; سنڌي شخصيتون: نذير حسين حيدري

26 February, 2024

نذير حسين حيدري

نذير حسين حيدري

هڪ تاريخ ساز شخصيت - ورسيءَ جي مناسبت سان

افق فاطمہ حيدري



سنڌ جي لاڙ پٽ جو علائقو علمي خزاني سان مالامال آهي، جنهن ۾ مير غلام محمد ٽالپر، مولوي حاجي احمد ملاح، فاضل راهو ۽ ڊاڪتر نذير حسين حيدري نمايان حيثيت جا حامل آهن. ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جو نالو هتان جي مسڪينن، لاچار ۽ بي واه ماڻهن جي همدرد، اديب، شاعر، فلسفي، محقق، مصنف، مورخ، صحافي، سياستدان ۽ حاذق حڪيم طور سڃاتو ويندو آهي.


نذير حسين حيدري جا وڏا پهرين آغا خاني خواجا هئا، سندس والد حاجي غلام علي خواجه جيڪو لاڙ جو وڏو واپاري ۽ مالدار ماڻهو هو، جنهن جو واپار سڄي سنڌ ۾ هلندو هو. بدين جي ڏکڻ طرف علي بندر لڳ راه مڪي ۾ سندن رهائش ۽ واپار هو. نذير حسين جي والد سميت ۵ ڄڻن ان وقت جي آغا خانين جي حاضر امام سان مناظري کان پوءِ متفق نه ٿيڻ کانپوءِ اثنا عشري شيعا مسلڪ اختيار ڪيو. جنهن کانپوءِ اختلافات وڌڻ جي نتيجي ۾ اثنا عشري مسلڪ اختيار ڪندڙ بدين، نندو شهر، ڪڍڻ، تلهار، ٽنڊو باگو، جهرڪن، حيدرآباد ۽ ڪراچي لڏي ويا. حاجي غلام علي نندي شهر لڏي آيو، جتي ۱۴ مئي ۱۹۱۱ عيسوي تي نذير حسين حيدري ڄائو، جيڪو وڏو ٿي سنڌ جي سدا حيات علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت بنيو ۽ مسڪينن لاءِ جدوجهد ڪندي، جيل ڪاٽيندي، انتهائي غربت ۽ مسڪينيءَ ۾ ۱۷ فيبروري ۱۹۷۲ عيسوي تي بدين ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ پويان ۵ ڌيئرون ۽ هڪ پٽ زهير حسين حيدري ڇڏيائين.

نذير حسين حيدري تعليم نندو شهر، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۽ لارينس مدرسي تنڊي باگي ۾ ورتي. ننڍپڻ کان مطالعي جي شوق کيس هيٺئين طبقي جي مزدور ۽ هارين جي حالت زار ڏانهن متوجهه ڪيو، جنهن ڪري وڏن جي ملڪيت ۾ به غريبن کي ڀاڱي ڀائيوار قرار ڏيندي، انهن ۾ ورهائي پاڻ به پورهيت طبقي جو حصو بنجي ويو ۽ هڪ وڏي مالدار ماڻهوءَ جي پٽ ناڪي منشي جي نوڪري به ڪئي. سڄي زندگي غربت ۾ گذاري. تحريڪ پاڪستان جي لڏپلاڻ ۾ هندن سان ٿيندڙ نا انصافين کي ڏسي نذير حسين نوجوانن جي هڪ ٽيم ٺاهي، هندن جي جٿن کي پنهنجي نگراني ۾ حفاظت سان کوکرا پار بارڊر تان هندوستان روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

سنڌ هاري ڪاميٽي جڏهن سنڌ جي هارين جي حقن لا۽ جدوجهد لاءِ ميدان ۾ آئي ته نذير حسين حيدري حيدر بخش جتوئي جو ٻانهن ٻيلي ٿي ساٿ ڏنو ۽ هاري ڪميٽيءَ ۾ سنڌ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو ۽ ان جدوجهد ۾ جيل ياترا به ڪئي. هارين جي حقن لاءِ ۱۹۵۲ع عيسوي ۾ بدين مان هفتيوار “اعلان حق” اخبار جاري ڪيائين، جنهن ۾ سندس قلم جي نشتر ميرن پيرن، جاگيردارن ۽ حڪمرانن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون. ان وقت جي وزير داخلا مير غلام علي ٽالپر سندس سخت ايڊيٽوريلن جي ڪري نه صرف “اعلان حق” اخبار جو ڊڪليئريشن رد ڪيو پر کيس جيل به اماڻي ڇڏيو. ۱۹۹۸ع ۾ سندس پٽ زهير حيدري ان “اعلان حق” جي نالي سان ٻيهر ڊڪليئريشن وٺي هفتيوار اخبار جاري ڪئي.

ڊاڪٽر نذير حيدري ۱۹۵۳ عيسوي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي لنواري شريف جي پير حاجي حسن بخش جي مقابلي ۾ بيٺو، ان وقت اليڪشني حلقو حيدرآباد کان هڪ پاسي علي بندر ته ٻي پاسي جهڏي تائين هو. سڀ وڏيرا مير پير ۽ جاگيردار مخالفت ۾ نڪري آيا ۽ هي مرد قلندر هاري حقدار جو نعرو هڻي هاري ڪاميٽي پاران چونڊن لاءِ مليل هڪ ڦٽل جيپ تي هلندو رهيو. هارين ۾ به جوش ۽ جذبو هو. هاري تحريڪ زور هئي، پير صاحب کيس هٿ کڻائڻ لاءِ هڪ نئين جيپ ۽ ان وقت جا ۷۵۰۰۰ روپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي. جڏهن ۴۷ روپيا سون جو تولو هو. ان حساب سان ۳ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٿين ٿا پر هن پير صاحب کي کتو جواب ڏيئي هٿ نه کنيو ۽ چونڊن ۾ سرمايه دار وڏيرن ميرن پيرن سان باقاعده مقابلو ڪيائين ۽ فقط ۲۰۰۰ ووٽن تان هارايائين.صدر ايوب خان جڏهن فاطمه جناح خلاف مهم هلائي ته نذير حسين فاطمه جناح جو بدين تڪ ۾ خاص ورڪر هو. صدر ايوب نذير حسين کي سندس حمايت ڪرڻ جي صورت ۾ وزارت جي آڇ ڪئي پر هن اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي. چونڊن ۾ پوري پاڪستان مان اوڀر پاڪستان ۽ بدين مان فاطمه جناح کٽيو. بدين مان صدر ايوب جو هارائڻ ۽ فاطمه جناح جو کٽڻ نذير حسين حيدري جي سياسي حڪمت عملي ۽ جاکوڙ جو نتيجو هو.ذوالفقار علي ڀُٽي مسڪينن جي حقن جو نعرو هنيو ته نذير حسين پيپلز پارٽي جي بانين ۾ شامل هو. هو پ پ پ سنڌ جو پهريون آرگنائيزر ۽ ميمبر سازي جي لحاظ کان پ پ پ سنڌ جو پهريون ميمبر هو. هن ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾ خدا ۽ طبع زاد خدا وحدانيت تي عقلي دليلن جو هڪ بهترين ڪتاب آهي. ان کانسواءِ جمهوريت يا تماشو، فلسفه محبت، ڳوليان ڳوليان مَ لهان، در نجف، شان ختمِ مرتبت تي لکان ته ڇا لکان، اسلامي سوشلزم ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب آهن، جڏهن ته اڃان ڪيترا ئي قلمي نسخا موجود آهن، جيڪي ڇپجي نه سگهيا آهن. علم جي ميدان ۾ سندس شاگردن ۾ محمد سومار شيخ، شمشيرالحيدري، محمد صديق مرهم، مولوي جعفر خواجه، جڏهن ته سياست ۾ رئيس نبي بخش ڀرڳڙي نمايان آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا