهن ڪري هن نينگر مئٽرڪ تائين
تعليم خيرپور ۾ ۽ ايم- اي- او ڪاليج مان انٽر تائين تعليم وٺي 1924ع ۾ شڪارپور
هاءِ اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. فارسي تعليم کيس جهجهي مليل هئي؛ جنهن ڪري پوري
اسڪول ۾ ”پرشن“ (Persian)
پاڙهيندو هو.
ملازمت سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم کي به خانگي طرح جاري
رکيائين. ستت ئي بي - اي پاس ڪرڻ سان مختيار ڪاريءَ ۾ کڄي ويو. اورچائيءَ سان محنت
جو ڦل ملندو رهيس؛ جنهن ڪري ترقي وٺي بهاول پور ۾ آخر ڪمشنر جي عهدي تي وڃي رسيو،
جتان 1958ع ۾ پينشن تي پهچي، باقي حياتيءَ جا دم شڪارپور ۾ پورا ڪري، 12 ذوالحج
1396 هه مطابق 19 آڪٽوبر 1976ع تي وفات ڪيائين.
دراني صاحب ”آغا“ ۽ ”عليگ“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ طرف وک
وڌائي آهي؛ جنهن ڪري سندس غزل ۽ نظم سنڌي ادب ۾ خاصو اضافو آهن. شعر ۾ البته فارسي
لفظن جي ڀرمار آهي، تاهم به رواني ۽ سلاست برقرار نظر اچي ٿي. ازانسواءِ نثر جي
سلسلي ۾ مضمون، فسانا ۽ ناول وغيره پڻ اهم حيثيت رکن ٿا. ”افڪار عليگ“ (1853) ۽
سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1969ع ۾ ڇپايل ”حريص پتلو“ عرف ”وفا جي ديوي“ بهترين تصنيفون
آهن.
آغا ”عليگ“ صاحب عقيدي ۾، پنهنجي وڏي ڀاءُ آغا غلام نبي
عرف ”آغا صوفي“ (1889ع – 1938ع) جيان درازن جي درگاه جو پوئلڳ هو. سائين سخي قبول
محمد (دويم،) جو نهايت عقيدتمند ۽ سچو مريد هو. رٽائر بعد، سندس اڪثر وقت صوفين ۽
شاعرن سان گذرندو هو سندس اوطاق هميشہ علم ادب جي چهچٽي ۾ ٻهڪندي رهي. پاڻ نهايت
مهمان نواز، کل مک ۽ هڪ لا ابالي قسم جو بيپر واهه مجاهد مرد هو. چوندو هو، ته
”شعر پنهنجي دل کي وندرائڻ لاءِ قلمبند ڪندو آهيان.“ پاڻ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفل
جو مور هو. جيتوڻيڪ فطرتاً بالڪل سنجيده ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ انسان هو، ليڪن دوستن،
عزيزن، احبابن ۽ سڪ وارن سان مجلس منعقد ڪرڻ ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ڪندو هو. شڪارپور
جا رهواسي سندس وڏو قدر ڪندا هئا.
No comments:
راءِ ڏيندا