منٺار مارفاڻي
جنھن جو وڇوڙو جيءَ کي
جهوري ٿو. . .
حسيب ناياب منگي
مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته هر
روز شام جي وقت شڪارپور جي عالمن، اديبن، استادن، وڪيلن، صحافين ۽ شاعرن جو وڏو
حلقو هاٿيدر تي، منهنجي والد مرحوم “نقش” ناياب منگيءَ وٽ ايندو هو، سندن ڪچهريون
علم ۽ ڏاهپ جي خزاني کان خالي ڪين هونديون هيون. اُهي عام ڪچهريون به علمي، ادبي،
تحقيقي توڙي سماجي ۽ سياسي محفلين جهڙيون لڳنديون هيون. ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي بحث
مباحثا ٿيندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ ڪي موضوع پڄاڻي تي پهچي ويندا هئا ته ڪي سوال
رهجي ويندا هئا. انهن ئي ڪچهرين ۾ مون پهريون ڀيرو منٺار مارفاڻي کي ڏٺو هو، جيڪو
ان وقت ته ڪهاڻيون ۽ شعر لکندو هو، پر هن ڀيري ڪنهن شخصيت تي مضمون لکي آيو هو ۽
منهنجو والد صاحب سندس لکيل مضمون جي تصحيح ڪري رهيو هو. منٺار وٽ ذري برابر به وڏائي
ڪونه هئي. مون سندس عاجزيءَ کي اهڙي ريت اکين سان ڏٺو جو اتي ايندڙ هر ننڍي ۽ وڏي
سان نوڙي هٿ جوڙي ڪري ملي رهيو هو. مون اتي کيس مٺڙي لهجي ۾ بامقصد گفتگو ڪندي ڏٺو
۽ ٻڌو هو. ان کان پوءِ ته جڏهن به ملاقات ڪندو هو ته ان ئي ساڳئي عاجزيءَ سان پيش
ايندو هو. تن ڏينهن کان آخري ملاقات تائين اهڙي حالت ۾ ئي جُهڪي هٿ ٻڌي ملندو
رهيو.
مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ ڀيري
اونهاري جي مند ۾، موڪل جي ڏينهن، ٽاڪ منجهند جو اچي در کڙڪايائين. منهنجي والد
ملاقات ڪري، سندس پُٺي ٺپي هئي ۽ مون کي حڪم ڪندي چيو هيائون ته “وڃ! مٿان
لائبريريءَ مان شڪارپور تي ڇپيل سمورا ڪتاب لاهي، منٺار ميان جي حوالي ڪر! پاڻ، شڪارپور
تي نئين انداز سان ڪتاب لکي رهيو آهي”. مون کيس “سهڻو شهر شڪارپور”، “شڪارپور ماضي
۽ حال”، “شڪارپور صدين کان”، “شڪارپور سونهن جو شهر” ۽ شڪارپور تي ڇپيل ٽي سووينئر
آڻي ڏنا هئا. ٿورو وقت ئي مس گذريو هو ته پاڻ رات جي وقت اچي، پنهنجي ڪتاب جي ڇپيل
اعزازي ڪاپي منهنجي والد کي ڏني هيائين. ڪتاب جو نالو “شهرن جي شهزادي شڪارپور”
هو. سوالن ۽ جوابن تي مشتمل اهو نرالو ڪتاب ۱۹۹۹ع ۾ “شڪارپور ريسرچ ادبي فورم شڪارپور” طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو هيائين، جنهن
جو باني به پاڻ هو. “شڪارپور جي تاريخ ۽ تاريخي ادبي شخصيتون” جي نالي سان جڏهن ٻيو
ڪتاب تحرير ڪري رهيو هو ته به اسان وٽان ڪيترائي تاريخي ڪتاب ۽ گزيٽيئر کڻي ويو هو
۽ صفحن جا صفحا فوٽو ڪاپي ڪرايا هيائين. سندس اهو ڪتاب ۲۰۰۱ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ شڪارپور ضلعي جي تعلقن ۽ تاريخي ڳوٺن توڙي ادبي
شخصيتن جو مختصر ذڪر ڪيل آهي.
منٺار مارفاڻي کي شهر ۽ ان جي
شخصيتن متعلق ڪم ڪرڻ جو گهڻو شوق هو. پاڻ مالي مشڪلاتن ۽ پريشانين ۾ مبتلا هوندي
به شهر سان محبت ڪرڻ جو ثبوت تحريري صورت ۾ پيش ڪندو هو. ۲۰۰۳ع ۾ “شڪارپور جا شاعر ۽ اديب” جي عنوان هيٺ هڪ ڪتابچو مرتب ڪيائين. ۲۰۰۸ع ۾ شڪارپور جي تاريخي درسگاهه “گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ون” جو هيڊماستر ٿيو
ته اسڪول ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي شڪارپور جي محنتي ۽ لائق استادن : سائين وزير علي مهر،
سائين مولا بخش مهر، سائين هدايت الله سومرو ۽ سائين ممتاز علي ڀٽو کي تعليمي
ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا هيائين. ساڳئي پروگرام ۾
مون اسڪول جي تاريخ تي تحقيق مضمون پيش ڪيو هو. مٿي ذڪر ڪيل قابل استادن جا تعارف،
جيڪي مانواري سائين عبدالجبار “عبد” لکيا هئا ۽ هاءِ اسڪول شڪارپور جي تاريخ، جيڪا
مون لکي هئي، سميت پنهنجو ۽ اسڪول جي اسٽاف جي تصويرن ۽ تعارف تي مشتمل هڪ سووينئر
ڇپائي پڌرو ڪيائين. اهڙي ريت ۲۰۱۵ع ڌاري
“تاريخ شڪارپور” ڇپرائي پڌرو ڪيو هيائين. پنهنجي محنت کي شايع ٿيندو ڏسي تمام گهڻو
خوش ٿيندو هو. دوستن جي درن تي وڃي ڪتابچا پهچائيندو هو. سچ پڇو ته منٺار مارفاڻي
واقعي محنتي ۽ محبتي شخص هو. پنهنجي ڌرتيءَ جي لاءِ لوچيندو هو. نرم دل پڻ هو،
سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ بي واجبين تي لڇندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته ڏک وارا واقعا ٻڌندي
ٻڌندي روئي پوندو هو.
منٺار مارفاڻي جو اصل نالو ملڪ
داد هو، پاڻ ۷ سيپٽمبر ۱۹۳۹ع تي سلطان ڪوٽ ۾ ڄائو هو، سندس والد جو نالو سوزل خان مارفاڻي هو. علمي
حوالي سان ايم.اي (سنڌي) ۽ ايم.ايڊ جون سندون حاصل ڪيو هيائين. اول ته پرائمري
استاد هو بعد ۾ انگريزي استاد بڻيو. ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)
پڻ ٿيو هو. مختلف اسڪولن ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تي رهندي، ترقي ڪيائين ۽ ڊي ڊي او جي
عهدي تي پهتو هو. عمر جي پوئين عرصي ۾ شگر سبب سندس بڪين تي اثر ٿيو هو ۽ ڊائلاسسز
ڪرائڻ لڳو هو. مون سان آخري ڀيرو جڏهن مليو هو ته وري به بدن ۾ ڀريل هو ۽ ويگن جو
سفر ڪندي سکر وڃي رهيو هو. اسان جي ادبي ساٿي سائين نسيم بخاري ساڻس جڏهن ملاقات ڪئي
هئي، يا “ماءِ شڪارپور” جي باني حسام ميمڻ سندس انٽرويو ڪيو هو تن ڏينهن ۾ ته هو
تمام گهڻو ڪمزور ٿي چڪو هو. بيماري سان وڙهندي وڙهندي نيٺ ۱۵ جنوري ۲۰۲۴ع تي سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي
۽ منٺار مارفاڻي هي جهان ڇڏي ويو.
منٺار مارفاڻي ۱۹۹۰ع کان ادبي دنيا ۾ آيو هو، “سنڌي ادبي سنگت” سان سندس ٻٽيهه دليون آخري دم
تائين قائم رهيون. ساس شاخ شڪارپور جي سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر سميت مختلف عهدن تي رهي
ڪم ڪيو هيائين. “مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور” هجي يا “سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت شڪارپور”
سان پڻ وابستگيءَ ۾ هيو. علمي ۽ ادبي پروگرام ۾ ضرور شرڪت ڪندو هو. سندس تحرير ڪيل
مضمون، سٺيون ڪهاڻيون ۽ لکيل شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهي. جن کي يڪجا ڪري
ڇپرائڻ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه پاڻ “مکڙي آرٽ سرڪل شڪارپور” جو گهڻو ئي عرصو
صدر ٿي رهيو، جنهن طرفان ڪيترائي ڊرامه پروڊيوس پڻ ڪيائين. همت، حوصلي ۽ صبر وارو
ماڻهو هو. دوستن جو ڀرجهلو ۽ ٿڌي طبيعت جو مالڪ هو. دعا ڪريان ٿو ته منٺار مارفاڻي
جنت ۾ جاءِ ماڻي ۽ هُن جهان ۾ به ائين خوش هجي جيئن هِتي هر حال ۾ خوش گذاريندو
هو. هن هيٺ سندس ڪلام جو نمونو پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو:
پيار
تي آهن پهرا ڇو؟
مايوس
آهن چهرا ڇو؟
جيون
جي هن يار نگر ۾،
گهاوَ
مليا آهن گهرا ڇو؟
من ۾
ماتم، دل ۾ درد،
پوءِ
به چپن تي سهرا ڇو؟
ــــــــــــــ
بهارون
آيون تون نه آئين،
يادون
وريون تون نه آئين.
ٿڌڙي
هير کي چيو مون،
اداس
شامون تون نه آئين.
وڇڙي
وئين جو مون کان تون،
ياد
تنهنجي آئي تون نه آئين.
ــــــــــــــــــ
تـــــــون
يــــاد نــه ايـــنـــدي ڪــــــر،
منهنجي
دلڙي نه تڙپائيندي ڪر.
ڪـيل
قــــــــول، واعـــــدا پــــريـن،
ساري
سي پـــــاڙيــنــــدي ڪــــــــر.
تـــــو
بــن ويــــران سارو سـنـسار،
ڪڏهن
اسان کي به ساريندي ڪر.
ـــــــــــ
هي ڌرتي
منهنجي ماءُ آ،
جنهن ۾
منهنجو ساهه آ.
سهي ڪيترا
ظلم ٿي پوءِ ڀي،
پنهنجن
سان هن جو چاهه آ.
(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۲۴
فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
منٺار مارفاڻي
محنت جي ٻَلَ تي منزل ماڻيندڙ
نياز مسرور بدوي
ڏاهيون قومون اهي ليکبيون آهن،
جن کي پنهنجي مستقبل جو اونو ۽ فڪر هوندو آهي. سندن سوچ، سمجھه تعميري هوندي آهي.
مشهور سيلاني ابن بطوطه جو قول آهي ته ”قومون ٻارن جي حوالي سان سڃاتيون وينديون
آهن.“ ٻار سڄي قوم جي ترجماني ڪندڙ هوندا آهن. ٻارن جي ڪردار، سوچ سمجھه ۽ ذهانت
کي ڏسي اهو اندازو لڳائڻ بنهه مشڪل نه هوندو آهي ته اها قوم ڪيتري قدر اخلاقي گڻن
سان سينگاريل آهي. ڪيتري قدر ترقي يافته آهي يا ڪيتري وقت ۾ ترقيءَ جون منزلون طئي
ڪندي ۽ کيس هڪ سچي ۽ سٺي سماج اڏڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو، جو سماج ۾ محبت، پيار ۽
ذهانت جو دور دورو ٿي ويندو. نفرت، ساڙ، ڪيني ۽ حسد جي پاڙن جو نالو نشان گم ٿي
ويندو. اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو، جڏهن اسين پنهنجي ٻارڙن کي هينئر کان ئي وٺي،
سندن زندگيءَ ۾ نيڪي، پيار، همدردي، سهڻائپ، سلڇڻائپ، رواداري، سهپ، تعليم ۽ ذهانت
جھڙن گڻن سان آراسته ڪريون ته، جيئن اهي انهن منور لڃڻن سان، دنيا کي جنت بڻائين ۽
اهي ئي قومون زندهه رهي سگھن ٿيون، جيڪي مستقبل کي نظر ۾ رکنديون آهن. ۽ اهي ئي
اديب ۽ شاعر وڌيڪ جَسَ جا حقدار آهن، جيڪي ڏات ۽ ڏانءَ سان هڪ سٺي مستقبل لاءِ، هڪ
سٺي سماج جي اڏاوت ۾ پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪوششون ڪن ٿا ۽ قلم کان تلوار جو ڪم وٺندي
براين ۽ خراب گڻن خلاف جهاد ڪن ٿا. انهن جهاد ڪندڙ قلمڪارن مان شڪارپور جو هڪ سهڻو
۽ محنت جي ٻل تي منزلون ماڻيندڙ لکاري منٺار مارفاڻي به هڪ آهي، جيڪو پڻ قلم جي
وسيلي هڪ سٺي سماج جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
منٺار مارفاڻي ڏاڍو محبتي ۽ مٺڙو
انسان آهي. جڏهن به ساڻس ملبو آحي ته من ٺار ٺار ٿي ويندو آهي. نهايت برداشت ۽
حوصلي وارو ماڻهو آهي. تنقيد ڪيوس توڙي تعريف سدائين مرڪندو رهندو آهي.
منٺار مارفاڻي جو مهراڻ ادبي
سنگت شڪارپور، سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت شڪارپور، سنڌي ادبي سنگت شڪارپور ۽ ٻين ادبي ۽
سماجي تنظيمن سان به نينهن جو ناتو ڳنڍيل اٿس. پاڻ مکڙي آرٽ سرڪل جو صدر پڻ آهي ۽
ان آرٽ سرڪل طرفان معياري ڊراما پروڊيوس ڪيا اٿائين ۽ ٻين آرٽ سرڪلس سان به پريت
جا پيچ پيل اٿس، پر سنڌي ادبي سنگت جو نهايت ئي وفادار ورڪر ۽ ميمبر آهي. سنڌي
ادبي سنگت شڪارپور سان سندس محبت رڳن ۾ رت جيان گردش ڪندي رهندي آهي.
سندس اصل نالو ته ”ملڪ داد“
آهي، پر ادبي دنيا ۾ منار مارفاڻي جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس جنم جوءِ
سلطان ڪوٽ شڪارپور آهي، جتي ۰۷ سيپٽمبر
۱۹۶۹ع ۾ سوزل خان مارفاڻي جي گھر ۾
پيدا ٿيو. منٺار مارفاڻي ايم اي سنڌيءَ ۾ ڪئي آهي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل آهي. منٺار
پهريائين پرائمري استاد جي حيثيت ۾ تعليم کاتي ۾ ملازم ٿيو ۽ ان کان پو انگريزي
استاد مقرر ٿيو نيٺ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ايس ايس ٿيو ۽ هينئر سنڌ جي تاريخي ۽
قديمي هاءِ اسڪول گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ۰۱ جو هيڊ ماستر مقرر ٿيل آهي. ان کان علاوه گورنميٽ هاءِ اسڪول نمبر ۰۲ ۽ خانپور تعلقي جي ڊي ڊي او به ٿي رهيو آهي.
منٺار مارفاڻي ۱۹۹۲ع ۾ پنهنجي انٽري ڪرائي ۽ لکڻ جي ابتدا ٻاراڻي ادب سان ڪئي. ندس لکڻيون
روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، روازانه جاڳو ڪراچي
۽ روازانه مهراڻ جي ٻارن لاءِ نڪرندڙ صفحن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. ان کان سواءِ ٻارن
لاءِ ڇپجندڙ رسالن جن ۾ گلڙا، گلستان ۽ ٻالڪ رنگ شامل آهن، تن ۾ به سندس ٻارن لاءِ
لکيل ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون آهن.
منٺار مارڦاڻيءَ جي ڪهاڻين جي
اصل ٿيم (Theme) نيڪيءَ جو
پرچار ڪرڻ آهي ۽ بديءَ جي خلاف بغاوت جو عَلَمُ بلند ڪرڻ آهي. سندس ڪهاڻين جا
موضوع ان محور جي چوگرد ڦرن ٿا. پنهنجين ڪهاڻين ۾ ٻارن کي سٺن لڇڻن سکڻ جي تلقين ڪري
ٿو ۽ برائيءَ کان پري ڀڄڻ ۽ ان جون پاڙون پٽڻ جي هدايت ڪري ٿو.
هن وقت سماج ۾ انٽرنيٽ، ڪيبل ڊش
۽ وي سي آر جي جيڪا مس يوزنگ واري وبا پکڙيل آهي، ان اسان جي مستقبل (ٻارن) جي ڪچڙن
ذهنن تي انتهائي اڻوڻندڙ نقش چٽيا آهن ۽ اخلاقي پستيءَ کي ان اونهائيءَ واري حالت
تي پهچائي ڇڏيو آهي، جتان اسرڻ ۽ نڪرڻ ناممڪن ته نه، پر مشڪل ضرور آهي. اسان اڃا
انهن جي تباهين کي ڪين محسوس ڪيو آهي، پر منار مارفاڻيءَ ان ڳالهه کي محسوس ڪيو
آهي ۽ پهنجي هڪ ڪهاڻيءَ ”بري دوستي بڻائي ٿي برو“ ۾ ان شيءِ کي موضوع بڻايو آهي.
ان ڪهاڻيءَ ۾ هن ننڍ وڏائي، اميري غريبي، احساس برتري ۽ احساس ڪمتريءَ جو به ذڪر ڪيو
آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ هن سماج جي ٻن ٻارن کي اهڃاڻ بڻائي، معاشري جي عڪاسي ڪئي آحي ۽
سماج ۾ وڌندڙ بي راهه روي، انتشار ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ خرابين جي نشان دهي ڪئي آهي
۽ ان کان پاڻ بچائڻ ۽ پاسو ڪرڻ جي پڻ نصيحت ڪئي آهي.
”همدردي“ جو پلاٽ به ٻن دوستن
جي دوستيءَ ۽ تعليم جي چوگرد اڻيل آهي، جن جون دليون معصوم، ذهن ڪشادا ۽ سچن جذبن
جا مالڪ آهن. اها ڪهاڻي فقط ٻن دوستن يا ٻن گھرن جي ڪهاڻي نه آهي، پر ڪهاڻي هر گھر
جي ڪهاڻي آهي. هڪ مجبور ۽ بيوس پيءُ جي ڪهاڻي آهي. غافل ۽ بيحس روين جي نمائندگي ڪندڙ
ڪهاڻي آهي. پنهنجن فرضن ۽ ذميدارين کان منهن موڙڻ وارن جي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾
منٺار مارفاڻيءَ جو قلم احساس ۽ مجبورين جي ترجماني ڪري رهيو آهي. سندس احساسن جو ڀرپور
اظهار ڪهاڻي ”همدردي“ ۾ ٿيل آهي.
”مظلوم استاد“ به هڪ اهڙي ي درد
ڪٿا آهي. هن ۾ منٺار مارفاڻي جن حقيقتن تان پردو کنيو آهي، جيڪڏهن انهن جي منهن ڏيکارڻي
(موڙي) ۾ آفيسر شاهي ڪجهه ڀلايون ڪري ۽ ڪجھه ظلمن کان پاسو ڪري، سفارش، چاپلوسي، ڪرپش
۽ ڪانئرتا کي ٿڏي ڪري سچائين سان ساٿ ڏيئي ان کي سوڀارو ڪري ته سماج سونهارو ٿي
ويندو. استاد تنظيمون به جيڪڏهن هٿ، هٿ ۾ ڏيئي انهن براين خلاف زباني ڪلام جي
بدران حقيقي جدوجهد ڪن ته هوند، ڪو مسئلو ئي نه رهي. جيڪڏهن هر ڪوئي پنهنجي
ذميدارين جو احساس ڪري ته زبان تي شڪايت جو حرف به نه ايندو.
ان کان سواءِ به منٺار مارفاڻي ڪيتريون
ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا آهن. جن ۾ شرارت، سچ ۽ ڪوڙ، عورت ڀڄي وئي، جواري، ڪفن کي
کيسا ڪونه ٿيندا آهن، پريس ۽ پوليس، سچ هڪ حقيقت، مرڻو به کائي پرڻو به کائي، شڪارپور
جو ناٽڪ منڊليون ۽ ٻيو گھڻو مواد شامل آهي.
منٺار مارفاڻي شڪارپور ۽ شڪارپور
جي شخصيتن تي ٽي ڪتاب پڻ لکيا آهن.
۱ . شڪارپور
شهرن جي راڻي.
۲ . شڪارپور
جي تاريخ ۽ ادبي شخصيتون.
۳ . شڪارپور
جا اديب ۽ شاعر.
منٺار مارفاڻي شاعريءَ سان به
گھڻو شغف رکي ٿو. منار مارفاڻي بحيثيت هڪ انسان، اديب ۽ شاعر جي، محنت تي يقين رکي
ٿو ۽ ان محنت جي ٻَلَ تي ترقي ڪندي منزلون ماڻيندو رهي ٿو.
خدا منٺار مارفاڻيءَ جي قلم کي
اڃا وڌيڪ ترقي ڏئي ۽ جيڪڏهن منٺار مارفاڻي مطالعي کي پنهنجو رهبر ۽ استاد بڻائيندو
ته سندس قلم ۾ اڃا وڌيڪنکار پيدا ٿيندو.
قلم تازو : هن وقت منار مارفاڻي
سخت بيمار آهي ۽ شگر جي ڪري سندس بُڪين تي تمام گھڻو اثر ٿيو آهي ۽ هن وقت ڊائلاسسز
تي هلي رهيو آهي. دعا ڪريو ته منٺار مارفاڻيءَ الله سائين پنهنجي حفظ ۽ امانَ ۾
رکي.
منٺار سان مختصر ڳالھ ٻولھ
حسام ميمڻ
هي اسانجو دوست منٺار مارفاڻي
(ملڪ داد) آھي، جنهن سان اڄ سکر ۾ سندس رهائشگاھ تي ملاقات ٿي. سارنگ، اويس، سلطان
شيخ ۽ مان شام جو هن سان ملياسين. ھن جي طبيعت جي چنتا هئي، هو سال کان Dialysis تي آهي ۽ بقول هن جي "شگر
ڌڪ ڏئي هاڻي نارمل ٿي وئي آهي"
هو ادبي سنگت شاخ شڪارپور جو
سرگرم ميمبر ۽ عهديدار رھيو آھي، ھاءِ اسڪول نمبر ۱ جو Headmaster به رهيو
آھي، ٻه ٽي ڪتابڙا به ڇپيل اٿس ۽ "شھرن جي شھزادي" #شڪارپور تي booklet آهي
ھن سان ملي خوشي ٿي ۽ ڏک به ٿيو
ته يار لھڪائجي ويو آھي، خوشي اھا ته هن سان ملاقات ٿي. اسانجي دعا آھي هو جلد صحت
ماڻي ۽ تندرست ٿئي!
باقي منٺار کي ٻڌو، جيڪا مختصر ڳالھ ٻولھ ٿي، ھن جي سادڙن خيالن ۾ ھڪ گهري سچائي آھي
No comments:
راءِ ڏيندا