آغا عبدالنبي ”عليگ“ [1903ع – 1976]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شڪارپور جي مردم خيز سر زمين تي پٺاڻ قبيلي ۾، آغا
عبدالنبي ”عليگ“ ولد آغا گل حسن خان دراني، اڱاري ڏينهن 15 صفر المظفر 1321 هه
مطابق 3 جولاءِ 1903ع تي تولد ٿيو. شروعاتي تعليم شڪارپور مان ورتائين. سندس والد
خيرپور رياست ۾ نائب وزير جي عهدي تي فائز هو؛ جنهن ڪري هن نينگر مئٽرڪ تائين
تعليم خيرپور ۾ ۽ ايم- اي- او ڪاليج مان انٽر تائين تعليم وٺي 1924ع ۾ شڪارپور
هاءِ اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. فارسي تعليم کيس جهجهي مليل هئي؛ جنهن ڪري پوري
اسڪول ۾ ”پرشن“ (Persian)
پاڙهيندو هو.
