; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ

26 February, 2024

ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ

ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ

ڇا ته ماڻهو آهي!

حسين ڪپري



منهنجو استاد ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ، انگريزي ڊپارٽمنٽ جو چيئرمين، قابل ايڊمنسٽريٽر ۽ سخت مزاج پروفيسر هو. سندس ٻانهن جي لوڏ، ڪنڌ جو ور ۽ اکين جي سختي ڏسي شاگرد ليڊرن انگريزي ڊپارٽمنٽ جي ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪرائڻ ئي ڇڏي ڏنو!

انگلش ڊپارٽمنٽ جي اعليٰ معيار لاءِ هن ڏاڍو پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي قيمت چڪائي. دستور هن جو پنهنجو هو، قاعدا پاڻ ٺاهيندو هو ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ به ڄاڻندو هو.


اهو مارشلا جو ظلمي دور هو، سڄو ملڪ ٽڪٽڪي تي چڙهيل هو، ڪيمپس ۾ هٿيار هئا، خونريزيون هيون، مگر انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهايون هيون، ذهنن جي آبياري هئي ۽ علمي بحث هئا. مغربي ادب، تنقيد، نظريا، فلسفا، آرٽ دنيا جي هر موضوع تي بحث جي آزادي هئي. مگر مذهب ۽ سياست تي بحث ڪرڻ جي اجازت نه هئي.

قد ۾ هو اونچي سفيدن جو ننڍو ڀاءُ، ارادن ۾ ڄامشوري جو پٿر ۽ ڪم ۾ هڪ ماڻهو تي مشتمل فوج هو! هن جي دل ۾ هڪڙو يقين هو، جيڪڏهن معياري تعليم ڏجي، سٺي تربيت ڪجي ته سنڌي نوجوان دنيا جو وڏي کان وڏو ۽ مشڪل ترين ڪم ڪري سگهي ٿو.

اسان بهرحال چيو ته هي ديواني جو خواب آهي. انهي خواب جي چڪر ۾ هو ايترو دور نڪري ويو هو جو نه پاڻ پوئتي هٽي سگهيو، نه اسان کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنائين!

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سوچي هڪڙي ڳالهه نڪرندو آهي پر اڳتي نتيجو ٻيو نڪرندو آهي. اسين شروع کان ڪوايجوڪيشن ۾ پڙهيا هئاسين. نگاهه ناز جي سڃاڻپ هئي، جلوي جمال جي تجلين جي خبر رکندا هئاسين پر ماحول پابندين وارو هو.

يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ مهل سوچيوسين ته اتي آزاديون هونديون، ڇڙواڳيون هونديون، وڏا مزا ٿيندا. ڪجهه پيار ڪنداسين، ڪجهه پڙهائي ڪنداسين ۽ ٿورو نقل ڪري پاس ٿي وينداسين. پهرين هفتي ۾ ئي اهي سڀ خواب چڪناچور ٿي ويا.

انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ ايڏيون سختيون هيون جو سڀ ڪلاس هلي ختم ٿيندا هئا ۽ ٻاهر نڪرندا هئاسين ته پوري آرٽس فيڪلٽي ويران لڳي پئي هوندي هئي. ماڻهو ڳالهائي ته ڪنهن سان! ڪم ايترو گهڻو هو، ڪورس ايترو ڊگهو هو جو نه صرف سنگت ساٿ جي محفلن کان محروم ٿياسين پر دل پشوري کان به وياسين.

انهي ڏک ۾ گري گوندر ول جي ٿيو پي هلياسين جو مٿان امتحان اچي ويا. ڪجهه وقت کان پوءِ رزلٽ انائونس ٿي. تقريبن اڌ ڪلاس فيل هو! هائي گهوڙا، ظلم بغداد، مچي وئي. ڇوڪرا ته جيئن تيئن ڪري ڌڪ پچائي ويا مگر ڇوڪرين جا لڙڪ ڪير اگهي، ٽشو پيپر ختم ٿي ويا!

”لکي ٿو ڏيان، هي ماڻهو دوزخ جو پيل پائو ٿيندو،“ مون سنگت کي ڪن ۾ چيو.

انهي امتحان ۾ ئي سائنس فيڪلٽي جي ڊين پنهنجي ڀائٽي کي پاس ڪرائڻ لاءِ ذاتي طرح هلي اچي، لاڙڪ صاحب کان فيور گهريو هو. اهو ڇوڪرو به ٻن مارڪن تان فيل هو!

انگريزي ڊپارٽمنٽ جي امتحانن جو بيان اهڙي داستان خونچڪان آهي، جنهن کي ٻڌائيندي، بقول شاعر لهو اچيو وڃي لڙڪن ۾. اسان جي بيچ ۾ 80 کن شاگرد هئا پڇاڙي جو جڏهن پڙهائي پوري ٿي ته فقط 21 ڄڻا ڊگري وٺي سگهيا! گهڻا وچ ۾ ڀڄي ويا ۽ ٻيا ناپاس ٿيا. ايتريقدر جو ڊپارٽمنٽ جي رڄ چڱي مڙس پروفيسر آصف سهاڳ جو سئوٽ خير محمد سهاڳ به فيل ٿي پيو!

اهڙن واقعن جي ڪري هو هڪ اهڙي بي مهابي ماڻهو طور مشهور ٿي ويو هو، جيڪو انگلش ڊپارٽمنٽ جي اعليٰ معيار لاءِ اک به ڪاڻي ڪري سگهيو ٿي ۽ ڏس به ڪاڻي ڪري سگهيو ٿي.

سيمسٽر سسٽم هو، سال ۾ ٻه امتحان ٿيندا هئا. شفافيت جي صورتحال اها هئي ته امتحاني ڪاپيون چيڪ ٿيڻ کان پوءِ هر شاگرد پنهنجي ڪاپي ڏسي سگهندو هو. انصاف ۽ برابري جو معيار به صفا الڳ هو.

ڪي شاگرد مارڪون وٺڻ جي چڪر ۾ چيئرمين جي اڳيان پويان ڪُتر پيا ٿيندا هئا ۽ ڪي وري اهڙي خشڪ طبيعت جا هئا جو سلام به نه ڪندا هئا. هو رزلٽ ۾ رويا نه ڏسندو هو، ميرٽ کي پرکيندو هو. ايتري قدر جو سهڻين ڇوڪرين کي به هڪڙي مارڪ مٿي نه ملندي هئي. دنيا ۾ حسن وڏي سفارش آهي پر لاڙڪ وٽ اها به ڪانه هلندي هئي!

ظاهري طرح هو رکو ماڻهو هو، هر وقت سيريس موڊ ٺاهي پيو هلندو هو. شاگرد چوندا هئا، ”سائين کي ڪاوڙ ڪرڻ جو جدا الائونس ٿو ملي!“

سندس دستور هو ته نه پاڻ سنڌي ۾ ڳالهائيندو هو ۽ نه ڪنهن اسٽوڊنٽ کي ڳالهائڻ ڏيندو هو.

امتحان ۾ وڌيڪ مارڪون کڻڻ جي چڪر ۾ جيڪي ڇوڪرا لطيف جا سٺا سٺا شعر لکي ايندا هئا تن کي چوندو هو، جيڪڏهن هروڀرو سنڌي شعر هڻڻو آهي ته ان کي لازمي طرح انگلش ۾ ترجمو ڪري لکو. اهڙن نادري حڪمن جو اهو نتيجو نڪتو آخري سيمسٽر ۾ ايتري قابليت اچي ويندي هئي جو ڪير سنڌي ۾ ڳالهائي، شاگرد اتي جو اتي انگلش ۾ ترجمو ڪندا ويندا هئا.

هونئن ته خير محمد لاڙڪ صاحب سڀ ڪم ڏکيا ڏيندو هو پر جنهن شئي اسٽوڊنٽس کي رت ڪري ماريو سي اسائنمنٽون هيون. جيڪڏهن اسائنمنٽ هڪڙو ڏينهن دير سان جمع ڪرائبي هئي ته اڇلائي منهن ۾ هڻندو هو.

پهرين ببليوگرافي لکڻ جو طريقو سيکاريندو هو جيڪا اسائنمنٽ جي آخر ۾ ڏيڻ لازمي هئي. پرايا خيال ۽ ڳالهيون لکڻ کان وڌيڪ اوريجنل ايپروچ تي زور هو. ”پنهنجا نوان آئيڊياز ڏيو، خيال لکو ۽ رايا ڏيو،“ هو زور ڏيئي چوندو هو.

اهو ڪم سولو هجي ها ته ماڻهو سور ڇو کائي ها. ڇوڪرا چالاڪ هئا، هتان هتان ٻين نقادن جا ٽڪرا کڻي، لفظ تبديل ڪري اسائنمينٽ ٺاهي ايندا هئا. هو هر دو نمبري کي سمجهي ويندو هو ۽ ان کي روڪڻ لاءِ پنهنجا طريقا اختيار ڪندو هو. اڪثر ڪري اهڙو موضوع ڏيئي ڇڏيندو هو جنهن تي اڳي ڪنهن نقاد نه لکيو هجي.

ان زماني ۾ هڪڙي فلم ڏاڍي مشهور ٿي هئي. مون کي ان تي اسائنمنٽ ملي، ”مولا جٽ جو تنقيدي جائزو“ (Critical review of Maula Jatt)

هفتي کان پوءِ مون اها اسائنمنٽ ڪلاس ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ ڪهاڻي، پلاٽ، سينيماٽوگرافي تي پنهنجي راءِ سان گڏ پنجابي ڊائلاگن کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري اهڙي اداڪاري سان پيش ڪيو جو سڀني چيو، ”آفرين آفرين!“

تاڙيون وڄي دنگ ٿيون ته عرض ڪيم، ”سر، کيسي جي محدود بجيٽ جي باوجود اها فلم ٻه دفعا ڏسڻي پئجي وئي. مهرباني ڪري آئيندي اهڙي خرچيلي اسائنمنٽ نه ڏجو.“

”ٻه دفعا ڇو؟“ هن ڪورٽ وڪيل وانگر آڏي پڇا ڪئي.

”ٻيو دفعو انهي ڪري ڏٺي جو هيروئن جي اک ظالم هئي، بدن ملائم هو ۽ سيني ۾ تلاطم هو. ڳالهه ئي وسري وئي، ڇا لاءِ ويو هئس،“ مون سچي ڳالهه چئي ڏني.

هن کان امالڪ ٽهڪ نڪري ويو.

هو کليو ته ڪلاس تي ”مت پوچهه ولولي دلِ ناڪرده ڪار ڪي“ واري ڪيفيت طاري ٿي وئي!

سڄي ڪيمپس ۾ اها خبر جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي ته ڊپارٽمنٽ جي هڪ شاگرد ۾ چارلي چيپلن جو روح لهي آيو ۽ هن لاڙڪ صاحب کي کلائي ڏيکاريو!

اهڙي واهه واهه ٿي جو گدڙ کي سڀڪو سڃاڻڻ لڳو. مشهوري ملڻ جي باوجود به هن ڪا رعايت نه ڪئي. ان ئي هفتي موڪل ۾ سڏائي ورتو.

هن جي عادت هئي ته سيمينار لائبرري جو رجسٽر گهرائي پاڻ چيڪ ڪندو هو.

”حسين ڪپري، ٻن هفتن کان وڌيڪ ڪتاب ڇو رکيو؟ ڪتاب کي پال وڌو، سانڌاڻو ٺاهيو يا پڪوڙن واري کي وڪڻي ڇڏيو؟“ آفيس ۾ گهڙندي شرط هن سوال ڪيو.

آئون اڃا ڪا ورندي ڏيان جو منهنجي پويان بيٺل ڇوڪري کي دٻ ڏنائين، ”تو پورو مهينو ڪتاب اشو نه ڪرايو، ڇو ڀلا هتي ننڊون ڪرڻ آيو آهين ڇا؟“

جٺون ڪرڻ جي ڏات هن کي قدرت کان عطا ٿيل هئي، باقي انداز هو پنهنجي مرضي ۽ ضرورت موجب اختيار ڪندو هو. ڪڏهن هٿ هلڪو ته ڪڏهن ڳرو رکندو هو.

ڪتابن جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ هو پڪنڪ جو بهانو ٺاهي، بسون ڀرائي ڪراچي جي وڏن ڪتاب گهرن ۽ اردو بازار وٺي ويندو هو. سڀ کيس سڃاڻندا ۽ خريداري تي زبردست رعايت ڏيندا هئا. زندگي ۾ پهرين دفعا اسان کي ڪتابن جو بحري جهاز به هن ڏيکاريو جنهن الائي ڪيترن سالن کان پوءِ بندرگاهه تي اچي لنگر هنيو هو.

گهڻا ڇوڪرا ٻهراڙي جا هئا، تنهنڪري هو ايٽيڪيٽ به سيکاريندو هو ته خواتين پروفيسرن کي هٿ کڻي سلام نه ڪريو، ويندڙ استاد کي پويان سڏ نه ڪريو، تڪڙيون وکون کڻي ان تائين پهچو ۽ پوءِ ”ايڪسيوز مي سر“ چئي ڳالهه ڪريو. لائبررين مان ڪتاب ڳولڻ يا پنهنجي لائبرري سيٽ ڪرڻ جو هنر به هن سيکاريو.

بيشڪ اهي سڀ ڪم ڪرڻ ۾ هو اڪيلو نه هو. سڄي ڊپارٽمنٽ جا استاد شريڪ هوندا هئا. مگر کيس ٽيم ٺاهڻ ۽ ان کان ڪم وٺڻ ايندو هو. ڏنل ڪم کي مقرر مدت ۾ پورو ڪرڻ، تفصيلن سان پيار ۽ پرفيڪشن سندس اصول هو.

هو جڏهن ڪلاس وٺڻ لاءِ دروازي وٽ اچي بيهندو هو ته ٺيڪ ٻارهن لڳي ويهه منٽ ٿيندا هئا! اڪثر ڪري سڀني کي ياد ڏياريندو هو، ”انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ استاد هجي يا شاگرد هر ڪنهن کي وقت سان هلڻو آهي.“

جيڪو به وقت سان هلندو آهي طويل ۽ مشڪل رستا به انهن لاءِ مختصر ۽ آسان ٿي ويندا آهن.

ائين ڪونه هو ته هو ڪو پهريون ماڻهو مليو هو. کانئس اڳي ڪاليج واري دور ۾ اهڙن استادن وٽ پڙهي چڪا هئاسين جن مان ڪي ٻاهرين ملڪن مان ڊگريون وٺي آيا هئا ۽ قابل سمجهيا ويندا هئا. پر لاڙڪ جي ته ڳالهه ئي اور هئي.

آفيس ۾ گهڙو ته سندس وڏي ٽيبل تي آڪسفورڊ ايڊوانسڊ انگلش ڊڪشنري سامهون پئي هوندي هئي. ڪا اختلافي ڳالهه ٿيندي هئي ته هڪدم ڊڪشنري کولي انهي اصطلاح يا لفظ جي معنيٰ ڪڍي چوندو هو ته جيڪا معنا لکيل آهي، اها ئي فائنل آهي. پنهنجون ڊيفينيشنون نه ٺوڪيو، وڌيڪ بحث نه ڪريو، وقت جو زيان ٿيندو.

فائنل ايئر ۾ ”ادبي تنقيد“ (literary criticism) پڙهائيندو هو. اهو ڏکيو سبجيڪٽ هو، گهڻا شاگرد ان ۾ فيل ٿيندا هئا يا ٿوريون مارڪون کڻندا هئا.

انهي ۾ يوناني فلاسافر ارسطو کان وٺي ٽي ايس ايليٽ تائين تقريبن اڍائي هزار سالن جي عرصي ۾، دنيا ۾ جيڪا اعليٰ تنقيد لکي وئي سا اچي ٿي.

ادبي تنقيد جا نظريا سيلف اسٽڊي سان سمجهه ۾ نٿا اچن، انهي ڪري ڪلاس ۾ انهي ٿيورين کي سمجهائي، سوال جواب ۽ بحث ڪرائيندو هو.

ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ، اسان ڪجهه شاگردن کي آفيس ۾ گهرائي، تنقيد جي علم جون مشڪل باريڪيون ۽ اسرار رموز سمجهائيندو هو.

هن کان پڙهڻ جو مطلب هو، توهان ڪنهن آڪسفورڊ يا ڪيمبرج يونيورسٽي جي پروفيسر کان پيا پڙهو.

ڪڏهن سندس غير موجودگي ۾ ادبي تنقيد جو ڪلاس ڪو ٻيو استاد پڙهائيندو هو ته ائين لڳندو هو ڄڻ موٽر سائيڪل جو مستري ٽرڪ جو انجڻ کولي ويهي رهيو هجي!

تنقيد جي سبجيڪٽ جي اعليٰ معيار جي ڪري جيڪي انگلش ڊپارٽمنٽ مان پڙهي نڪرن ٿا تن کي اڪثر سنڌي نقاد ٻار لڳندا آهن.

مون کي سڌارڻ لاءِ ڪوششون ڪندو، مٿو هڻندو ۽ دڙڪا به ڏيندو هو. ڊپارٽمنٽ ۾ جيترا سال پڙهيس هو منهنجو اڻوڻندڙ استاد رهيو. روبرو نه چئي سگهندو هئس پر خُندس دل ۾ کڻيو پي هليس.

پوءِ جڏهن عمل جي ميدان ۾ گهڙياسين، نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ وياسين، ڪاليجن ۾ ڪلاس ورتاسين ۽ ڏکين جاين تي سرخرو ٿياسين ته هو ”ظالم“ ڏاڍو ياد آيو. تڏهن وڃي احساس ٿيو، هن ته منهنجي زندگي ٺاهي ڇڏي!

نه صرف منهنجي پر بعد ۾ جيڪي مون کان پڙهيا انهن جي به حياتي بنائي ڇڏي. ڪڏهن انهن مان ڪي ماڻهو روبرو ملن ٿا، وڏن ادارن جي آفيسن مان فونون ڪن ٿا، دنيا جي ٻين ملڪن مان اي ميلون موڪلين ٿا ته ڏاڍيون دعائون ڏين ٿا. اهي دعائون، منهنجي معرفت وري به وڃي هن کي لڳن ٿيون.

اڄ به جتي ڪي ايم لاڙڪ جو نالو ٻڌون ٿا، بي ساخته اٿي بيهون ٿا.

پر سال ڪراچي مان فون ڪيائين، ساڳي حوصله افزائي، ڳالهين ۾ پنهنجائپ ۽ لهجي ۾ سختي! اڃا تائين اُهڙي جو اُهڙو آهي. ڇا ته ماڻهو آهي!

 

(ڪتاب: ”دلبر هن ديس جا“ ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا