; سنڌي شخصيتون: فقيرو سولنڪي

24 December, 2023

فقيرو سولنڪي

فقيرو سولنڪي

مٽي جو عظيم مجسمه ساز

آصف رضا موريو



دنيا ۾ مٽي کي ٽيڪنالوجي طور استعمال ڪرڻ جي هنرمندي ايتري ئي قديم آهي جيترو بذاتِ خود انسان جو هن ڪائنات ۾ سڀ کان پهريون انساني مجسمو حضرت آدم عليه السلام جو پڻ مٽيءَ منجهان ئي ٺاهيو ويو هيو. دنيا جي قريبن تمام مذهبن ۽ تهذيبن ۾ انسانن جي پيدائش متعلق اهڙي قسم جا بيان ملن ٿا. مثال طور مصري افسانوي ادب مطابق “خنوم ديوتا انساني ٻارڙن کي ماءُ جي پيٽ ۾ رکڻ کان اڳ مٽيءَ مان تخليق ڪندو آهي”. يوناني مذهبي ڪتابن جي سيوڊواپولوڊورس مطابق “پروميٿيس انسانن کي پاڻي ۽ زمين جي ترڪيب منجهان ٺاهيو”. جينيسس مطابق “خدا انسان کي ميدان جي مٽيءَ مان ٺاهيو ۽ انهن جي ناسن ۾ زندگي جو ساهه ڦوڪيو ته زندهه ٿي ويو”. اهڙي ريت قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته “خدا تعاليُ انسان کي چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيو”.


انسان مٽي به آهي ته پٿر به، پاڻي به آهي ته واري به. اهڙي ريت انسان مجسمو به آهي ته مجسمه ساز به جيڪو پاڻ جهڙا قالب جوڙيندو رهي ٿو. چيوويندو آهي ته “پٿر جي هر بلاڪ جي اندر هڪ مجسمو هوندو آهي جنهن کي آثارِ قديمه جيان ڇيڻي سان ڪوري ظاهر ڪرڻ مجسمه ساز جو ڪم هوندو آهي. ان پسمنظر ۾ مجسمه ساز هڪ کوجي ٿئي ٿو پر مٽيءَ سان مجسمه تخليق ڪرڻ واري ڪلا طور مجسمه ساز جو تعارف هڪ موجد طور ٿي سگهي ٿو.

مٽيءَ جي هن ڪلا سان جڙيل مجسمه تمام قديم ترين تهذيبن جي ننڍي وڏي شهرن بشمول مهين جو دڙو جي کوٽائين منجهان مليا آهن جيڪي ان فن جي قدامت جي شاهدي ڏيندا رهن ٿا. هي مصوري يا مجسمه سازي هڪ شاندار هنرمندي مڃي وڃي ٿي جنهن ۾ مٽي کي مختلف شڪلين ۾ ڍالڻ واري فن کي فنڪار مٽي، واري، چوني ۽ پاڻي وغيره جي ترڪيبن سان آرٽ جي مختلف نمونا ٺاهيندا آهن. پاڪستان ۾ تمام بصري هنرمندين، آرائشي ڪلائن ۽ مجسمه سازي جي هڪ ڊگهي تاريخ رهي آهي پر موجوده دور ۾ به هي هنرمنديون هن ملڪ ۾ آهستي آهستي ترقي پذير آهن ۽ بيشمار ڪلاڪار مٽيءَ جا مجسمه ٺاهي دنيا ۾ نالو ڪمائي رهيا آهن. جميل بلوچ، امجدساگر، هدايت مروت وغيره مجسمي سازي ۾ تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن پر فقيرو سولنڪي پنهنجي تمام هم عصر مجسمه سازن ۾ بي مثال مقام تي بيٺل نظر اچي ٿو جيڪو نه رڳو مٽي پر سيمنٽ، پلاسٽر آف پيرس، فائيبر گلاس، ڪاٺ ۽ پٿر وغيره جي مدد سان هر ماپ جا مجسمه ٺاهيندو رهي ٿو.

سنڌ جي قديم قوميت ڪڇي مينگهواڙ جي قبيلي ڪانٺيسا سان تعلق رکندڙ فقيرو سولنڪي جو جنم ۷ آگسٽ ۱۹۷۹ع ڌاري سنڌ جي شهر ٽنڊوالهيار ۾ ٿيو. ۱۹۹۰ع ۾ هن يونين ڪائونسل پرائمري اسڪول مان پنجين جماعت پاس ڪئي. ۱۹۹۴ع ۾ ميٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول پاڪ سنگهار مان ۽ ۱۹۹۶ع ۾ انٽرميڊئيٽ ايس ايم ڪاليج مان پاس ڪئي. سندس شادي ۲۵ ڊسمبر ۲۰۰۵ع ۾ ٿي ۽ کيس دليپ ڪمار ۽ نهال ڪمار نالي ٻن پٽن جي اولاد آهي.

هن عظيم مجسمه ساز جي ابن ڏاڏن جو تعلق هندستان جي رياست گجرات جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سنٽواگام سان هوندو رهيو آهي جنهن جي خاندان مان گهڻي تڻي ماڻهن جو ڌنڌي ڌاڙي ۽ ڪمين ڪارين سنڌ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هيو جن مان ڳچ خاندان ورهاڱي جي ڀت اٿڻ کان پوءِ هتي جي مختلف شهرن ۾ ئي رهجي ويا. انهن ۾ فقيرو جو ڏاڏو بيڪارام ڪانٺيسيا (وفات ۱۹۹۲) به هيو جيڪو سنڌ جي شهر شادي پلي ۾ آباد ٿيو پر ڪجهه عرصي بعد اتان هجرت ڪري ٽنڊوالهيار ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين جو اتي سندس مٽن مائٽ مينگهواڙن جي گهڻي آبادي هئي. هينئربه هن شهر ۾ گجراتين جا ٽي چار سو گهر ضرور آباد هوندا.

پنهنجي گهر ۾ گجراتي زبان ڳالهائڻ واري فقيرو جو ڏاڏو بيڪارام جاين جڳهن جو مستري هوندو هيو جيڪو اجرت تي مندرن لاءِ مورتيون پڻ ٺاهيندو رهندو هيو. فقيرو جو والد کيمچند (انتقال ۱۴ جنوري ۲۰۰۶ع) پڻ ڪل وقتي رازو هئڻ سان گڏ والد جي نقشِ قدم تي مندرن لاءِ مورتيون جوڙيندو رهندو هيو تنهن پنهنجي ٻن پٽن مان سنگهه (جيڪو هاڻي انگريزي ماستر آهي) ۽ وجي ڪمار کي پنهنجو خانداني ڪم سيکاريو جن کان فقيرو به عمارت سازي ۽ مجسمه سازي جي شروعاتي سکيا ورتي هئي. فقيرو جا ست ڀائر ۽ چار ڀينرون آهن. وقت سان سندس ڀائرن مجسمه سازي وارو ڌنڌو تياڳيو پر فقيرو پنهنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ هي فن وڪوڙي ڇڏيو هيو جنهن کي هو رڳو زمين تي تصويرون ٺاهڻ ۽ مٽي جا ننڍا وڏا مجسمه جوڙڻ تائين محدود رکڻ ڪونه پئي چاهيو جو هو هاڻي نامور فنڪار ٿيڻ جا خواب پڻ جوڙي رهيو هيو جن جي ساڀيان لاءِ کيس وڏا وس ڪرڻ جا سانباها اڃان اڳتي ڪرڻا هيا.

کيمچند پنهنجي پٽ فقيرو جو پينٽنگ ۽ مجسمه سازي سان جنون وارو شوق ڀانئي کيس ۱۹۸۸ع ۾ شهر جي مشهور ڊرائنگ ٽيچر هيجارام مينگهواڙ سان ملايو جنهن کيس ڊرائنگ جا ڪجهه بڻيادي اصول ۽ رنگن جون ڪجهه ترڪيبون جوڙن سيکاريون. پاڪسنگهار اسڪول ۾ پڙهائي دوران به هن ابراهيم خاصخيلي کان ڊرائنگ ڪرڻ سکي. ڪجهه عرصو هن شهر جي بهترين آرٽسٽ سلطان مڱڻهار وسيلي سندس ڀاءُ احمد منڱڻهار کان (جيڪو اڄ ڪلهه اين سي اي لاهور ۾ ليڪچرار آهي) ۽ نظام الدين ڏاهري کان به پينٽنگ کي سکيا ورتي هئي.

پنهنجي شوق کي جديد بنيادن تي متعارف ڪرائڻ لاءِ فقيرو ۱۹۹۳ع ۾ لاهور اين سي اي ۾ داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي جتي پڙهڻ هر آرٽسٽ جوخواب هوندوآهي. ان دور ۾ گل جي، جبارگل ۽ اين سي اي جي جميل بلوچ جو ڪم فقيرو کي تمام گهڻو وڻندو هيو. اين سي اي ۾ داخلا جي ڪوشش جاري هئي ته سندس خاندان جي اڪائي کي هڪ حادثي ڌنڌوڙي وڌو. سندس هڪ ننڍي ۽ ٻن وڏي ڀائرن (جيڪي پڻ جاين جا مستري هيا) جو ڪم تان چمبڙ کان ٽنڊوالهيار واپسي تي ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جنهن ۾ ٽئي شديد زخمي ٿي پيا. ٻئي وڏا ڀائر ته جلد ٺيڪ ٿي ويا پر ننڍو ڀاءُ ڪوما ۾ هليو هيو جنهن جو چار سالن تائين علاج هلندو رهيو. هڪ ته ڪمائڻ وارا بيروزگار ٿي گهر ويهجي ويا هيا ٻيو علاج جي خرچن سبب نه رڳو گهر جي خوشحالي موڪلائي وئي پر فقيرو جو اين سي اي ۾ پڙهڻ وارو خواب پڻ ڀور ڀور ٿي پيو.

ان دوران گهر کي سنڀالڻ واسطي ڪجهه عرصي لاءِ فقيرو پنهنجي والد سان گڏ جڳهن جي اوساري جو ڪم پڻ ڪندو رهيو جنهن بعد ۾ کيس آرڪيٽيڪچر جي حوالي سان مجسمن جي بنياد رکڻ، بيهاري بيلنس برقرار رکڻ ۽ ڊيزائيننگ ڪرڻ وغيره ۾ گهڻو سهڪار ڪيو. انهن ڏينهن ۾ هو پنهنجي شوق جي پالڻا لاءِ وقت ڪڍي ننڍيون وڏيون تصويرون پڻ ٺاهيندو رهندو هيو. ۱۹۹۰ع ڌاري هو شهر جي سينيمائن لاءِ فلمن جا پوسٽر پڻ ٺاهيندو هيو. پنهنجا فن پارا ٺاهڻ لاءِ هو آئل ڪلر ۽ واٽر ڪلر سان گڏ پينسل ورڪ پڻ ڪندو هيو. ۲۰۰۸ع ۾ سندس ٺاهيل تصويرن جي نمائشون ڪينواس گيلري ڪراچيءَ ۾ ۽ ۲۰۱۰ع وي ايم گيلري ڪراچي ۾ ٿيون هيون پر جڏهن کيس مجسمه ٺاهڻ جو جنون چڙهيو ته پينٽنگ ڪرڻ تان ڌيان هٽي ويو.

 ۱۹۹۰ع ۾ هن پنهنجي زندگي جو پهريون مجمسو راما پير مندر ۾ هنومان جو ٺاهيو هيو. ورهاڱي کان پوءِ مندرن ۾ مجسمه سازي جوڪم گهٽجي ويو هيو جو گهڻو تڻو آرٽسٽ مندرن ۾ ديوتائن جون مورتيون ٺاهڻ کان لهرائيندا هيا. هونئن به پراڻا مجسمه ساز هاڻي پرلوڪ سنواري چڪا هيا ۽ نوان ڪلاڪار هن فن جي ٻئي طرف وڃي رهيا هيا. مندرن ۾ هاڻي رڳو پراڻي ۽ ٽٽل ڦٽل مورتين جي مرمت جو وڃي بچيو هيو. هندستان ۾ موجود مندرن ۾ گهڻيون مورتيون لسيون ٺاهيون وينديون هيون سواءِ مهاتما گوتم ٻڌ جي مجسمن جي جن تي باقاعده کل، رڳون، وار، ننهن ۽ تاثرات پڻ جوڙيا ويندا هيا.

 فقيرو جي چوگرد هاڻي اها صورتحال هئي ته مندرن کي مورتيون کپنديون هيون، گهروارن کي گزر سفر لاءِ پيسا ۽ فقيرو کي آرٽ سان لڳاو سبب اڳتي وڌڻو ۽ پڙهڻو هيو. زندگي جي هن سماجي ٽياس تي ٽنگيل فقيرو پنهنجي خوابن کي پاسيرو رکندي گهرداري نڀائڻ لاءِ سندرو ٻڌڻ کي اڳرو ڪندي پنهنجي هنر جو هٿيار کڻي حالتن جي پهاڙن کي چيرڻ نڪري پيو. امتحان جي هن گهڙي ۾ کيس وڏڙن کان مليل فن جي ميراث سهارو ڏنو ۽ ڏهن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ سندس ڪلاڪار هٿن جي مشاق آڱرين ۾ هنرمندي جي لڪيرن اسرڻ شروع ڪيو.

ڪتابن پڙهڻ جو شوق کيس شروع کان هوندو هيو ۽ گهڻو ڪري گارڊن ڪراچي ۽ حيدرچوڪ حيدرآباد تان مختلف ڪتابون خريد ڪندو رهندو هيو. ۱۹۹۳ع ۾ کيس کوڙي گارڊن ڪراچي مان ريڙهي تان برنيني ۽ مائيڪل اينجلو جي مجسمن سان جڙيل ٻه ننڍڙا ڪتابچه مليا جن ۾ ٻنهي همراهن جا ٺاهيل مجسمه ڏسي فقيرو دنگ رهجي ويو ته “ڇا اهڙا مجسمه به ٺاهي سگهجن ٿا”. انهن ڪتابن کيس پنهنجي ذوق شوق سان گڏ فن کي به اڳتي وڌائي بهتر بڻائڻ لاءِ ڌنڌوڙيو. مائيڪل اينجلو ۽ لورينزو برنيني ٻئي اٽلي جا رهواسي هيا جن مان مائيڪل اينجلو پينٽر، عمارتساز، مجسمه ساز ۽ شاعر هيو جنهن جي ڪم کي يورپ ۾ آرٽ جي حوالي سان ڪلاسيڪل مقام حاصل آهي جڏهن ته برنيني مجسمه ساز ۽ عمارت ساز هيو. سترهين صدي جي هن استاد آرٽسٽ کي بوراڪ اسٽائل جي مجسمن جو خالق سمجهيو ويندو آهي. انهن جي ڪم مان متاثر ٿيندي فقيرو نه رڳوکين پنهنجو روحاني استاد سمجهڻ شروع ڪيوپر انهن جي ٺاهيل مجسمن جي طور طريقن تي پنهنجي فن جو بڻياد رکڻ شروع ڪيو.

ان دوران به فقيرو ممڪن حد تائين مجسمه سازي جي مختلف استادن ۽ ماهرن سان ملي جلي فني حوالن سان هدايتون ۽ سکيائون وٺندو رهندو هيو جن م محمد عي ٽالپر، فتاح هاليپوٽو، حميره عباس خاص هيا. غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ فقيرو جهڙي فنڪارن لاءِ زندگي جا سبب ئي سندن لاءِ استاد هوندا آهن ته مسئلا ۽ مشڪلاتون ئي کين رستا ڏيندي حالتن سان وڙهڻ سيکارڻ سان گڏ کٽڻ جي هنر سان پڻ جوڙينديون آهن. فنڪار ته ٺهندو ئي اندر جي جلندڙ آهه منجهان آهي جو انساني ترقي جي تاريخ ۾ باهه ايجادن جو ڪم سرانجام ڏيندي رهندي آهي. فقيرو جي سکيا ۾ هڪ دور اهڙو به آيو جو پنهنجي فن متعلق سمورا اوزار به پاڻ ٺاهيندو رهيو ته پنهنجي ڪم جا طريقا، اصول ۽ ظابطا به پاڻ جوڙيندو رهيو. هن وقت به هو مجسمه سازي ۽ آرٽ جي دنيا سر ڪرڻ لاءِ مختلف تجربه ڪندو رهندو آهي جن ۾ مختلف مٽيريئل جون ترڪيبون پڻ شامل آهن جهڙوڪ واٽرڪلر، چارڪول، پينسل ڊرائنگ، ڊيڪوڪلر، مٽي، سيمنٽ، پٿر، آئل پينٽ، پلاسٽيسين، ڪاٺ، فائبرگلاس، آرٽي وي ٽو ربڙ، پلاسٽر آف پيرس وغيره وغيره.

جنهن سماجي دنيا ۾ فقيرو جهڙا ڪلاڪار رهندا آهن انهن کي هر نئين ڏينهن ان ڳالهه کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته اهي هڪ بي روزگار، ذهني غريب، بي خبر ۽ جهالت جي اسير معاشري ۾ گذارن ٿا جتي کين پنهنجي ٻل تي خاندان لاءِ داڻي پاڻي جو بندوبست ڪري سماج جي تمام اڻ معياري دستورن کي پٺيان سٽيندي اڳتي وڌڻو پوندو آهي. اهڙي ملڪ ۾ غربت جي پيڙهيل طبقن ۽ گهراڻن سان تعلق رکندڙ فنڪارن لاءِ ان کان وڌيڪ خوشي جي ڳالهه ڪهڙي ٿيندي ته هو “پنهنجي هٿن جي محنت ۽ ڪمائيءَ سان گهر جو چرخو هلائي سگهن”.

فقيرو جي ڪم ۾ صفائي ۽ نزاڪت هئي ان لاءِ کيس مندرن کان علاوه چرچ ۽ گردوارن وغيره ۾ به ڪم ملندو رهندو هيو. هڪ ڀيري کيس چرچ ۾ اهڙي مورتي ٺاهڻ لاءِ ملي جنهن جا هٿ دعا لاءِ مٿي کڄيل هيا ۽ انهن هٿن ۾ لڪيرون به ٺاهڻيون هيون. هن وقت تائين هو لسا ۽ سڌا مجسما ٺاهيندو رهيو هيوان لاءِ فقيرو لاءِ نئون تجربو ۽ امتحان هيو ته “هٿ جي لڪيرن جهڙو نازڪ ۽ نفيس ڪم ڪيئن ڪجي”. فقيرو پنهنجي زندگي متعلق سمجهي چڪو هيو ته کانئس “مجسمه سازي کان علاوه ٻيو ڪو ڪم ڪونه ٿيندو”، ان لاءِ سندس زرخيز ذهن سوچ ويچار کان پوءِ “مجسمه سازي جي فن کي پاڪستان ۾ جدت آڻي ترقي يافته بنيادن تي استوار ڪرڻ جو ارادو ڪندي ان جي شروعات ان ملڻ واري مورتي جي هٿن ٺاهڻ سان ڪئي”. ان مقصد لاءِ هن پامسٽري جا ڪتاب پڻ پڙهيا ته جيئن لڪيرن جي علم کي سمجهجي. ان کان علاوه هن مختلف ڌنڌي ڌاڙين سان لاڳاپيل ماڻهن جي لائيو اسٽڊي به ڪئي ته الڳ الڳ ڪرتن سان جڙيل ماڻهن جا هٿ، اکيون، پير، کل، نڪ، ڳل، وار ۽ ٻيا عضوا ڪيئن ٿي سگهن ٿا. فن جي باريڪين کي سمجهڻ لاءِ هن انساني چهرن کي سمجهڻ ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو.

تنهن کان پوءِ جڏهن کيس مندرن ۾ مختلف ديوي ديوتائن جهڙوڪ مهاراج شو، رام، ڪرشن وغيره جا چهرا ٺاهڻا پيا ته هن سوچيو”انهن ۾ جدت آڻجي”، پر کيس ورثي ۾ هن وقت تائين لسيون مورتيون ٺاهڻ جو فن مليو هيو ۽ ڪنهن اداري ۾ داخلا وٺڻ سندس لاءِ “ممڪن ڪونه هيو”. هن وقت تائين مورتيون ٺاهيندڙ پنهنجي پنهنجي طريقي سان بس نقل ڪندي ڪم هلائيندا رهندا هيا پر هاڻي “فقيرو جي دل نقل ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ڪونه هئي”. جو اندر ويٺل تخليقڪار سندس رهنمائي ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ان لاءِ پنهنجي سکيا ڪرڻ، فن جا ڳجها اسرار ۽ رمزون سمجهڻ لاءِ هن “پنهنجوپاڻ کي رهنمائي تي رکي ڇڏيو هيو”. اهڙي صرتحال ۾ هو تخليقڪار به پاڻ هيو ته ڏسندڙ ۽ تنقيدنگار به پاڻ”.

فنڪار پنهنجي ڪم ۾ ڪڏهن به پرفيڪٽ ڪونه ٿيندو آهي. هنرمنديون، ڪلاڪاريون ۽ فنڪاريون اهڙو سمنڊ ڀانئيون وينديون آهن جن جو ڪوبه انت ۽ ڪنارو ڪونه ٿيندو آهي. ڏٺو ويو آهي وڏي فنڪارن کي به سکڻ جي سدائين ضرورت رهندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته “فقيرو مجسمه سازي جي فن ۾ پاڻ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سدائين جاکوڙيندو رهيو”، ته جيئن سندس فنپارا مڪمل نظر اچن ۽ انهن ۾ سندس طرفان ڪابه گنجائش نه رهي. مجسمن جي پوشاڪ جا معاملا سمجهڻ لاءِ ڪجهه عرصي تائين هن درزي جي دوڪان تي ڪپڙا ڪٽڻ ۽ سبڻ جو ڪم سکيو. ان کان پوءِ بوٽ ٺاهڻ جي فيڪٽري ۾ به ڪم ڪيو، حجمن جي دوڪانن تي وار ڪٽڻ سکيا ۽ سونارن کان زيورات سازي جو ڪم پڻ سکيو.

مجسمن جي اکين، جسم جي اڀارن، تاثرات، هڏين ۽ ٻين عضون وغيره کي ويجهڙائي سان ڏسڻ لاءِ فقيرو ۱۹۹۴ع ۾ ٽنڊوالهيار جي باڊي بلڊنگ ڪلب ۾ به داخلا ورتي ته جيئن ڏسي سگهي ته “انساني جسم جا عضوا ڪيئن سڪڙجن ۽ واپس ٿين ٿا يا جسم ۾ رڳون ڪيئن ٿيون اڀرن”. اهڙي ريت پيار، ڏک، ٽهڪ، اداسي ۽ خوشي وغيره کي هن بازارن، درگاهن وغيره ۾ ڳوليو، مختلف مذهبن ۽ مڪتبن جي ماڻهن جا تجزيا ڪندي انهن کي آهستي آهستي پنهنجي ذهن ۽ فن ۾ لاهيندو رهيو. اهي تمام معاملا سندس فن کي سمجهڻ لاءِ ضروري هيا جيڪي وقت سان گڏ سندس هنرمندي کي وڌيڪ جلا بخشڻ ۾ مددگار ۽ سعادتمند ٿيندا رهندا آهن.

هاڻي مجسما ٺاهڻ وقت فقيرو ان ڳالهه جو خيال رکندو آهي ته “نه رڳو جسم جا اڀار، احساسات، تاثرات، هٿ، وار، پير وغيره هڪ ٻئي سان جوڙ توڙ رکن پر مجسمي جي پوشاڪ، سينگار ۽ زيور وغيره به اهڙا ٺاهجن جيڪي مجسمي سان مطابقت ۽ تعلق ظاهر ڪن”. سندس ذهني مشقن، محنتن ۽ منصوبه بندي جو ئي صلو آهي ته هاڻي هو وقت جي انهن عظيم مجسمه سازن جي اڳري صف ۾ بيٺو آهي جن جا فنپارا دنيا ڀر ۾ موجود آرٽ سان پيار ڪرڻ وارن طرفان ساراهيا ويندا آهن”.

فقيرو کي سندس گهريلو حالتن، سماجي معاملن ۽ قدرت فنڪاري جي رستي تي آڻي وڌو پر سندس فن جي پذيرائي ۽ پرورش هن پاڻ ڪئي آهي. فقيرو جو مڃڻ آهي ته “مان پنهنجي ڪم جو پاڻ استاد آهيان ۽ منهنجو ڪم ئي منهنجو استاد آهي”. اهو سڀ شايد ان لاءِ ته ان جهڙي ماڻهن لاءِ زندگي جا سبب ئي سندن فوج ۽ مسئلا ئي اسڪول جيان هوندا آهن جيڪي کين اڳتي وڌڻ، وڙهڻ ۽ جيئڻ سيکاريندا آهن. مان پڻ ننڍڙو چترڪار آهيان ۽ سمجهندو آهيان ته هڪ سٺو مجسمه ساز ٿيڻ لاءِ انسان کي “هڪ حصو آرٽسٽ ۽ نو حصا نقاد ٿيڻ ضروري هوندو آهي”، تڏهن ئي ڪلاڪار پنهنجي منزل جا گس ماڻيندو آهي.

جديد مجسمه سازي جي باوا آدم آگسٽ روڊن وانگر فقيرو پڻ “سيلف ٽاٽ ۽ سيلف ميڊ” مجسمه ساز آهي جو هن اهو فن سکندي سکندي سکيو آهي. هن ڪلا مانوس مٽي جي ماڌو جا استاد رستي ۾ پيل ردي جي ڪاغذن جا ٽڪرا ۽ فٽ پاٿ تي وڪجندڙ پراڻيون ڪتابون پڻ رهيون آهن جو کيس رستي ۾ رليل ڪاغذ جمع ڪرڻ سندس شوق رهيو آهي جتان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن چترڪار جا فنپارا به سندس نظرن کان گذرندا رهندا هيا جن سان سندس سکڻ ۽ ڪجهه نئون ڪرڻ جي اڃ به اجهندي رهندي هئي ته وڌندي به رهندي هئي جنهن سان هو پنهنجي فن کي جديد بڻيادن تي ڍاليندو رهي ٿو. هاڻي انٽرنيٽ جو زمانو اچي ويو ته سندس ڪم وڌيل سولو ٿي پيو آهي جنهن مان هو مڪمل فائدو وٺندو رهندو آهي.

شروعاتي ڏينهن ۾ فقيرو وٽ نه اسٽوڊيو هوندو هيو نه ئي هن هنرمندي متعلق سازوسامان. بس دل ۾ اڳتي وڌڻ جي اميد ۽ وڏو فنڪار ٿيڻ جي سهاري پنهنجي پٺي ٺپيندو اڻ ڏٺل منزل ڏانهن وڌندو رهندو هيو پر هاڻي وٽس شهرت به هئي ته خوشحالي به. فقيرو جو اسٽوڊيو حاجي احمد ميمڻ ڪالوني چمبڙ روڊ الهيار ۾ آهي جتي هن پنهنجي اباڻي گهر جا ٻه حصا ڪري هڪ حصي ۾ پنهنجي رهائش ۽ اسٽوڊيو جوڙيو آهي جڏهن ته ٻئي حصي ۾ سندس ٻيا ڀائر رهندا آهن. هاڻي فقيرو جا بيشمار شاگرد تيار ٿي پنهنجا پنهنجا اسٽوڊيو هلائي رهيا آهن. ڏهه پندرنهن شاگرد ورڪر سندس وٽ به ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه اين سي اي ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ سکيائون وٺي رهيا آهن. فقيرو جي باري ۾ منهنجي آرٽسٽ دوست صفدرقريشي جي راءِ آهي ته “گزريل ڪجهه سالن ۾ فقيرو کي سندس فن جي مڃتا طور ايتري ته پذيرائي ملي آهي جنهن جو مثال مشڪل سان ملي ٿو. هو نه رڳو سٺو مجسمه ساز آهي پر ڀلوڙ دوست به آهي. ايترو نتيجي ۽ نبيري وارو ڪم ۽ ايتري محنت ڪرڻ هن دور ۾ مشڪل سمجهي ويندي آهي پر فقيرو جنهن محبت سان محنت ڪندو آهي اها سندس مجمسن ۾ به نظر ايندي آهي جنهن کي اسان آرٽ جي زبان ۾ “سپر ريئلسٽڪ” چوندا آهيون.

فقيرو سولنڪي جي ٺاهيل فنپارن جون نمائشون سنڌ ميوزيم حيدرآباد، ڪينواس گيلري ڪراچي، ڪوئيل گيلري حيدرآباد، وي ايم گيلري ڪراچي، حيدرآباد فيسٽيول ۾ ٿينديون رهيون آهن. ان کان علاوه ۲۰۰۷ع ۾ ترڪي جي مختلف گيلرين ۾ ۽ ۲۰۱۶ع ۾ نيپال ۾ به سندس مجسمن جو نمائشون ٿي چڪيون آهن.

پنهنجي ڪم جي حوالي سان کيس بيشمار ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ ملندا رهيا آهن جن مان ۲۰۰۷ع ۾ ادبي ڪانفرنس ايوارڊ، ۲۰۱۴ع ڌاري يوٿ ڪانفرنس ۾ بيسٽ آرٽسٽ ايوارڊ، ۲۰۱۷ع ۾ پهرئين انٽرنيشنل نيپال آرٽ سمپوزيم ۾ اپريسيئيشن ليٽر، ۲۰۱۷ع ۾ ٻئين حيدرآباد فيسٽيول ۾ ايوارڊ، ۲۰۱۹ع ۾ سنڌ ڪلچرل اينڊ لٽرري ايسوسيئيشن طرفان ايوارڊ، ۲۰۲۰ع ۾ حڪومتِ پاڪستان طرفان سندس فن جي مڃتا طور صدارتي ايوارڊ تمغه امتياز به مليو جيڪو کيس گورنر سنڌ عمران اسمائيل ڏنو هيو. ۲۳ مارچ ۲۰۲۲ع ۾ کيس آئي ايس پي آر ۽ پاڪستاني فوج طرفان پرائيڊ آف پاڪستان جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هيو.

فقيرو پنهنجي سنجيده، شائسته ۽ خوبصورت فن جي قدامت برقرار رکندي ان کي نه رڳو جديد سائنسي بنيادن تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو پر ان ۾ ڏسڻ وارن لاءِ انيڪ سماجي پيغام ۽ ڪيفيتون پڻ منتقل ڪندو رهي ٿو. هو پنهنجي ٺاهيل مجسمن ۾ نه رڳو زندگي ڦوڪيندو آهي پر انهن ۾ اهڙي هنرمندي سان انساني جذبا ڳنڍيندو ٿو جو لڳندو آهي ته ڄڻ اهو مجسمو “هاڻي ڳالهائيندو، هاڻي پاسو مٽائيندو ۽ هاڻي اٿي گهمڻ ڦرڻ شروع ڪندو”.

ڏاهي ڪلاڪارن جو مڃڻ هوندو آهي ته “سندن ڪلائون انهن لاءِ اهڙيون بهترين دردڪش آهن جيڪي سندن دل ۽ دماغ کي تڪليفن کان پري رکن ٿيون ۽ خاص ڳالهه اها آهي ته انهن جا “سائيڊ افيڪٽ” به ڪونه ٿين ٿا”. فقيرو جي جهدِمسلسل ثابت ڪري ٿي ته “اڳتي وڌڻ جي ڌن ۽ مستقل مزاجي هجي ته مايوسي جي رستي تي هلندي به ٿورڙو اڳيان محنتن جي ممتاز منزل انسانن جي منتظرهوندي آهي”. فقيرو لاءِ به سندس فن هر درد جي دوا ثابت ٿيو آهي جو هڪ زبردست، ڊگهي ۽ انڌيري جدوجهد سندس زندگي ۾ روشني ۽ خوشحالي جو سوجهرو ڪندي کيس نه رڳو مان مرتبو ڏنو آهي پر سندس ڪلاڪار هنرمنديون بين الاقوامي معيار جي پيمانن کي ڇهي ملڪ ۽ قوم لاءِ مان جوڙيندي مجسمه سازي جي عالمي تاريخ لاءِ قيمتي ورثو ثابت ٿي رهيون آهن.

 

(آصف رضا موريو جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)




سنڌ جو فقيرو

۽ بس اھو ئي ڪافي آھي

اسحاق انصاري

فقيرو سولنڪي سنڌ جو ھڪ ٽيلنٽيڊ مجسمہ ساز(اسڪپلٽر) آھي. مون جڏھن ھن جو فن فيس بوڪ تي ڏٺو تہ مون کي تمام گهڻو پسند آيو. ان وقت کان وٺي مان ھُن جو فين رھيو آھيان.

فقيرو سولنڪي، سنڌ جي شھر ٽنڊي الھيار ۾ رھي ٿو. ھن ٻڌايو تہ سندس وڏا جڳھن جي اڏاوت جو ڪم ڪندا ھيا. پر ان سان گڏ سيمينٽ مان مذھبي مجسمہ بہ ٺاھيندا ھئا جنھن ڪري مجسمہ سازي ھن جي سرشت ۾ شامل آھي.

ھُن جو چوڻ ھو تہ انٽر ڪرڻ کان پوءِ سندس خواھش ھئي تہ نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاھور مان تعليم پرائي جنھن لاءِ ھن داخلا في بہ جمع ڪرائي ڇڏي ھئي پر جڏھن لاھور وڃڻ ۾ ھڪ يا ٻہ ڏينھن ھيا تہ سندس ڀائرن جي موٽر سائيڪل جو حادثو ٿي پيو جنھن ۾ ھو گذاري ويا. جنھن جي نتيجي ۾ گهر جو وڏو ھجڻ ڪري سڄو بار سندس مٿان پيو جنھن ڪري ھن پنھنجو خانداني ڪم شروع ڪيو.

پر فقيري جي مطابق انھن مجسمن ٺاھڻ ۾ ۽ ڏسڻ ۾ ھُن کي ڪا کوٽ محسوس ٿيندي ھئي ڇو جو انھن مجسمن ۾ حقيقت نگاري گهٽ ھوندي ھئي، ايناٽامي صحيح نہ ھوندي ھئي. تنھن ڪري پوءِ ھن پٿر يا سيمينٽ مان مجسمہ ٺاھڻ بدران مٽيءَ مان مجسمہ ٺاھڻ شروع ڪيا. جن ۾ ھُن ايناٽامي تي توجہ ڏيڻ شروع ڪئي، ان کان علاوہ ھُن مُشڪن کي، رڳن کي تفصيلي طور ظاھر ڪرڻ شروع ڪيو

ان وقت اڄ جيان انٽرنيٽ وغيرہ تہ نہ ھوندي ھئي تنھن ڪري ھو ڪراچيءَ جي کوڙي گارڊن مان آرٽ جا ڪتاب خريد ڪندو ھو. جن جي ذريعي ھو مشھور مجسمہ سازن مائيڪلو اينجلو ۽ بيني کان متاثر ٿيو. ان کان پوءِ فقيرو اھڙا تجربا پنھنجن مجسمن تي بہ ڪرڻ لڳو جنھن ۾ کيس ڪاميابي ملي ۽ ھُن جو نالو نہ رڳو سنڌ پري پوري دنيا ۾ مشھور ٿي ويو.

ھُن جو چوڻ ھو تہ ھتان کان وڌيڪ مجسمن ٺاھڻ جا آرڊر ٻاھرين ملڪن مان ملن ٿا.

ھن وقت تائين ھو ابراھم لنڪن، جان ايف ڪينيڊي، قائد اعظم، ذوالفقار علي ڀٽي، جمال ابڙي، شيخ اياز، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، علڻ فقير، بدر ابڙي ۽ ٻين جا مجسما ٺاھيا آھن. کيس ھن سال صدارتي پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ بہ ملي چڪو آھي.

اسان سنڌي قوم وٽ الائي ڇو ھڪ احساس ڪمتري آھي تہ اسان پنھنجن اڳواڻن، آرٽسٽن يا ليکڪن کي لقب ٻين ملڪن جي حوالي سان ڏيندا آھيون. جھڙوڪ سنڌ جو چي گويرا، سنڌ جو موپاسان، سنڌ جو لينن، سنڌ جو ريمبرانٽ، اھڙي ريت فقيري سولنڪي کي بہ اھو چوڻ تہ ھو ”سنڌ جو مائيڪلو اينجلو آھي“ مان ان جو مخالف آھيان. اسان کي وڏي فخر سان سڄي دنيا کي ٻڌائڻ کپي تہ ”سنڌ جو فقيرو“ ۽ بس اھو ئي ڪافي آھي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا