; سنڌي شخصيتون: مومن بلو

24 December, 2023

مومن بلو

مومن بلو

(پنجونجاھين سالگره تي)

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



اڄڪلھ ته ڪيترا ئي سنڌي نوجوان، سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ، انگريزي زبان ۾ به تاريخي ماڳن، ائنٿروپولاجي، لسانياتي، تاريخ کي ڪهاڻي جي انداز ۾ ريسرچ ڪري ميدان تي پيا آڻين. جن ۾ جهونن مان بدر ابڙو، نوجوانن مان ذوالفقار ڪلهوڙو، ظفر جوڻيجو، بدين واسي ابوبڪر شيخ، ڪراچي جو گل حسن ڪلمتي، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا تي لکندڙ مختيار ملاح ۽ پراڻن ماڳن کي نئون نڪور ڪرڻ جو انجنيئر اشتياق انصاري شامل آهن.


پني عاقل جي ڀرسان ڪوٽ بلا ڳوٺ ڪيترائي آفيسر، اديب، ٽيڪنوڪريٽ ۽ وڪيل پيدا ڪيا. انهن سڀني سان اسان جي وڏڙن کان شادي، غمي جا لاڳاپا قائم رهندا پيا اچن. انهن مان سائين عبدالرحمان بلو وڪيل سان ته منهنجي ڪافي حجت آهي. هاڻي ته سندس وڏي فرزند محترم پروفيسر عطا بلو سان به گاهي به گاهي ڪچهري ٿيو وڃي. انهيءَ ڪاٺيء جو گهڙيل سلڇڻو، انگريزي ادب، تاريخ، صحافت جو هڪ نوجوان آسان جي سنڌ ۾ اڀريو اهو هو مرحوم مومن بلو، جنهن وڏي محنت ۽ عرق ريزي سان سنڌ جي ضلعن تي انگريزيءَ ۾ باتصوير، آرڪيالوجي، سماجيات ۽ انتظاميا جي تاريخ تي مشتمل ڪيئي ضخيم جلد ايڊٽ ڪري، ٻين الاقوامي معيار جا گزيٽيئر شايع ڪرائي پنهنجو نالو امر ڪري ويو. سندس اوچتي وڇوڙي نه صرف ابي امڙ کي، ڀائرن کي ڏکارو ڪري ويو، پر دوستن کان به نه وسريو. رب پاڪ کيس جنت الفردوس عطا فرمائي آمين.

مون کي پنهنجي لائبريري کي نئين سر سينگارڻ، ترتيب ڏيڻ جي صلاح ئي مرحوم مومن بلي ڏني.

هي تصوير مرحوم جي منهنجي لائبريري ( جيڪا ان وقت تائين ترتيب ڏنل ڪانه هئي) ۾ نڪتل آهي.

اڄ سندس ۵۵ هون جنم ڏهاڙو آهي. ھي کيس ھن ناچيز طرفان ڀيٽا آهي.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ٢٢ جولاء ۲۰۲۲ع رکيل/ کنيل)


 

مومن بلو

تاريخ دان، محقق، اديب - تاريخ وفات : ۳۰ نومبر ۲۰۱۵ع

پروفيسر سرور سيف

مؤمن بلو صاحب ۲۲جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ ڳوٺ ڪوٽ بلا پنو عاقل ۾ مشھور سياسي سماجي شخصيت جناب ايڊوڪيٽ عبدالرحمان بلو صاحب جي گھرڄائو ابتدائي تعليم ڳوٺ ۽ ايليمينٽري گورنمينٽ ھاء اسڪول ڀيلار ۾ پڙھيو. مئٽرڪ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ انٽر مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. سنڌ يونورسٽيءَ مان بي اي آنرز ۽ ايم اي انگريزي ادب ۾ ڪيائين. ان بعد صحافت ۾ پير پاتائين. ماھوار انگريزي رسالن نيوز لائين، ويو پوائنٽ ۽ فرائيڊي ٽائمس ۾ ڪم ڪري وڏو نالو ڪڍيائين صحافت ۾ تحقيق ۽ تخليق جي اصولن تي گامزن رھيو سندس ھڪ تحقيقي اسٽوري ڪاوش حيداباد ۾ ذھني مريضن جي صحت جي حوالي سان لکيائين جنھن سنڌ ۾ ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو اتر سنڌ ۾ باگڙجي ڀرسان فاضل شاه مقام جتي وڏي انگ ۾ ذھني مريض چريي جي نالي ۾ وڻن ۽ ڪلن سان ٻڌا ويندا ھئا ۽ انھن سان غير انساني سلوڪ ڪيو ويندو ھو کي فوڪس ڪيائين ان اسٽوري جو سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ناصر اسلم زاهد سخت نوٽيس ورتو مريض آزاد ٿيا، انھن جو علاج ٿيو ۽ انھن انساني حيات سان ٿيندڙ ويڌنن وارن ھنڌن تي مڪمل بندش پئي

مومن صاحب انگريزي رسالي the Reporter جو ايڊيٽر ۽ پبلشر رھيو سچل سرمست آرٽس ء ڪامرس ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿي رھيو

سنڌ جي مختلف ضلعن جي تاريخ آثار قديمه ۽ ڪلچر تي انگريزي زبان تي ذخيم ڪتاب لکيا ۽ وڊيو ڊاڪيومينٽيشن ڪئي، سنڌ جي انتظامي تاريخ بابت انگريزي ۽ سنڌي ۾ سر چارلس نيپيئر کان محمد ميان سومرو تائين ڏيڍ سؤ سالن جي انگن اکرن تي ذخيم ڪتاب لکيائين مختلف ضلعن تي جيڪي ڪتاب لکيائين ۽ سھيڙ ڪيائين انھن۾ ھيٺيان شامل آھن

1. Khairpur jewel & crown of Sindh

2. Date crop of Khairpur

3. Naushahroferoze :through the ages

4. Kashmore now & than

5. Badin history unfolds

6. Lloyd Barrage of Pakistan

7. Hyderabad Revisited

8. from upper Sindh Frontier to Jacobabad

9. Maitri Cultural Capital of Sindh

10. Sukkur nostalgia of things past

شامل آھن سکر تي ڪتاب سندس وفات کان پوء ڇپجي پڌرو ٿيو اھي سڀ ڪتاب PHPPS ۽ ضلعي مينيجمينٽ جي سھڪار سان ڇپيا، سکر واري ڪتاب جي جاکوڙ ۾ پني عاقل جي ماڳن جي ڄاڻ وٺڻ ۽ علائقن ۾ پھچڻ لاء راقم سرور سيف به ساڻس گڏ ھو کيس سلام آھي ته جولاء جي ڪاڙھي تتي ڏينھن اڻٿڪ پنڌ ڪيائين توڙي جو اسان ھلڻ جھڙا نه رھياسين پر ھي سنڌ جو عاشق ۽ بھادر پٽ وارياسي علائقي ۽ اڇڙي ٿر ۾ ماني پاڻي سواء ھلندو ۽ لطيف سائين مطابق تتي ٿڌي ڪاھيندو رھيو افسوس جو ننڍي عمر ۾ سخت جاکوڙ ڪري دماغي عارضي ۾ مبتلا ٿيو ۽ سندس دماغ جو آپريشن به ٿيو چين مان به سندس علاج ٿيو وقتي طور تي افاقو به ٿيو پر ۳۰ نومبر ۲۰۱۵ع ۾ مالڪ حقيقي سان وڃي مليو۔

No comments:

راءِ ڏيندا