; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ رشيد مخدوم

30 December, 2023

ڪامريڊ رشيد مخدوم

ڪامريڊ رشيد مخدوم

سوشلسٽ دانشور جي ورسي حوالي سان

سجاد ظهير



مارڪسسزم اها سائنس آهي، جنهن جي سچائي انساني جي آزادي جو اعليٰ مثال ثابت ٿي آهي. اڄ تائين دنيا جا سمورا ڏاها گڏجي ويهي مارڪس جي دليلن جو ڪو به نعم البدل ۽ جواب نه ڏئي سگهيا آهن. سندس ڪيل اڳ ڪٿيون ڀلي ساڄي ڌر وارن کي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ڏينديون هجن پر وري به تاريخ مارڪس جي سوچ ۾ به تبديلي جو حق به انهن انقلابين کي ڏنو، جن ڪارل مارڪس کي پنهنجو رهبر تسليم ڪري انساني تاريخ جا تمام وڏا انقلاب برپا ڪيا. اڄ تاريخ ۾ مارڪس جي عظيم تخليقن کان بغير دنيا جو درست تجزيو ڪرڻ ناممڪن ٿيو وڃي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون جاني توڙي مالي قربانيون ڏنيون. اڄ به سندن تاريخي قرباني کي مارڪسي فلسفي جي آبياري ۾ تمام وڏو حصو سمجهيو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن جتي علم، ادب ۽ سماج جي ميدان ۾ کوڙا سارا نالا ڳڻايا وڃن ٿا اتي پاڪستان جهڙي پٺ تي پيل ملڪ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي ذڪر کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ان  جو واحد سبب اهو آهي جو پاڪستان جي ڪميونسٽ تحريڪ جو پاڙون ان پارٽي جي هٿان رکيون ويون جنهن کي بولشويڪ قيادت جي اعليٰ اڳواڻن پاران وڏي احترام سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ڏٺو ويندو. پاڪستانيسماج جنهن ۾ ڪميونسٽ روايتن ۽ پورهيت سياست کي انتهائي ڏکي دور ۾ جن ماڻهن زندهه رکيو انهن منجهان ڪامريڊ رشيد مخدوم جي انقلابي سياست کي هميشه ياد رکيو ويندو.


اسان جي بدقسمتي آهي جو سنڌ ماضي ۾ تمام گهڻي وڏي علمي کيپ پيدا ڪئي جن پنهنجي ڌرتيءَ کي غلامي واري سماج کا ن ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ علمي ۽ عقلي بنيادن تي سماج جي تبديلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسان جي ڌرتي جي ماڻهن ناڪارا نظام کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ نظرياتي جنگ ڪئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ مزدورن جي تحريڪن وڏي تبديل آندي جيڪڏهن ڪاٿو لڳايو وڃي ته اوهان کي بازار جي اندر هٿ ٺوڪيا بي شمار دانشور ملندا، پر علمي سطح تي تمام گهڻو ڏڪار نظر ايندو. اهڙا عالِم جن پنهنجي وجود کان وڌيڪ پنهنجي نظرئي کي اهميت ڏني.

ڪامريڊ رشيد مخدوم جهڙن ماڻهن هن معاشري کي جديد فڪر ۽ سائنسي اصولن جا نوان موڙ ڏنا. انهن ماڻهن ادارن جي صورت ۾ ڪم ڪيو. ڪامريڊ رشيد مخدوم  مزدور نظرئي جو تمام وڏو پرچارڪ دانشور هيو. سندس موت سان سنڌ جي مزدور تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. کاٻي ڌر جي سياست لاءِ هو، هڪ تمام وڏي درسگاهه هئو. ڇاڪاڻ جو ملڪ جي اندر ڪيتريون ئي کاٻي ڌر جو پارٽيون سياست ڪري رهيون آهن، پرمخدوم صاحب جي حلقي جو سياسي انداز پنهنجو هيو، ان ڳالهه جو ثبوت ان مان لڳائي سگهجي ٿو ڪيترن ئي ڪامريڊن مخدوم صاحب جي حلقي کي پهننجي علمي ڏاهپ سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر تاريخ ڏٺو ته مخدوم رشيد جي سياست هميشه مزدورن جي اندر پنهنجي ڪرشماتي جوهر سان پنهنجا بنياد مضبوط ڪندي رهي.

رشيد مخدوم جي علمي قابليت جو اندازو ٿائي لينڊ ۽ فرانس جي ڪيل دورن مان لڳائي سگهجي ٿو. هيءُ دورا موجودهه وقت ۾اين جي او ٽائيپ ليفٽ جي تبليغ نه هئا پر هيءُ هڪ ٽريڊ يونين جا دورا هئا، جيڪو سنڌ جي شگر ملز مزدور يونين فيڊريشن جي ليڊر جي قد ڪاٺ جو مان هيا. اڄ جتي مزدور ليڊر عالمي دورن کان بغير مزدورن جي سياست ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. رشيد مخدوم انهن جي لاءِ هڪ مثال آهي. سندس تربيت ۾ ڪڏهن به نسل پرستي نظر نه آئي. سندس  علمي، نظرياتي قابليت جو اندازو ان منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ ورلي ڪي مزدور يونينون هجن، جن جو چندو گڏ ٿيندو هجي. پر مخدوم صاحب پاران النور شگرمل (شاهپور جهانيان) جي يونين جو بنياد، ان جو هيءُ تمام وڏو مثال آهي، جيڪا پنهجي مدد پاڻ تحت اڃان تائين هلي رهي رهي آهي. اڄ به مخدوم صاحب انهي پورهيتن جو ليڊر ۽ رهبر شمار ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن مخدوم صاحب کي ٽريڊ يونين سياست جو دانشور چيو وڃي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

اڄ رشيد مخدوم جي ورسي سندس سياسي آبياري واري شهر موري ۾ ملهائي پئي وڃي جتي کوڙ سارا سياسي ورڪر ۽ سندس شاگرد کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيندا اتي اسان انهن سيکڙاٽ مزدور ليڊرن ۽ انهن ڪميونسٽن کي ضرور ياد ڏيارينداسين ته مارڪسزم ۾ ڪنهن به قسم جي نسل پرستي جي گنجائش نه آهي، ڪميونسٽ اصولن کي قومي سوال جي آڙ ۾ بگاڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اسان قومي آزادي جا حامي آهيون پر ڪميونسٽ فڪر روشنيءَ ۾ انهن مسئلن جو حل چاهيون ٿا. مارڪسزم تي جدوجهد ائين ڪجي جيئن رشيد مخدوم جي سڏ تي پنجابي، اردو ۽ سنڌي پورهيت گڏ ٿي ڪندا هئا. رشيد مخدوم جي خواب جي ساڀيان تڏهن پوري ٿيندي اسان مارڪسي سياست جو اپٽار حقيقي بنيادن تي ڪنداسين. اچو ته سائين مخدوم کي سرخ سلام پيش ڪندي اهو وچن ورجايون ته نيٺ ڳاڙهو جهنڊو جهوليندو جيڪو تنهنجي منهنجي سڃاڻپ بڻبو.



ڪامريڊ رشيد مخدوم

بي ڊپو ۽ اورچ پورهيت اڳواڻ

سجاد ظهير

سنڌ ۾ پورهيت سياست پنهنجي وِت ۽ وس آهر پئي جدوجهد ڪندي رهي آهي. انقلابي سرواڻڻ پورهيتن جي نه رڳو نظرياتي تربيت ڪئي پر کين سماج ۾ سرواڻي ڪيئن؟ انهي جا فڪري سبق پڻ پڙهايا. سماجي سائنس سان لاڳاپيل عوام دوست نظرئي جنهن جي سچائي پورهيت ۽ انساني آزادي جو اعلي مثال ثابت ٿي آهي. اڄ تائين دنيا جا سمورا ڏاها گڏجي ويهي پورهيت دوست مفڪر ڪارل مارڪس جي دليلن جو ڪو به متبادل نه آڻي سگهيا آهن. هن پاران ڪيل اڳ ڪٿيون ڀلي سرمائيدار دنيا جي دانشورن کي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ڏينديون هجن مگر تاريخ مارڪس جي سوچ ۾ به تبديلي جو حق به انهن انقلابين کي ڏنو ، جن ڪارل مارڪس کي پنهنجو رهبر تسليم ڪري انساني تاريخ جا تمام وڏا انقلاب برپا ڪيا.اڄ تاريخ ۾ مارڪس جي عظيم تخليقن کان بغير دنيا جو درست تجزيو ڪرڻ مشڪل ٿيو وڃي. انهي عوام دوست فڪر لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون جاني توڙي مالي قربانيون ڏنيون اڄ به سندن تاريخي قرباني کي عوام دوست فلسفي جي آبياري ۾ تمام وڏو ڪنٽريبيوشن سمجهو وڃي ٿو.دنيا جي مختلف ملڪن جتي علم ،ادب ۽ سماج جي ميدان ۾ کوڙا سارا نالا ڳڻايا وڃن ٿا اتي پاڪستان جهڙي پٺ تي پيل ملڪ ۾ انقلابي ۽ پورهيت تحريڪ جي ذڪر کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستاني سماج جنهن ۾ انقلابي روايتن ۽ پورهيت سياست کي انتهائي ڏکي دور ۾ جن ماڻهن زندهه رکيو انهن منجهان ڪامريڊ رشيد مخدوم جي انقلابي سياست کي هميشه ياد رکيو ويندو.  

ڪامريڊ رشيد مخدوم ضلعي نوشهروفيروز لڳ درٻيلي جي شهر ۾ جنم ورتو، سندس والد جو ناالومخدوم محمد جان هو. هيءُ اهو ساهتي پرڳڻو آهي جتي ڪامريڊ حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، نارائڻ شيام ۽ محمد هاشم گهانگهري جهڙن انقلابين جنم ورتو. رشيد مخدوم پنهنجي شروعاتي تعليم درجي پهرين کان وٺي ڏهين تائين پنهنجي جنم ڀومي واري شهر درٻيلي منجهان حاصل ڪئي، انٽر ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان پرايائين. هن پاران بي اي ۽ ايم اي جي تعليم پرائويٽ طور مهراڻ ڊگري ڪاليج (لاڳاپيل شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور) مان حاصل ڪئي وئي. ساڳي وقت تعليم سان گڏ انهي وقت ٻرندڙ سياسي ماحول جنهن ۾ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ سموري سنڌ ۾ جاري هئي ان ۾ به وڌي چڙهي حصو ورتائين. رشيد مخدوم تعليم حاصل ڪرڻ بعد النور شوگر مل شاهپورجهانيان ۾ ملازمت طور ڀرتي ٿيو ۽ ۱۹۸۴ع ۾ محنت ڪش ليبر يونين جو بنياد رکڻ بعد پاڻ النور شوگر مل ۾ انهي يونين جو ۱۹۸۴ع کان ۲۰۰۱ع تائين جنرل سيڪريٽري رهيو.

 رشيد مخدوم سنڌ شوگر ملز ٽريڊ يونين ۽ وطن دوست مزدور فيڊريشن جي تنظيم ڪاري ۾تعميري ڪردار ادا ڪيو، جنهن ۾ مختلف وقتن دوران صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهيو، هن پاران موري شهر ۾ ميونسپل ليبر يونين، ٻيري مزدور يونين، درزي ويلفيئر ايسوسيئيشن، سبزي فروش ايسوسيئيشن ۽ ووڊ ورڪرز ايسوسيئيشن کي جوڙائڻ ۾ ڪردار پڻ ادا ڪيو ويو. پورهيتن جون تنظيمون جوڙائڻ لاءِ رشيد مخدوم سموري سنڌ جا دورا ڪيا. پورهيتن جي تڻيمن کي منظم ڪيائين. انهن تنظيمن کي سموري صوبي سنڌ جي صنعتن ۾ رجسٽرڊ ڪرائڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيائين. گڏوگڏ النور ايم ڊي ايف يونين کي پڻ جوڙائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. رشيد مخدوم سياسي طور وطن دوست انقلابي پارٽي، ليبر پارٽي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ پڻ شامل رهيو. انهي دوران مون سميت ڪيترائي انقلابي شاگرد تيار ڪيائين، جن ۾ ڪامريڊ انور ڪورائي، اظهار مخدوم، خالد ٻگهيو، رانا ياسر علي خان ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. سندس سياسي ساٿ ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ، عزيز عباسي، گُلشير شر، محمد خان احمداڻي، اقبال رند، فاروق طارق، شعيب ڀٽي، عمر بلوچ، غلام اڪبر، هوت خان گاڏهي، حيدر جويو، پنهل ساريو، منظور ڪنڀر ۽ منظو اهير شامل رهيا.

ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ مزدورن جي تحريڪن وڏي تبديل آندي جيڪڏهن ڪاٿو لڳايو وڃي ته اوهان کي بازار جي اندر هٿ ٺوڪيا بي شمار دانشور ملندا پر علمي سطح تي تمام گهڻو فقدان نظر ايندو. اهڙا فڪري سرواڻ جن پهنجي وجود کان وڌيڪ پنهنج نظرئي کي اهميت ڏني رشيد مخدوم کي پڻ اهڙن ئي تخليقي پرهيت ڏاهن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ڪامريڊ رشيد مخدوم جهڙن ماڻهن هن معاشري کي جديد فڪر ۽ سائنسي اصولن جا نوان موڙ ڏنا.انهن ماڻهن ادارن جي صورت ۾ ڪم ڪيو. سال ۲۰۱۰ع جي ۲۹ ڊسمبر ۾ اسان کان وڇڙيل رشيد مخدوم جو خال ڪو به نه ڀري سگهيو آهي.سندس وڇوڙي کي ۱۰ سالن جو عرصو ٿي چڪو آهي، پوءِ اسان جي هيءُ دل جنهن تي مارڪسي فڪر جو جو ڪرشماتي اثر سندس انقلابي تربيت کي اڃان تاين قائم ۽ دائم رکيو پيو اچي، اها ئي ڳالهه آهي جو اهڙي ئي پياري استاد ۽ سچي انقلابي ڪامريڊ رشيد مخدوم جي ائين وڇڙڻ کي دل اڃان تائين تسليم نه ڪري سگهي آهي. ڇاڪاڻ جو سندس تربيت وارو انداز ۽ لکڻيون سندس کي حيات رکيو اچن پيون. ڪامريڊ رشيد مخدوم مزدور نظرئي جو تمام وڏو پرچارڪ دانشور هو. سندس وڇوڙي سان سنڌ جي پورهيت تحريڪ ءُ کي ڪاپاري نقصان رسيو. کاٻي ڌر جي سياست لاءِ هوءُ هڪ تمام وڏي درسگاهه هئو، خاص ڪري سنڌ ۾ ٽريد يونين سياست مٿان سندس فڪري ڇاپ اڄ به قائم آهي. ڇاڪاڻ جو ملڪ جي اندر ڪيتريو ن ئي کاٻي ڌر جو پارٽيو ن سياست ڪري رهيون آهن پر مخدوم صاحب جي حلقي جو سياسي انداز پنهنجو هو، ان ڳالهه جو ثبوت ان مان لڳائي سگهجي ٿو ڪيترن ئي ڪامريڊن مخدوم صاحب جي حلقي کي پهننجي علمي ڏاهپ سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر تاريخ ڏٺو ته مخدوم جي سياست هميشه مزدورن جي اندر پنهنجي انقلابي جوهر سان پنهنجا بنياد مضبوط ڪندي رهي.

رشيد مخدوم جي علمي قابليت جو اندازو ٿائي لينڊ ۽ فرانس ۾ ڪيل ٻاهرين ملڪن جي دورن مان لڳائي سگهجي ٿو.هيءُ دورا موجودهه وقت ۾اين جي او ٽائيپ ليفٽ جي تبليغ نه هئا پر هيءُ هڪ ٽريڊ يونين جا دورا هئا، جيڪو سنڌ جي شگر ملن ۽ مزدور يونين فيڊريشن جي ليڊر جي قد ڪاٺ جو مان هيا. اڄ جتي مزدور ليڊر عالمي دورن کان بغير مزدورن جي جي سياست ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. رشيد مخدوم انهن جي لاءِ هڪ مثال آهي. سندس تربيت ۾ ڪڏهن به نسل پرستي نظر نه آئي. سندس علمي، نظرياتي قابليت جو اندازو ان منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ ورلي ڪي مزدورو يونينون هجن، جن جو چندو گڏ ٿيندو هجي، مگر مخدوم صاحب پاران النورشگرمل جي يونين جو بنياد ان جو هيءُ تمام وڏو مثال آهي جيڪا پنهجي مدد پاڻ تحت اڃان تائين هلي رهي رهي آهي.اڄ به مخدوم صاحب انهي پورهيتن جو جو ليڊر ۽ رهبر شمار ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن رشيد مخدوم کي ٽريڊ يونين سياست جو دانشور چيو وڃي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

اڄ ۲۹ ڊسمبر جي ڏينهن رشيد مخدوم جي ورسي جي ياد جو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن تي مون سميت کوڙ سارا سياسي ورڪر، سندس شاگرد کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيندا اهن اتي اسان انهن سيکڙاٽ مزدور ليڊرن ۽ انهن انقلابين کي ضرور ياد ڏيارينداسين عوام دوست سماجي سائنس جي فڪر ۾ ڪنهن به قسم جي نسل پرستي ۽ موقعي پرستي جي ڪابه گنجائش نه آهي، انقلابي سياست جي اصولن کي ڪنهن به عوام دشمن سوال جي آڙ ۾ بگاڙڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي. مارڪسزم تي جدوجهد ائين ڪجي جيئن رشيد مخدوم جي سڏ تي پنجابي، اردو ۽ سنڌي پورهيت گڏ ٿي ڪندا هئا. رشيد مخدوم جي خواب جي ساڀيان تڏهن پوري ٿيندي جڏهن اسان عوام دوست ۽ پورهيت سياست جو اپٽار حقيقي بنيادن تي ڪنداسين.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ اڱارو ۲۹ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا