; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ، حسين ڪپري، دلبر هن ديس جا،
Showing posts with label ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ، حسين ڪپري، دلبر هن ديس جا،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ، حسين ڪپري، دلبر هن ديس جا،. Show all posts

26 February, 2024

ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ

ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ

ڇا ته ماڻهو آهي!

حسين ڪپري



منهنجو استاد ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ، انگريزي ڊپارٽمنٽ جو چيئرمين، قابل ايڊمنسٽريٽر ۽ سخت مزاج پروفيسر هو. سندس ٻانهن جي لوڏ، ڪنڌ جو ور ۽ اکين جي سختي ڏسي شاگرد ليڊرن انگريزي ڊپارٽمنٽ جي ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪرائڻ ئي ڇڏي ڏنو!

انگلش ڊپارٽمنٽ جي اعليٰ معيار لاءِ هن ڏاڍو پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي قيمت چڪائي. دستور هن جو پنهنجو هو، قاعدا پاڻ ٺاهيندو هو ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ به ڄاڻندو هو.