; سنڌي شخصيتون: محمد حسين شاھ سجاولي

26 February, 2024

محمد حسين شاھ سجاولي

حضرت مولانا سيد محمد حسين شاھ سجاولي

اسلامي صحافت جي ڪڙي

نم مھيسر



سجاول جي مٽيءَ ڪيترائي مڻيادار ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جن زندگي جي ھر ميدان ۾ پاڻ ملھايو ۽ مڃايو آهي. انھن پنھنجي پويان شاندار ۽ اعلي قدرن جي ميراث ڇڏي آهي. جن جي نقش قدم تي ھلي اسان عزتن، شھرتن ۽ عظمتن جا نت نوان عروج ماڻي سگھون ٿا.


اھڙن مڻيادار ماڻهن مان حضرت مولانا سيد حسين شاھ سجاولي به ھڪ ھو. گھڻ پاسائين شخصيت، تمام گھڻي مطالعي ۽ مشاھدي جو مالڪ، ھي شخص ھڪ ئي وقت مدرس، مصنف، مترجم، مبصر، ڪالم نگار، تجزيه نگار ۽ خطيب ھو. ھي سجاول جي ڀرسان ڳوٺ ٽنڊو عالم خان ۾ ھارپي تي گذر سفر ڪندڙ ھڪ موحد، نيڪ ۽ ديندار شخص سيد محمد ساجن شاھ جي گھر ۾  ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ ع ڌاري پيدا ٿيا. سائين محمد حسين شاھ فائينل تائين تعليم پنھنجي ڳوٺ مان پرائي. فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۳۳ع ڌاري سجاول جي مشهور ۽ معروف ديني درسگاهه جامعه دارالفيوض ھاشميہ مان حضرت مولانا نورمحمد سجاولي، حضرت مولانا عبيدالله ميمڻ، حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي، حضرت مولانا محمد ابراهيم ميمڻ ۽ حضرت مولانا محمد صالح الحداد جھڙن وقت جي جيٌد عالمن ۽ استادن جي نگرانيءَ ۾ قرآن جي حفظ کان وٺي درس نظامي جي ڪجھ ڪتابن جي تعليم حاصل ڪيائون. اتي ڪجھ وقت پڙهڻ کان پوءِ ڀينڊي شريف جي مدرسي عربيه مدينة العلوم ۾ داخل ٿيا، ٻن سالن تائين اتي تعليم پرائڻ کان پوءِ ٻيھر سجاول جي مدرسي ۾ داخل ٿي اتان رھيل ڪتاب پورا ڪيائون. دؤر حديث لاءِ مدرسه عربيه اسلاميه ٽائون ڪراچي۾ داخل ٿيا. اتان ۱۹۷۳ع ۾ فارغ ٿي ڪجھ وقت کان پوءِ مدرسه مدينه العلوم ڀينڊي شريف ۾ بطور مدرس مقرر ٿيا. جتي پاڻ ديني علوم، تفسير، حديث، فقيه ۽ ٻين علمن جا ڪتاب پڙھايائون. سندس خداداد صلاحيتن جي ڪري انھيءَ مدرسي ۾ درس و تدريس دوران اتان نڪرندڙ ماھوار رسالي ,, المدينه،، جو کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. کين ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو ھو، جو پاڻ ۱۸ سالن جي عمر ۾ روزانه عبرت، نواءِ وقت، مھراڻ ۽ ھفتيوار الفقراء سانگھڙ جھڙين ناليوارين اخبارن ۾ ڪالم لکندا ھئا. ان کان علاوه روزانه ھلال پاڪستان ۽ روزانه جنگ جي مڊويڪ جي مھراڻ رنگ واري صفحي ۾ پڻ سندس مضمون ۽ ڪالم باقاعدگي سان ڇپجندا رھندا ھئا. ۱۹۷۸ع کان ان وقت جي ابلاغ عامہ جي سگھاري ذريعي، ريڊيو پاڪستان سان پڻ سندن تعلق رھيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سندن ڪيتريون ئي تقريرون ۽ مذاڪرات نشر ٿيا. جتان پاڻ اعلي لياقتن ۽ صلاحيتن جي استعمال سان پنھنجي علمي استطاعت ظاهر ڪندي اسلامي صحافت سان وابستگي جي شروعات ڪيائون.

صحافت جي تاريخ ۽ ارتقا کي ڏسبو ته صحافت کي رڳو روزانه اخبارن يا ھفتيوار اخبارن تائين محدود نه ٿو رکي سگھجي. پر ان جي پلؤ پاسن ۾ رسالن ۽ مخزنن لاءِ به جاء ۽ گنجائش آهي. ڇاڪاڻ ته اھي رسالا ۽ مخزن به اھڙي معلوماتي مواد جو خزانو ۽ کاڻ آهن. جن کي صحافت وارن مقصدن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو. صحافت اسان کي سکيا ڏي ٿي ته حقيقتن کي پڌرو ڪري ظلم ۽ زيادتين تان پردو ھٽائجي ته جيئن خرابين جي خلاف محاذ کڙو ڪجي يا ايئن کڻي چئجي ته صحافت علم عام ڪري ٿي.

اھڙيءَ طرح سائين سيد محمد حسين شاھ صاحب ان گھڻ اشاعتي رسالي جي ذريعي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ جا جوھر ڏيکاريا ۽ پاڻ کي نشانبر ڪيو. مطالعي جي وسعت مولانا صاحب جي ذھن ۽ دل مان ھر قسم جي تعصب ۽ ڪٽر پڻي کي ڪڍي سندن سينو صاف ڪري ڇڏيو ھو. سندس نظر ۾ ھر مظلوم انسان خواه ڪھڙي به ملڪ، مذهب، فرقي ذات ۽ طبقي جو ھجي ان جي حمايت بنا ڪنھن ڊپ ڊاءُ ۽ مصلحت جي ڪرڻ کي ھن پنھنجو عين اصول بڻايو. اھڙيءَ طرح ھو ڪڏھن به مدي خارج سوچ ۽ رجعت پسندي جو حامي نه رھيو. ان ڪري جڏهن سندن ھيڪاندي ھاڪ ھنڌين ماڳين ھُلي ويئي ته سندس استاد محترم علامه عبدالغفور قاسمي صاحب، جيڪو اڳ ۾ ئي سندس قابليت جو قائل ھو. کين مدرسه عربيه مدينة العلوم ڀينڊي شريف مان وٺي پنھنجي دوست حضرت مولانا ڊاڪٽر محمد عادل شھيد مھتمم جامعه فاروقيہ ڪراچي جي حوالي ڪيو. جتي سائين سيد محمد حسين شاھ سجاولي صاحب کي جامعيه فاروقيہ ڪراچيءَ جھڙي نامياري اداري ۾ خاص ان مقصد لاءِ آندو ويو، ڇو ته ان وقت ان مدرسي مان الفاروق نالي سان ماھوار رسالو ھڪ ئي وقت ڪيترين ئي ٻولين ۾ شايع ٿي رھيو ھو. سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي، سو سائين سيد محمد حسين شاھ صاحب جن کي ,, الفاروق،، سنڌي رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ھن جي اعلي قابليت سان جامعيه فاروقيہ مان نڪرندڙ ھي رسالو اسلامي صحافت جي اعلي اسمن سان باقاعده شايع ٿيڻ لڳو.

سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ صحافين ان رسالي ۾ ڀرپور حصو ورتو. مون ناچيز سندس اعلي قابليت، ڏانءُ ۽ ڏاھپ مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو. جو مون اردو زبان جي نامور عالمن ۽ اسڪالرن جا چار بھترين اسلامي ڪتاب :

۱ سیرت ائمئہ اربعہ

۲ فتنہ پرویز و حقیقت حدیث

۳ خلفائے راشدین کی یگانگت

۴ ازواج مطہرات

سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا. جيڪي لڳ ڀڳ ٻارهن سالن تائين باقاعدگي سان قسطوار ھر مھيني مسلسل ڇپجندا رھيا. ان کان سواءِ منھنجا ٻيا ڪيترا ئي اسلامي، ادبي ۽ حالات حاضره بابت مضمون ۽ مقالا پڻ الفاروق رسالي ۾ ڇپيا. انھيءَ سفر ۾ سائين جن سان چند ملاقاتون پڻ نصيب ٿيون. سائين سيد محمد حسين شاھ صاحب سنڌي ادب جي جديد صنفن نثر توڙي نظم مان به بي حد گھڻو واقفيت رکندو هو. شاھ لطيف ڀٽائيءَ سچل توڙي سامي جھڙن صوفي شاعرن جي شاعري تي ته کين چڱو خاصو عبور حاصل هو.

شاھ صاحب جو حافظو به غضب جو ھو. جنھن ڪتاب جو سندس اڳيان نالو وٺبو هو ته ان ڪتاب جو سمورو تفسير ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيندا هئا. حافظي بابت ھڪ ڏينھن ھڪڙو قصو ٻڌايائون ته سجاول جي مدرسي ۾ پڙھندي موڪل تي ڳوٺ ٽنڊو عالم خان ڏانهن ٽانگي ۾ وڃڻ ٿيندو هو. ٽانگي ۾ ويٺو هئس ته ھڪ بزرگ به موسان گڏ ان ٽانگي ۾ ھم سفر ھو. ان جي ھٿ ۾ ڪاغذ ۾ بند ھڪ ڪتاب ھو. ننڍي هوندي کان ئي ڪتابن جو شوقين ھجڻ ڪري ان بزرگ کان پڇيم ته چاچا توهان جي ھٿ ۾ ھي ڪھڙو ڪتاب آھي ؟ ان چاچي مون کي ڇڙٻيندي چيو ته بابا ھي ڪتاب تنھنجي عمر ۽ معيار کان مٿي آهي. مون ساڻس اھو انگل ڪيو ته ٻيو ڀلا ڇڏيو مون کي صرف ان ڪتاب جو نالو ٻڌايو يا ڏيکاريو. جڏھن ان بزرگ مون کي ڪتاب جو نالو ڏيکاريو ته اھو ڪتاب منھنجو پڙھيل ھو. سو مون کيس ان ڪتاب جا سمورا باب، صفحا مضمون ۽ عنوان ٻڌايا ته اھو ماڻھو حيران ٿي ويو.

سائين محمد حسين شاھ صاحب ھڪ ڏينھن مون کي پڻ اچرج ۾ وجھي ڇڏيو جو مون رمضان شريف جي مھيني جي فضيلت ۽ اھميت بابت الفاروق لاءِ ھڪ مضمون لکيو، جنھن لاء مون تمام گھڻن مستند اسلامي ڪتابن کي ووڙي انھن مان مدد ورتي ھئي. سائين شاھ صاحب نشاندهي ڪندي فرمايو ته ھيء حديث يا ھي حوالو توهان جو فلاڻي ڪتاب مان ورتل آهي. سائين محمد حسين شاھ صاحب وٽ ايترو حافظو ۽ گھرو مطالعو ھو.

پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف، ترجما نگار ۽ تخليق ڪار ھجڻ سان گڏ عالمي سطح جي حالتن جھڙوڪ سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ مذهبي حوالي سان تمام گھڻي ڄاڻ ۽ واقفيت رکندا هئا. انھيءَ ڪري پاڻ بين الاقوامي اسلامي عالم ۽ اسڪالر سمجھيا ويندا هئا. ھي ھڪ بھترين اسلامي صحافي، بنيادي طور تي ھڪ ديني عالم ۽ مبلغ ھو. ان ڪري ان جي صحافت به ديني نوعيت جي ھئي. ساڳئي وقت مولانا صاحب کي سندس وسيع مطالعو ۽ مشاھدو ان محدود دائري ۾ نه رکي سگهيو. رسالي ۾ رھڻ دوران هن جو اسلامي سياست ۽ عالمي مسئلن سان به واسطو رھيو. ان ڪري مولانا صاحب پنھنجي ايڊيٽوريل ۽ ادارين جي ذريعي پڙھندڙن کي ھڪ قسم جي مذهبي تربيت ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي.

الفاروق ذريعي مولانا صاحب سنڌ ۾ ضعيف الاعتقاد مسلمانن مان غير اسلامي رسمن، رواجن، بدعتن، بدڪارين ۽ انھن کي رائج ڪندڙن جي خلاف وڏو ڪم ۽ جھاد ڪيو. ھن جي ادارت جي وقت رسالي ذريعي وقت جي اھم مسئلن جي اسلامي روشني ۾ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ لڳي. ھن جي محنتن سان ھي روح روان رسالو ھر مھيني تمام بھترين معلوماتي ۽ اسلامي صحافتي مواد سان سينگارجي پڙھندڙن تائين باقاعدگيءَ سان پھچندو ھو.

ٻئي ڳالھ جنھن صحافت کي تبليغي ڪردار ادا ڪرڻ تي آماده بلڪه ڪن حالتن ۾ مجبور ڪيو ھو. سا ھيءَ ھئي ته مذڪورہ دور ۾ سياست کان وڌيڪ تعليمي، سماجي ۽ معاشرتي سڌاري جي ھيڪاندي حاجت ھئي ۽ ان ڪري ان ئي نوعيت جي صحافت جي اشد ضرورت ھئي. جنھن جو اصل ڪم ماڻھن جي تعليمي، سماجي ۽ معاشرتي حالتن جي اصلاح ڪرڻ ھو. اھڙيءَ طرح انھن مخزنن ۽ رسالن ۾ مذهبي ترغيب به ڏني ويندي ھئي ته انھن جي سجاڳي ۽ بيداري لاءِ قدم کڻڻ به ھو، جنھن جو مقصد به خلق خدا کي صحيح دڳ لائڻ ۽ مھذب بنائڻ ھو.

سائين حسين شاھ صاحب اھڙي قسم جي رسالن ذريعي سماجي سجاڳي پيدا ڪندڙ صحافين، جنهن ۾ مذهبي صحافت جو باني مولانا دين محمد وفائي، عبدالمجيد سنڌي، حڪيم مولوي نور محمد نظاماڻي، مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، جھڙن اسلامي وڪيل صحافين جي تسلسل جي ھڪ ڪڙي ھو. مولانا محمد حسين شاھ صاحب بنيادي طور ديني عالم ھو پر وقت جي سياست، صحافت ۽ علم ادب سان چڱو چاھ ھئس، جو ان ميدان ۾ ھن اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن.

سائين حسين شاھ سجاولي صاحب ھڪ فقير منش، تمام سادو، گھٽ ڳالھائيندڙ ۽ توڪلي مڙس ھو. تمام سادگيءَ ۽ اخلاص واري زندگي گذاريندو هو. پر مالڪ سائين سندس قلم کي تمام گهڻي سگھ ۽ قوت بخشي ھئي. ھن جي قلمي جوش ۽ جولان جو ثبوت سندس مختلف ڪتابن ۽ رسالن جي صفحن تي ڏسي سگھجي ٿو.

سجاولي صاحب جون بي شمار علمي ۽ ادبي خدمتون آهن. جن جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي

اھڙي طرح سان ھي عالم دين پنھنجيون تمام گھڻيون ديني ۽ اسلامي تصنيفون سنڌي ادب جي جھولي ۾ وجھي سنڌي ادب ۽ اسلامي صحافت جي گلشن جي آبياري ڪندي. ۲۸ جولائي ۲۰۲۳ع تي اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويا.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا