; سنڌي شخصيتون: سائين غلام علي چنا

22 December, 2023

سائين غلام علي چنا

سائين غلام علي چنا

هڪ مثالي استاد، اديب، شاعر ۽ تعليمدان

ليکڪ: حاڪم مهر (چڪ)



خانداني پسمنظر:

سائين غلام علي پُٽ محراب علي پُٽ مُلا محمد عيسيٰ پُٽ الهرکيو پُٽ محمد ابراهيم چني جو گهراڻو آڳاٽي زمان کان چڪ شهر جو رهواسي آهي. سندس خانداني پس منظر هن ريت آهي.


سائين غلام عليءَ جو ڏاڏو مُلا محمد عيسيٰ قرآن پاڪ جو ڪاتب هو. سندس هٿ اکرن سان لکيل قلمي قرآن جو نسخو هن خاندان وٽ اڃا بہ هٿيڪو آهي.

سائينءَ جو والد مستري محراب علي چنو جڳهن ٺاهڻ جو ماهر ڪاريگر يعني رازو هو. کيس ٻن نياڻين ۽ ٽن پٽن جو اولاد ٿيو.

(۱) غلام حيدر چنو = اٽي جي چڪيءَ جي ٽُڪائيءَ جو ڪاريگر

(۲) غلام علي چنو = استاد، اديب ۽ شاعر

(۳) غلام حسين چنو = سرڪاري ڊرائيور، رهائش سکر

سندس هڪ نياڻي، قاضي محمد اسماعيل ڀيو (قاضي اسد جو چاچو) جي گهر واري ۽ ٻي، ماستر پير بخش چني مرحوم جي نڪاح ۾ آئي.

جنم:

سائين غلام علي، ۲۹ مئي۱۹۴۴ع تي چڪ ۾ ڄائو. ڄمڻ واري رات سندن پاڙي ۾ “مٺو ڪلهوڙو” نالي ڳائڻو آيل هو. ان نسبت سان هن نئين ڄاول ٻارڙي تي “مٺُو” نالو پئجي ويو. پيار منجهان گهر ۾ “مٺل” سڏجڻ لڳو. ننڍڙو غلام علي اڃا ٻنڌڻن واري ڪچڙي عمر ۾ ئي هو تہ سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو، جنهنڪري ٻاروتڻ ۾ ئي کيس يتيميءَ ۾ گهارڻو پيو.

#ننڍپڻ_جا_پورهيا:

ننڍپڻ کان هن ٻارڙي انتهائي غريبيءَ وارا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. ننڍي هوندي ڇولا ۽ کارڪون کڻي وڪڻندو هو. گهرن ۽ گودامن ۾ مزدوريءَ تي جهلي لوڏيندو هو، جنهن مان ٻہ چار آنا خرچي ملندي هيس.

#اسڪولي_تعليم:

سائين غلام علي چني، پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول چڪ ۾ ۱۹۵۵ع ۾ پرائي پوري ڪئي. مئٽرڪ ۱۹۶۲ع ۾ ڊي-سي هاءِ اسڪول چڪ مان، انٽر ۱۹۶۴ع ۾ اسلاميہ ڪاليج سکر مان، بي-اي ۱۹۶۷ع ۾ اسلاميہ ڪاليج سکر ۽ ايم-اي ۱۹۷۰ع ۾ پڻ اسلاميہ ڪاليج سکر مان پاس ڪئي. هُن مئٽرڪ کان ايم.اي تائين سڀئي امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيا.

#پروفيشنل_تعليم:

سائين غلام عليءَ جي-وي ۱۹۶۷ع ۾ (سيڪنڊ)، سي-ٽي ۱۹۶۹ع ۾ (سيڪنڊ)، بي-ايڊ ۱۹۷۱ع ۾ (سيڪنڊ) ۽ ايم-ايڊ ۱۹۸۳ع ۾ (A گريڊ ۾) حاصل ڪئي.

#استادَ:

پهرئين ۽ ٻئين درجي ۾ سندس استادُ الهورايو مهر (فتح ٽنڊو)، ٽئين ۽ چوٿين ڪلاس ۾ استادُ ڪرم علي خان پٺاڻ هو.

انگريزيءَ ۾ سائين اتمچند، هنباھ واسي محترم حبيب الله سولنگي (بعد ۾ مختيارڪار ٿيو)، سکر واسي محترم فتح محمد اعواڻ (بعد ۾ ڊي-آءِ-جي ڪراچي ٿيو) ۽ محترم الله بخش کوکر (هيڊ ماسٽر هاءِ اسڪول چڪ) سندس پسنديده استاد هئا. برک اديب ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پڻ سندس استاد هو.

#نوڪريون:

غربت جي چڪيءَ ۾ پيڙهيل نوجوان غلام علي مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوء پيٽ جي آڳ اجهائڻ لاءِ نوڪريءَ جي ڳولا ۾ لڳي ويو. نيٺ جنرل پوسٽ آفيس سکر ۾ ورڪ چارج تي ڪلارڪي ملي وئي. جتي پهرين مئي ۱۹۶۵ کان ۲۹ فيبروري ۱۹۶۴ع تائين ٻہ مهينا ڪم ڪيائين.

پنجن مهينن کانپوءِ ٻہ رينج اسڪارپ سکر ۾ ٻي نوڪري ملي وئي. پهريائين ٽريسر ۽ پوءِ فيلڊ اسسٽنٽ طور ٽي مهينا يعني پهرين مئي ۱۹۶۴ کان ۳۰ جولاءِ ۱۹۶۴ تائين نوڪري ڪيائين.

سائين غلام علي چنو استاد طور جتي جتي تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون، سي ماڳ هي آهن: چڪ. رستم، عبدو. جهانو. باگڙجي. لکي ۽ چمن سکپور (تعلقو لکي) ڳوٺ امير شاھ (تعلقو خانپور) ڪيهر ڪنڌرا ۽ علي مراد سيلرو (تعلقو ڳڙهي ياسين)، جيڪب آباد، سکر، دوداڻڪو (تعلقو روهڙي)، عمر ڊهو (تعلقو گهوٽڪي) ۽ گهارو (ضلعو ٺٽو).

#علمي_ايوارڊَ:

* سائين غلام علي ننڍپڻ کان ئي هوشيار ۽ ذهين شاگرد هو. سنڌي چوٿين درجي ۾ ان وقت جي ايس-ڊي-او تعليم سندس ذهانت کان متاثر ٿي اسڪالر شپ منظور ڪئي. کيس ۶ رپيا ماهوار وظيفو ملندو رهيو.

* سال ۱۹۹۷ع ۾ سکر جي اسٽوڊنٽس فورم پاران کيس “بهترين استاد” هجڻ جو ايوارڊ ڏنو ويو

* سال ۲۰۰۲ع ۾ اِي-ڊي-او تعليم سکر محترمہ رفيعہ پٺاڻ کيس ضلعي تعليمي انتظاميہ پاران “بيسٽ ٽيچر” جو ايوارڊ ڏنو.

#گرامر_تي_لکيل_ڪتاب:

نامياري تعليمدان سائين غلام علي چني شاگردن جي سهولت لاءِ گرامر جا ڪيترائي ڪتاب لکي ڇپرايا. جهڙوڪ:

(۱) زمان Tenses

(۲) فعل معروف ۽ مجهول Active and passive

(۳) سڌو ۽ اڻ سڌو ڪلام Direct and indirect

(۴) بنيادي انگريزي Fundamental English

(۵) جملا، عبارتون ۽ فقرا (اڻ ڇپيل)

(۶) حرف جر (اڻ ڇپيل) The preposition

(۷) پنجاھ انگريزي-سنڌي ڪهاڻيون (اڻ ڇپيل) Fifty English stories

#ادبي_خدمتون:

سائين محمد ابراهيم جويو، سنڌي ادب جي اها پهرين شخصيت هئي جنهن سائين غلام علي چني کي ادب ڏانهن راغب ڪيو. جويو صاحب جيڪب آباد هاءِ اسڪول ۾ سندس هيڊ ماسٽر هو. جنهن کيس فارسي ٻولي سيکارڻ سان گڏ سنڌي ادب سان سڃاڻپ ڪرائي. سندن اهو ساهتي سُٻنڌ پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو. جيڪب اباد مان وڇڙڻ کانپوءِ سالن جا سال خط و ڪتابت ذريعي ڳنڍيل رهيا. سائين غلام علي، جوئي صاحب کي پنهنجو استاد، رهبر ۽ محسن مڃيندو هو. سندس زندگيءَ تي سائين جوئي صاحب جا گهرا اثر رهيا.

ان کانسواءِ سائين غلام عليءَ کي متاثر ڪندڙ ادبي شخصيتن ۾ ڪاڪو ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، علامہ آءِ-آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، جي-ايم سيد، نجم عباسي، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي. فضل احمد بچاڻي، سندس هم ڪلاسي اديب دادا سنڌي ۽ نٿو مل موراڻي پڻ شامل آهن.

#چڪ ۾ #ادبي_تحريڪ_جو_بنياد:

استاد سائين غلام علي چنو، سال ۱۹۷۶ع ۾ جڏهن پنهنجي اباڻي شهر چڪ بدلي ٿي آيو تہ هتي کيس ادبي ماٺار نظر آئي. هن هتي ادبي هلچل هلائڻ جو پڪو پھہ ڪري ڇڏيو. نيٺ چڪ جي ڪجھ سُڄاڻ نوجوانن نذير سومري ۽ رشيد احمد سومري کي پنهنجو هم خيال بڻائي ورتو. پوء رحيم داد راهي،ِ شوڪت سيٺار، عبدالجبار “آصف” منگيء ۽ ٻين نوجواننَ بہ سندن ساٿ ڏنو. اهڙي طرح هنن چڪ جي صوفي شاعر حضرت شاھ عبدالعزيز بخاريءَ جي نالي پٺيان “العزيز ادبي انجمن” جو بنياد وڌو. ۽ادبي سرگرميون شروع ڪيون ويون.

العزيز ادبي انجمن کي وري چا چنڊ تڏهن لڳا، جڏهن هن ۾ چاچي جان محمد “مفتون” منگيءَ، عبدالسميع انصاريءَ ۽ سائين محمد هارون چني شموليت اختيار ڪئي. ادبي گڏجاڻين ۾ دوست پنهنجيون لکڻيون پيش ڪرڻ لڳا. سائين غلام علي چني شاھ عبدالعزيز جي شاعري مختلف ادبي رسالن کي موڪلي ڇپرائيندو رهيو.

هڪ سال کانپوءِ العزيز ادبي انجمن جو نالو سنگت جي صلاح سان مٽائي “چڪ ادبي سنگت” (چاس) رکيو ويو.

سال ۱۹۷۸ع ۾ چاس پاران “شاھ لطيف لائبريريءَ” جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هن ادبي مرڪز قائم ٿيڻ کانپوءِ ادبي هلچل ۾ وڌيڪ تيزي آئي. نوجوان لِکارين کي هڪ پليٽ فارم ملي ويو. هتي سندن حوصلہ افزائي ٿيڻ لڳي. سائين غلام علي چني ادب جي مختلف موضوعن تي ليڪچرن جو سلسلو شروع ڪري نوجوان ليکڪن جي رهنمائي ڪندو رهيو.

#هڪ_سرگرم_ليکڪ:

سائين غلام عليءَ حياتيءَ جو وڏو حصو ڪتاب ۽ قلم دوستيءَ ۾ گهاريو. هن ادب جي تقريبن سڀني صنفن تي قلم کنيو. پر نثر ۾ مضمون نگاري ۽ نظم ۾ غزل تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي.

نثر ۾ ڪهاڻيون ۽ ناول بہ لکيائين تہ شاعريءَ ۾ بيت، وايون، نظم، چؤسٽا، مخمس، مسدس وغيره بہ سرجيائين.

سندس گهڻو مواد ادبي رسالن: نئين زندگي، شريعت، ساڻيھ ڊائجسٽ، رهبر ڊائجسٽ، پيغام مئگزين ۽ روزانو اخبارن: هلال پاڪستان، عوامي آواز، نواءِ انقلاب، الغوث، پاڪ سنڌ، نجات، چانڊوڪي چڪ ۽ دراوڙ چڪ ۾ ڇپيو آهي.

سائين غلام علي چنو شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص “مٺل چڪوي” ڪتب آڻيندو هو.

#ادبي_دوستَ:

سائين غلام علي “مٺل” چني جا همعصر اديب ۽ شاعر جن سان سندس ويجهڙائي رهي تن ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو، اياز گل. سرور سيف، بشير منگي، عبدالغني مهر، غلام محمد غازي، شريف شاد سومرو، گوهر سنڌي ۽ ٻيا شامل آهن. پنهنجي شهر چڪ جي اديبن، شاعرن ۽ ادب دوستن ۾ مرحوم جان محمد “مفتون” منگي، عبدالسميع انصاري، سائين هارون چنو، رشيد احمد سومرو، نذير سومرو. ڊاڪٽر امان اللّٰه منگي، استاد راهي، نظير رمز، شوڪت سيٺار، عبدالجبار “آصف” منگي. ٻالچند ايسراڻي، عبدالجبار مهر، پير شاھ “پياسي”، آزاد بخاري، حامي مهر، محمد حسين مهر، حاڪم مهر ۽ ٻيا شامل آهن.

#ادبي_ايوارڊ:

سائين غلام علي “مٺل” چني کي مليل علمي ايوارڊن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. هتي ڪجھ ادبي مڃتائن جو ذڪر ڪجي ٿو.

(۱) چڪ شهري اتحاد پاران ۱۹۹۹ع ۾ کيس “بهترين اديب” جو ايوارڊ ڏنو ويو.

(۲) تنظيم فڪر و نظر سکر پاران “بهترين مقرر” (تقرير ليکڪ) جو سرٽيفڪيٽ مليو.

(۳) سنڌي ادبي سنگت چڪ پاران سال ۲۰۰۰ع ۾ شاخ جي سيڪريٽري آزاد بخاريءَ جي ڪوششن سان ساڻس ادبي رهاڻ جو وڏو پروگرام رچايو ويو. جنهن جي صدارت جهوني اديب ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومري ڪئي هئي.

(۴) چڪ جي پهرين اخبار “چانڊوڪي” سائينءَ جي شخصيت تي خصوصي ايڊيشن شايع ڪيو.

هن بابت نامياري چترڪار سائين هارون چني جو چوڻ آهي تہ “غلام علي چنو خود هڪ خوبصورت ايوارڊ آهي جيڪو صدين تائين سانڍڻ جهڙو آ.”

#ڇپيل_ادبي_ڪتاب:

(۱) “فتحمنديءَ جي واھ ۽ واٽ” (نفسيات)

(۲) “ڇڏ جهوري، ڏي جهاٽَ (مضمون)

(۳) “ڪونج” (ڪهاڻيون)

(۴) “سَرهائيءَ جي سوڀ” (نفسيات)

(برٽينڊ رسل جي انگريزي ڪتاب

Victory of happiness

جو سنڌي ترجمو

(۵) “وکر ڌارؤن ڌار” (مضمون)

(۶) “ماسٽر مائينڊ”

(محمد ابراهيم جوئي ۽ شيخ اياز جي شخصيتن تي لکيل)

(۷) “خط ٻن استادن جا”

(سائين محمد ابراهيم جوئي ۽ سائين غلام علي چني جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط)

(۸ “تقريرون” (شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ لکيل)

#اڻ_ڇپيل_ڪتاب:

(۱) “ڪنوار جو ڏاج”

(۲) “نمڪ حرام” (ناول)

(۳) “مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا”

(۴) “موجب الجنت” (اسلامي ڪتاب)

(۵) “چکيا کان چنتا بُري”

(۶) “ادبي اشارا”

(۷) “روحاني سِڪ ۽ ڇڪ” (ڪهاڻيون)

(۸ “ڪهاڻيون جي ڪهيم”

(۹) “چنا نالي چڱا”

(۱۰) “ڦاٽل ڪپڙن کان فل سوٽ تائين” (آتم ڪٿا)

(۱۱) مضمون ۽ مقالا

(۱۲) شاعريءَ جو مجموعو

(۱۳) “لطيفا استادن شاگردن جا”

(۱۴) “پڇڻا نہ منجهڻا” (سنڌ ڪُئيز)

#شادي ۽ #اولاد:

سائينء جو پرڻو پنهنجيءَ سؤٽِ يعني پنهنجي پاڙيسري ماستر پيربخش چني مرحوم جي ڀيڻ سان ٿي. ماستر پيربخش، سائينءَ جو سؤٽ. ماسات ۽ سالو بہ هو.

سائين غلام عليءَ کي ٻن نياڻين ۽ پنجن پُٽن جو اولاد آهي.

(۱) غلام مرتضيٰ = ايم-اي، ايم-ايڊ

(پرائمري استاد)

(۲) غلام مجتبيٰ عرف بابُو = ايم-اي. ايم-ايڊ

(پرائمري استاد)

(۳) غلام رضا عرف پپو = ايم-اي (درزي)

(۴) غلام رباني عرف بابر = ايم-اي (خانگي استاد)

(۵) غلام عباس عرف ببلو = ڊپلوما اليڪٽرڪ (خانگي استاد)

سائينءَ جون ٻئي نياڻيون پڻ انٽر پاس آهن.

============( جاري )===========

(حاڪم مهر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا