قبول ابڙو
۽ سنڌو وھندو رھيو
حبيب ساجد
ڪالھ سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ خاموش
ليکڪ مرحوم سائين قبول ابڙي جي ورسيءَ جو ڏينھن بي انتھا خاموشيءَ سان گذري ويو ۽
مون ان حوالي سان ھي ڪالم لکيو آھي.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آھي ته
اھو وقت Y2K وارو وقت ھو، اڻويھين صديءَ جو انت ٿي رھيو
ھو ۽ ويھين صدي جو پھريون سال اسان جي زندگين جي دروازي تي دستڪ ڏئي رھيو ھئو، پي
ٽي وي جي نيوز بليٽنن ۾ بار بار ھڪ خبر نشر ٿي رھي ھئي ۽ جنھن جي ڪري ھڪ عجيب خوف
۽ ھراس وارو ماحول پئدا ٿي پيوھيو. ڪمپيوٽر جي ماھرن جو چوڻ ھو ته ۳۱ ڊسمبر ۱۹۹۹ کان پوءِ وارو باءِ ڊفالٽ انگ ۲۰۰۰ دنيا جا ڪمپويٽرَ لوڊ نه ڪري سگھندا، نتيجي ۾ ھڪ وڏو ڪمپيوٽنگ فيليوئر Y2K جي نالي سان پيدا ٿي پوندو، جنھن جي نتيجي ۾ امريڪا ۽ روس جا ھڪ
ٻئي طرف رُخ ڪيل سمورا اسٽينڊ باءِ ميزائل ڊجٽ ڪمانڊ جي اپ سيٽنگ جي ڪري چالو ٿي
پوندا ۽ پوري دنيا تباھ ٿي ويندي. ان کان علاوه منھنجي آئي سانئڻ به ٻڌائيندي ھئي
ته ويھين صدي قيامت جي برپا ٿيڻ واري صدي آھي، ڇوته منھنجي ٻروچ آئيءَ جي ليکي
حديثن ۾ اسلامي قيامت اچڻ جون جيڪي به نيشانيون ٻڌايون ويون آھن اھي سؤ سيڪڙو
ويھين صديءَ ۾ پوريون ٿيندي نظر اچي رھيون آھن.
انھن ڏھاڙن ۾ مان ڪراچيءَ رھندو
ھيس ۽ گلشن اقبال جي ھڪ پريس ۾ ساڍا چار سئو مھيني جي پگھار تي ۱۲ ڪلاڪ ڪم ڪندو ھيس. پنھنجي شھر خيرپور ۾ ليکڪ يار ڊاڪٽر اعجاز سمون جڏھن به
ملندو ھو، ھُو ڪراچيءَ ۾ رھندڙ شڪارپور جي رُڪ اسٽيشن جي ڀڪَ ۾ ھڪ ڳوٺ شاھ قلي پور
جي ان ليکڪ جو ذڪر ضرور ڪندو ھو جنھن پنھنجي ڪراچيءَ واري گھر ۾ اھڙو ته آئيڊيل
ادبي ماحول جوڙي رکيو آھي جو ان گھر جو ھر ٻار ھڪ ليکڪ ٿي اسريو آھي، ان حوالي سان
ھن جي ٻارن ۾ اسان جي يار غار پرويزابڙي جو حوالو ئي ڪافي ھيو، انھن ڏھاڙن ۾ پرويز
ابڙو شايڊ ڪنھن معاملي جي ڪري بابا جي نالي وٺڻ کان اوائڊ ڪندو ھو پر بھرحال ھُو
پنھنجي پيءُ سان ڏاڍو پيار ڪندو ھو، ھڪ صبح جو پرويز جڏھن ڪالابورڊ ملير ۾ مون سان
ملڻ آيو ته مون کيس چيو مون کي ان شخصيت سان ملاءِ جنھن روسي ليکڪ شولوخوف جي ڪتاب
(And Quiet Flows the Don) جي طرز تي
سنڌيءَ ۾ “. . . ۽ سنڌو وھندو رھيو” نالي سان ھڪ ڪتاب لکيو ھو، جنھن کي ادبي حلقن
۾ وڏي پذيرائي ملي ھئي، پرويز ٿورن گھڻن ڪاوڙيل جملن بعد مون سان ھلڻ قبوليو ھو. اسان
اتان کان ئي بس ذريعي صدر پھتا ھياسي، جنھن جي پرئين ڀڪ جي ڪنھن پلازه ۾ اولڊ ايج
بينيفٽ جي صوبائي ھيڊ آفيس ھئي، اسان جڏھن اتي پھتاھياسين ته منجھند جا ٻارنھن وڄي
رھيا ھيا، ۽ پلازه جو ھڪ پورو فلور آفيس طور استعمال ڪيو ويو ھو، ھڪ مرڪزي آفيس جي
پرئين ڪنڊ ۾ منھنجي سامھون جيڪا ھستي ويٺي ھئي، اھا ڪنھن به حوالي سان ڌيان
ڇڪائيندڙ ڪانه ھئي، ھڪڙو سمپل ۽ سادو سنھڙو سنڌي وجود پنھنجي سب آرڊينيٽ اسٽاف سان
اردوءَ ۾ ڳالھائي رھيو ھو، ھُو جنھن ريوالونگ ڪرسيءَ تي ويٺو ھيو اھا ڪرسي ھن جي
جسم جي سائيز جي حساب سان الاھي وڏي محسوس ٿي رھي ھئي ۽ ھُو ان ڪرسيءَ ۾ ايئن ويٺا
ھيا جيئن سنڌيءَ جي اکر نون (ن) جي وچ ۾ نقطو ھوندو آھي. سائين قبول منھنجي متعلق
جيڪو پھريون جملو ادا ڪيو اھو ھو. . پرويز حبيب ته صفا شاعر جھڙي روپ ۾ ايترو
سنھڙولڳي ٿو. . . خير، پھرين ملاقات جو جيڪو روائتي تاثر منھنجي ذھن ۾ سائين قبول
جي حوالي سان ھيو، اھو پوريءَ ريت ڊيميج ٿي ويو، ڇوته منھنجي سامھون پرويز ابڙي
جھڙو قھر جو سھڻو شھزادو موجود ھيو، بھرحال ان ملاقات بعد پرويز ابڙي کي مون
پنھنجي دوستيءَ واري پَدَ تان اپ گريڊ ڪري ھڪ سھڻي شھزادي جو روپ ڏنو ھو ۽ مون کي
ھُوھر طرح سان ھڪ منفرد انسان لڳڻ لڳوھيو. پنھنجي آفيس ۾سائين قبول ان وقت بي
انتھا مصروف ھيا، مگر ان جي باوجود ھُن اسان کي پنھنجي وقت جا بيحد قيمتي ۱۵ منٽ ارپن ڪيا ھيا، چانھ پيئاري ھئي ۽ موڪلائڻ مھل ڪچھريءَ لاءِ گھر اچڻ جي
دعوت ڏني ھئي. ان ملاقات بعد مان پنھنجي ڪراچيءَ جي ھڻ ھڻان واري روٽينز لائيف
۾ايڏو ته غرق ٿي ويو ھيس جو ٽي سالَ وري سائين قبول سان ملڻ واري ڳالھ ئي ياد نه
رھي. ٽن سالن بعد ھن کي مليل ڪنھن خوشيءَ جي سيليبريشن ۾ مون کي پرويز ابڙي پنھنجي
گھر ماني کائڻ جي دعوت ڏني ھئي، اھو دئور اسان جي زندگيءَ جي ادبي ٽڪنڊي جي ائوج
وارو دئور ھيو، ان ٽڪنڊي جي ھڪ ڇيڙي تي اسان جو امراقبال ھو، ٻئي ڇيڙي تي پرويز
ابڙو ھيو ۽ ٽيئن ڇيڙي ٿي ھي خاڪسار ھيو. امراقبال انھن ڏھاڙن ۾اين اي ڊي
يونيورسٽيءَ جي ايم بي ڪيو ھاسٽل ۾ رھندو ھو ۽ ڀڪَ ۾ ئي ھڪ ديوار ٽپي ڪري پرويز
ابڙو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ھڪ ھاسٽل ۾ احمد پور (خيرپور) جي نسوار جي شوقين پياري
۽ ٽڻڪ دوست معصوم سنديلي سان گڏ رھندو ھو ٻئي سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس ڪري رھيا ھئا. اسان
ڪڏھن شام جو ٽي ئي ڪٺا ٿيندا ھياسين ته اين ئي ڊي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وچ واري
ڀِت جي مصنوعي ٺاھيل سوراخ جون لوھي تارون ھٽائي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿي
پوندا ھياسين ۽ سائين عابد مظھر جي ڪلاس ۾ ھن سان ملي اسان جا چار ئي موسمَ تبديل
ٿي ويندا ھيا، سائين عابد ھڪ ٽڻڪ ۽ زندھ دل انسان ھيا، انھن جي ھر جملي تي اسان
ايترا ته ٽھڪ ڏيندا ھياسي، جو ڀڪ واري ڪلاس مان ھڪ اردودان ختابي ڀڄندو آيو ھو ۽
چوڻ لڳو، “اتنا مت ھنسو بھائي، حديث ۾ ھي ڪه دل مرده ھوجاتي ھين” ھن جي ان عجيب
ڳالھ تي اسان وري ايترا زوردار ٽھڪ ڏنا جو اھو لاحول ولا پڙھندو ڀڄي ويو ھو.
سائين قبول ابڙي جي شام جي
مانيءَ واري دعوت واري ڪچھري ھر حوالي سان ھڪ يادگار ڪچھري ھئي، جنھن ۾ اسان سان
گڏ پرويز ابڙي جي امي به شامل ھئي، جيڪا ھڪ باوقار سادگيءَ سان ڀرپور ھڪ ڳوٺاڻي
عورت ھئي، جنھن جي اکين ۾ ان مھل به ھن جو ڳوٺ جاڳي رھيو ھو ۽ مون سان انھن جي
ڪچھري به انھن جي ڳوٺ جھلي ڪلواڙي ۽ شاھ قلي پور جي حوالي سان ٿي ھئي، ان ڳوٺ جي
ڀِڪ ۾ ئي ٽِه جڪيءَ جي نالي سان سنڌو درياھ جو مشھور وھڪري کي منھن ڏيندڙ ڪنارو
آھي، ان ھنڌ تان سپت سنڌوءَ جو بليڊ جھڙو تيز وھڪرو مون ڏھاڪو سال اڳ۾ پنھنجي
ريلوائي يار ظھورابڙي جي دعوت ٿي ڏٺو ھيو ان ھنڌ تان درياھ بادشاھ جي وھڪري جي
اسپيڊ ايتري ته تيز ھئي جو مون ڪاٿو لڳايو ھو ته ان ڪمال وھڪري جي گھٽ ۾ گھٽ ۳۰ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي اسپيڊ ته ضرور ھوندي. بھرحال سائين قبول ابڙي جو اھو
ڳوٺ ايڏو ته سھڻو ۽ يادگار جاءِ تي آھي جو سائين قبول ابڙو جيڪڏھن ليکڪ ٿيو ھوندو
ته ان ۾ ۶۰ سيڪڙو ھن جي پنھنجي ڳوٺ جي
جياگرافيءَ ۽ ان جي بيھڪ واري حسن جو به ڪمال ھوندو. سائين قبول ابڙي سان انھن جي آفيس
۾ اھا ڪچھري لڳ ڀڳ سوا ڪلاڪ کن ھلي ھوندي ان بعد ھُو ڪنھن ڪم سانگي نڪري ويا ھيا،
اتي ئي شام جو پھريون ڀيرو منھنجي ملاقات پرويز ابڙي جي ننڍي ڀاءُ عاطف ابڙي سان
ٿي ھئي، عاطف ڳولھا ڪندڙ اکڙين وارو ھڪ ذھين نوجوان آھي ۽ ان مھل شايد ڪمپوٽر
پروگرامنگ ۾ پڙھي رھيو ھو، ان بعد عاطف منھنجي ڪافي ويجھو ٿي ويو ھو، ھُو ھميشه
مون کي خطَ لکندو ھو ۽ ھن جا خطَ ھن جي عمر جي انگ کان گھڻو گھڻو ميچوئر ھوندا ھيا
۽ اھي خطَ مان سنڀالي رکندو ھيم، مون کي لڳندو ھو ته ڪاشف ۽ پرويز جيان عاطف به
ليکڪ ٿي نڪرندو پر شايد ايئن نه ٿي سگھيو يا ممڪن آھي مان ان بعد ان خاندان سان
جُڙي رھڻ ۾ فيل ٿي ويو ھيس، ڇوته منھنجا پنھنجا روٽينز ايترا ته ڇتا ۽ وقت کائيندڙ
رھيا ھيا جو کوڙ ساترا سھڻا رشتا وقت نه ڏيئي سگھڻ جي ڪري ڪچن ڌاڳن جيان منھنجي
زندگيءَ مان ٽٽندا ھليا ويا ۽ مان سمجھان ٿو اھو منھنجي زندگيءَ جو اھڙو نقصان
رھيو آھي، جنھن جي ڀرپائي مان شايد ھاڻ ڪڏھن به نه ڪري سگھان. سائين قبول ابڙي جي
فئملي سدائين منھنجي لاءِ اتساھ جو سبب رھي آھي، پرويز ابڙو، ڪاشف ابڙو، عاطف ابڙو
۽ ديدي سيمي ابڙو منھنجي لاءِ سائين قبول ابڙي جي ڪتابن جيان ئي ڄڻ ته ھن جي سرجيل
ڪنھن ڪتب خاني جو ئي روپ لڳندا آھن، مان جڏھن سائين قبول ابڙو جي دعوت تي انھن جي
گھر ويو ھيس ته مان سمجھان اميءَ جي ڀڪَ ۾ جيڪا ھڪ گُڏيءَ جھڙي ڇوڪري ويٺي ڊرائنگ
ٺاھي رھي ھئي اھا سيمي ھئي، ڇوته ھن جو رنگ ۽ ھن جو ڳالھائڻ پرويز ابڙي جي ئي
انداز وارو ھيو. مان جڏھن ھي ليک لکي رھيو آھيان ته مون چاھيو پئي ته انٽرنيٽ تي
سائين قبول ابڙي جي حوالي سان گھربل مواد ھٿ ڪيان پر مون کي بي انتھا مايوسي پلئه
پئي جڏھن مون ڏٺو ته انٽرنيٽ جي سنڌي جھانَ ۾ سائين قبول ابڙي جي حوالي سان ايترو
به مواد موجود ڪونھي جنھن سان ھن يگاني ليکڪ جي زندگيءَ بابت ڪا ڄاڻ ملي سگھي، وڌ
۾ وڌ پياري دوست سليمان وساڻ جي ڊجيٽل ڪتاب گھر “سنڌ سلامت” تي سائين قبول ابڙي جي
۱۴ ڪتابن مان رڳو ٽي ڪتاب اپ لوڊ
ٿيل مليا، جن مان سائين قبول ابڙي جي سنڌي ادب ۾ ڪيل يادگار ڪم جو احاطو ئي ڪونه
ٿي رھيو آھي، جا ڳالھ بھرحال ھن جي پڙھيل لکيل ڪھول جي اڪائونٽ تي نيگيٽيو اسپيڪٽ
۾ وڃي ٿي. . ھجڻ ته ايئن کپندو ھو ته سائين قبول ابڙي جا سمورا ڪتاب وري ڇپرايا
وڃن ھا ۽ انھن جي موجودگي سنڌ جي يونيورسٽين جي ھر لائبريريءَ ۾ يقيني بڻائي وڃي
ھا پر جي ھُو اھو ڪم نه ٿا ڪري سگھن ته سائينءَ جي ڪتابن کي ري ڪمپوز ڪري انھن جا
انٽرنيٽ ورشنز آن لائين ڪيا وڃن ۽ اھڙا اپاوَ ورتا وڃن ته ھن يگاني ليکڪ جا ڪتاب
سنڌ جي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۾ ڪورس جو حصو بڻائي پڙھايا وڃن. انت ۾ مون کي
خوشي ٿي رھي آھي ته ارڙھن سال اڳ واري اھا ننڍڙي گُڏيءَ جھڙي ڇوڪري جا پرويز جي
اميءَ جي پاسي ۾ پني تي ڪا ڊرائنگ ٺاھي رھي ھئي اھا ھاڻ سنڌ جي ھڪ وڏي درسگاھ ۾
سنڌيءَ جي پروفيسر آھي ۽ اھو نتيجو آھي ان ماحول جو، جنھن کي سائين قبول ابڙي
پنھنجي گھر ۾ جيئاري رکيو ھو. ھن مھل جڏھن ھن جا ٻارڙا اھڙين پوزيشنز تي ڪم ڪري
رھيا آھن جتان ھُو پنھنجي ليکڪ بابا لاءِ گھڻو ڪجھ ڪري سگھن ٿا، ته گھٽ ۾ گھٽ
پنھنجي ڳوٺ شاھ قلي پور ۾ سندس نالي سان ھڪ لائبريريءَ جو بنياد ته وجھي سگھن ٿا
جتي ڳوٺ جي ٻارڙن ۽ نوجوانن لاءِ پڙھائي جو ھر مواد موجود ڪري ڏنو وڃي، ته جيئن رڪ
اسٽيشن جي ان ڳوٺ جي نوجوانن کي خبر پوي ته شاه قلي پور اھو ڳوٺ آھي جنھن جي ڀڪ ۾
“رُڪ” نالي سان اھڙي اسٽيشن موجود آھي جتي بي بي سيءَ جي رضا علي عابدي چواڻي ڪا
به ٽرين نه ٿي “رڪجي” ۽ ان اسٽيشن جي ڊگھن ڊگھن نم جي وڻن ھيٺيان پھرين نومبر ۱۹۳۹ ۾ ڀڳت ڪنور جھڙي ھستيءَ کي شھيد ڪيو ويو ھو، اھو ئي سبب آھي جو مان جڏھن به
پنھنجي ڪا ٽرين ورڪ ڪندي اتان گذرندو آھيان، ته اسٽيشن جون ھوائون ڄڻ ته اوسارا
ڳائيندي محسوس ٿينديون آھن، اھو شاھ قلي پور ڳوٺ ان ڪري به اھم آھي ته اھو ڳوٺ
سنڌي ادب جي بيحد نمايان ليکڪن جو جنم ھنڌ آھي، جيئن سائين قبول ابڙو، مشھور مذاح
نگار مرحوم غلام رسول ڪلھوڙو، ڪالمسٽ اعجاز منگي، قيوم منگي ۽ باري منگي، جن جي
لکڻين جي ڪري سنڌي ادب جي ھر صنف پنھنجي پد ۾ ھڪ شاھوڪار حيثيت ۾ ملي ٿي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
قبول ابڙو
سنڌي ادب جو صدا حيات
سرجڻھار - سورنھن ڊسمبر ۲۰۲۳ع ڏھين ورسي ۽ ياد جي سار مناسبت سان خاص ڀيٽا
جھانگير عباسي
قبول ابڙو سنڌي ادب جو ستر
ڏھاڪي کان نوي تائين ھڪ متحرڪ ۽ معروف نالو ٿي گذريو آھي جيڪو پنھنجي تخليقي ادب
حوالي سان اڄ به انتھائي احترام ۽ محبت سان پنھنجي ٽھي واري وقتکان اڄ جي نئين ٽھي
جي ليکڪن ۽ ادب پڙھندڙن م ياد ڪيو وڃي ٿو. قبول ابڙو جو جنم ۰۱. جولا۽ ۱۹۴۸ سنڌ جي ھڪ اھڙي ضلعي شڪارپور
جي پٺتي پيل ڳوٺ شاھ قلي تعلقو ڳڙھي ياسن ۾ ٿيو جيڪو ماضي ۾ ته “سنڌ جو پئرس “طور
تاريخ ۾ لکجي ٿو پر موجوده وقت۾ سرداري نظام ۽ قبائلي جھيڙن ۾ باقي سمورن شھرن ڀيٽ
چوٽ چڙھيل آھي. قبول پرائمري پنج درجا پنھنجي ڳوٺ کان ڪجھ پري پيرين پنڌ پوءِ
سائيڪل سھاري سرڪاري اسڪول ملان مان پرائي. مئٽرڪ شڪارپور اسڪول کان ڪئي. انٽر سي
اينڊ ايس ڪاليج کان پاس ڪري اسلاميه ڪاليج سکر مان گريجوئيشن ڪئي پوءِ سنڌ
يونيورسٽي ڄامشورو مان سن ۱۹۷۴ ۾ ايم
لي سي مئٿميٽڪس جي ڊگري ورتي. جڏھن ته عملي زندگي جي شروعات اساميه ھا۽ سڪول پراڻو
سکر مان اسڪول استاد طور ڪئي پوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ مئٿ مضمون ۾ ليڪچرر بڻيو
جتي ادل سومرو به ساڻس گڏ نوڪري ۾ ھئو. پوءِ اسٽيٽڪس کاتي (شماريات ) ۾ اسسٽنٽ
بڻيو جتان وري وفاقي کاتي پلانننگ ۽ ڊولپمنٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر چونڊيو ويو ۽ انھي
کاتي جي تشعبي اولڊ ايج اينڊ بئنيفٽ (EFUI) ۾ ڪم ڪندي ترقي ماڻيندي ويھين گريڊ جي اعلي انتظامي عھدي تان سن ۲۰۰۸ ۾ ريٽائرمينٽ ورتي.
قبول ابڙي ادبي دنيا ۾ اسلاميه
اسڪول واري نوڪري دوران اردو ادب جي مشھور ليکڪ ۽ استاد فرحت اعجاز جي صحبت ۾ ادب
طرف آيو جيڪو ھن جو ويجھو دوست پڻ ھو. قبول لکڻ جي شروعات پھريان مضمونن پوءِ
ترجمن سان ڪئي کيس انگريزي ٻولي تي عبور ھئڻ سان گڏ عالمي ادب جو غير معمولي
مطالعو به ٿيل ھو. قبول جون ترجمو ڪھاڻيون جڏھن سھڻي رسالي جي ايڊٽر ۽ پبلشر طارق
اشرف تائين پھتيون ھن اھي شايع ڪرڻ سان گڏ قبول کي دلي طور تي اتساھيو جيڪو اڳتي
ھلي سليم ڪورائي. غفار سومري. ادل سومري جيان قبول جو پڳ مٽ يار ڀڻجي رھيو. ادبي
سفر جي آغاز ۾ سينئير ليکڪن جي روئيي کان مايوس ٿي انھي زماني ۾ قبول ابڙي `امر
سنڌي” جي فرضي نالي سان عالمي ادب مان جنس (sex) موضوع وار ادب ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو پڙھندڙن ۾ وڏي پيماني تي
مشھور ٿيڻ لڳو جن ۾ کيس ويجھن دوستن سليم ڪورائي ادل سومري ۽ غفار جون صلاحون ۽
سھڪار حاصل رھيو. قبول جي فرضي نالي “امر سنڌي” سان جنسي ادب سرجڻ جا ناڪاري اثرات
ان وقت سئينر ليکڪ امر جليل جي نالي تي پوڻ لڳا پڙھندڙ امرجليل کي ئي اصل ۾ امر
سنڌي سمجھڻ لڳا جنھن جو ھڪ ٻيو سبب قبول جو پھريون تخليقي ناول “رت جا داغ” جو
موضوع ۽ ڪردار وري امر جيل جيشھر روھڙي سان مشاھبت رکندڙ ھئا. بس پوءِ ته قبول تي
امر جليل پاران وڏن وڏن اديبن معرفت زور بار وڌو ويو ته ھو “امر سنڌي واري فرضي
نالي سان لکڻ بند ڪري ۽ قبول کي ائين ڪرڻو پيو. سنڌ ي ادب ۾ چاليھ سال گذڻ باوجود
اڄ جي ادبي منظر نامي ۾ به گروپن لابين ۽ ياري باشي واري ميل جول جي بنياد تي
حقيقي ۽ سچيت لکندڙن تخليقڪارن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ ھڪٻئي کي پروجيڪشن ڏيڻ واري ڪڌي
روايت ادب م نه صرف جاري آھي پر افسوس اڄ جو گھڻي ڀاڱي اديب سڃاتو ئي انھي طور وڃي
ٿو.
قبول ابڙو جي بنيادي سڃاڻپ
پھريان مترجم پوءِ ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪارواري آھي. ھن پنھنجن ھمعصر ليکڪن رسول ميمڻ.
رزاق مھر. ملڪ آگاڻي. رفيق سومرو. اخلاق انصاري. نور گھلو. مشتاق ڪاملاڻي. طارق
عالم ابڙو. فاروق سولنگي. سليم ڪورائي. سليم چنا. بادل جمالي ۽ ٻين ڪترين کان
پنھنجي اسلوب ۽ ادبي موضوعن کي منفردگي واري انداز ۾ ڪاميابي ماڻي الڳ سڃاڻپ پيدا
ڪندي مڃتا ماڻي آھي. سنڌي ادب جي جھولي ۾ جتي “پيار ۽ زھر”. ماڊرن مھمان، ماڊرن
ميزبان”، ڪنوار جوموڙو”، گھائل منھجو من” ۽ “۽ سنڌو وھندو رھيو” جھڙيون عاليشان
ڪھاڻيون ڏنيون آھن، اتي سنڌ جي سياست تاريخ ۽ تمدني روايتن حالتن ۽ واقعن تي اڻ
وسرندڙ ناول لکي ڄڻ سنڌ جي زخمن تي ھمدردي جا پھا رکي ايندڙ نسلن مان اميدن جا ڏيئا
به روشن ڪيا آھن.
قبول پنھنجي ڪھاڻين ۾ سنڌ جي ان
وقت وارين لساني ۽ شر پسندي ۽ دھشتگردي وارين واقعن. بيروزگاري. وڏيرا شاھي جي
ڪلورن. بيوڪريسي جي مڪارين سان گڏ فرد جي داخلي ۽ خارجي مسئلن علاوه سنڌ ڌرتي جي
وجود جي سک سلامتي ۽امن تي پاڻ پتوڙيو آھي بقول محترم مختيار ملاح جي لکڻ جي “قبول
جو ڪھاڻي ڪتاب `۽ سنڌو وھندو رھيو. سن ۱۹۷۴` جي مطالعي سان بلڪل ائين ئي لڳي ٿو جنھن کي ان وقت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
پاران سال جي بھترين افسانوي ادب جي اعزاز ۽ انعام سان پڻ نواز يو ويو ھو.
قبول ابڙو ادب ۾ جيتوڻيڪ گھٽ
لکيو جنھن جو خاص ڪارڻ سندس نوڪري جي مصروفيت رھيو پر ھن جيترو به لکيو آ خوب لکيو
آھي. ھو ذاتي طور ادبي پروگرامن. ميلن ۽ ادبي ٽولن کان به پاسيرو رھندو آيو پر ھن
پنھنجي جنم ڀومي واري ننڊڙي ڳوٺ کان روشينن وارن وڏن شھرن ۽ دنيا جي ڪئي ملڪن جي
سياحت ڪرڻ باوجود پنھنجو تعلق پنھنجي سڃاڻپ کي ختم ڪين ڪيو جيڪا ڳالھ قابل داد
واري آھي. قبول جا ناول رومانوي به آھن ته وري ننڊي کنڊ جي ورھاڱي وارين حالتن
ويساھ گاتين تي وڏي جرئت سان ھن جو لکڻ ڪري غير معمولي درجي وارا به آھن جئين اسين
ناول “ڊنل اکين جا خواب. . ٽڪنڊو. ۽ پنھنجي گھر ۾ اجنبي” جي مطالعي بعد ڏسون ۽
سمجھون ٿا. ھن جو ناول “ٽڪنڊو”سنڌ جي وڏيرا شاھي جي ڪرتوتن جوکليل دستاويز آھي
جنھن جي ڪراچي جي پرل ڪانٽينيٽل جھڙي ھوٽل ۾ مھورت جو شاندار پروگرام به رکيو ويو
ھو پر قبول سان ادبي ساڙ رکندڙن ڪن اديبن ان تقريب ۾ قبول مٿان تنقيد جون سڀ توپون
ھلائي ڇڏيون ايتري قدر جو صدارت ڪندڙ علي احمد بروھي کي ھي لفظ چوڻا پيا ھئا ته “قبول
ناول لکيو آھي ڪو ڌاڙو يا ڦر ڪونه ڪئي اٿائين.
قبول ابڙو جو علمي ۽ ادبي
پورھيو ھنن ڪتابن تي مشتمل آھي. ممڪن آ ڪي رھجي به ويا ھجن.
۱. . ترجمو
ڪھاڻي ڪتاب “شڪر آ مڙس ته مليو. ۱۹۷۳”. أمرڪي
ڪھاڻين جا ترجما.
۲. . تخليقي
ڪھاڻي ڪتاب “ ۽ سندو وھندو رھيو. ۱۹۷۴. سنڌالاجي
پاران سال جو بھترين افسانوي ادب جو انعام.
۳. . ترجمو
ناول “دل تہ ڏئي ڏس “امر سنڌي جي فرضي نالي سان.
۴. . ترجمو
ڪھاڻي ڪتاب “ رات جو ٻارھين وڳي “ مختلف آمريڪي ڪھاڻين جا ترجما.
۵. . ترجمو
ناول “دل جا زخم “. امر سنڌي جي فرضي نالي سان.
۶. . ترجمو
ڪھاڻي ڪتاب “مون کي مڙس نه کپي. ۱۹۷۸”. مختلف
أمريڪي ڪھاڻين جا ترجما.
۷. . تخليقي
ناول “ رت جا داغ`
۸. . تخليقي
ناول “ڌرتي جي جنگ. ۱۹۸۲”
۹. . تخليقي
ناول “ڊنل اکين جا خواب. ۱۹۸۷ “
۱۰. . تخليقي
ناول “جيون جيون سڏڪا سڏڪا. ۱۹۸۷
۱۱. . تخليقي
اول “ٽڪنڊو. ۱۹۹۳ “
۱۲. . تخليقي
ناول “پنھنجي گھر ۾ اجنبي.
قبول ابڙو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو
ھڪ جينئيس لکاري ٿي رھيو آھي جنھن پنھنجي ڌرتي. ٻولي ۽ تاريخ سان نڀايو ۽ انھن جو
اصل مقدمو پنھنجين لکڻين ذريعي ارباب اقتدار جي دفترن تائين پھچايو آھي. ھن نوڪري
دوران سنگاپور. ملائيشيا. انڊونيشيا. ٿائيلينڊ. جارڊن ۽ سعودي عرب سري لنڪا. آمريڪا.
ڪئنڊا تائين ويو. گڏوگڏ پنھنجو چانورن ۽ کارڪن جي ايڪسورٽ امپورٽ جو ذاتي ڪاروبار
به شروع ڪيوجيڪو پوءِ پٽ پرويز حوالي ڪيو جيڪو به قبول جيان خوبصورت ليکڪ به آھي. سندس
ڌي سيما ابڙو به ڪھاڻيڪاره ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي سنڌي شعبي ۾ پڙھائي
رھي آھي.
قبول ابڙو کي پھريان معدي ۽
پوءِ جيري جي بيماريءَ جو مرض ٿيو جنھن جو علاج به ٿيندو رھيو. مرض ايترو وڌي ويو
جو ڊاڪٽرن پاران کيس جيري جي پيوندڪاري جو چيو ويو. جنھن لاءِ ھو اسلام آباد جي
اسپتال به پھتو پر ڊاڪٽرن ھن کي مھيني کان پوءِ جو وقت ڏنو ھو واپس ڪراچي آيو جتي
سندس طبعيت خراب ٿي وئي سورھين ڊسمبر ۲۰۱۳ فجر
ويل وڃي پنھنجي ڌڻي وٽ پھچي وڇوڙ ي واري ھن سرد مھيني ڊسمبر ۾ ھو اسان سڀني کان
ھمشه لا۽ وڇڙي ويو.
قبُول ابڙو
هڪ شفيق پِيءُ
سُورهيه سنڌي
اسيء واري ڏهاڪي جي آخر ۾ جيئي
سنڌ لطيف سنگت جي صدارت جون واڳون مليون ته باقراڻي ۽ ڏوڪريء کان ٻاهر جي دنيا پسڻ
جو موقعو مليو. مُومل جي ماڙيء (گهوٽڪي) کان ڪُنن واري شهر ڪلاچيء (ڪراچي) تائين
سنڌ ياترا ڪرڻ جو ڄڻ بندوبست ٿي ويو. جنهن دوران ڪيترن ئي ننڍن وڏن سياستڪارن،
قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، سماجي شخصيتن سان ڏيٺ ويٺ ٿيڻ سان گڏ گهڻو ڪجھ سکڻ
سمجهڻ ۽ زندگيء جي پيچرن تي هلڻ جي هنر سان پڻ واقفيت ٿي.
انهن ئي ڏهاڙين جساف ڪراچيء جي
آرگنائيزر بشير خاصخيليء، جنهن کي جيئي سنڌ لطيف سنگت ڪراچي ڊويزن جو نگران پڻ
مقرر ڪيو ويو هو، جي معرفت رحمان ابڙي ۽ پوءِ پرويز ابڙي سان ڏيٺ ويٺ ٿي جنهن کي
جيئي سنڌ لطيف سنگت ڪراچي ڊويزن جو آرگنائيزر ۽ پوءِ صدر مقرر ڪيو ويو هو. رحمان
ابڙي ۽ پرويز سان پهرين ملاقات ۾ ئي ’۽ سنڌو وهندو رهيو’ جي ليکڪ جي حوالي طور
پرويز جي والد صاحب قبول ابڙي جو نالو سامهون آيو هو. جنهن جو هڪ اڌ ڪتاب باقراڻي
۾ پنهنجي پاران قائم ڪيل لائبريريء ۾ پڙهي چڪو هوس. ڪهاڻين ۾ نجم عباسي پهريون ليکڪ
هو جنهن جي ڪهاڻين مونکي ادبي مئخاني جو هيراڪ بڻايو هو جنهن کان پوءِ ئي امرجليل،
سراج، محمد عثمان ڏيپلائي، ماڻڪ، علي بابا، علي احمد بروهي، قبول ابڙي سميت ڪافي
ليکڪن جون ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهي سگهيو هوس. ان ادبي اُڃ سبب ئي جتي ڪنهن لکاريء سان
ملڻ جو ڪو موقعو ملندو هو ته هٿان ڪونه وڃائبو هو.
۱۹۹۲ ۾
سنگت سان گڏجي ادبي رسالو ڪڍڻ لاءِ ڪراچيء ڀيڙو ٿيس ته پرويز جي معرفت پهريون ڀيرو
قبول سائينء سان اِي او بي آءِ جي صدر (ڪراچيء) واري دفتر ۾ پهرين ملاقات ٿي.
ملاقات ۾ ادب تي گهٽ سنڌ جي قومي سياست ۽ خاص طور تي جيئي سنڌ توڙي سائين جيئيم تي
وڌيڪ ڳالھ ٻولھ ٿي جنهن ۾ جيئي سنڌ خاص طور تي سائين جيئيم جون پاليسيون سندس
تنقيد جي نشاني تي رهيون، سندس انداز ۽ ڳالھ ٻولھ منجهان پنهنجي عمر ۽ محدود
مشاهدي توڙي سياسي ڄاڻ جي حساب ان اندازو لڳايو هو ته؛ ’هڪ پيءُ پاران سندس پٽ جو
جيئي سنڌ واري جدوجهد ۾ سلهاڙجڻ وارو عمل پسند يا قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو’. توڻي
جو عمر ۾ اهڙي ڪا پختگي نه آئي هئي نه ئي وري اُٺ ڪتابن جا ڪي پڙهيا هئم پر پنهنجي
محدود ڄاڻ جي آڌار تي قومي سياست جي بچاء ۾ دليل بازي ڪندو رهيس ۽ آخر ۾ سندس هڪڙي
جملي "... پر هڪڙي ڳالھ مڃبي ضرور ته جيڪڏهن جيئيم سيد نه هجي ها ته هن وقت
تائين پنجاب سموري سنڌ ڳڙڪائي چڪو هجي ها... هي جيڪي سنڌي آفيسر اُڙيا ٿُڙيا نظر
اچن ٿا اهي به فقط جيئيم سيد جي ايگريسوِ پاليسين جي خوف سبب ئي سنڌ کي مليا
آهن" منهنجي ڪچي پڪي مٿي ماريء کي ڄڻ ته قبوليت جي معراج تي اچي بيهاريو هجي!
جاکوڙ (رسالو) جاري ڪرڻ بابت
فيصلو ٿيو ته قبول سائين وٽ ايڊيٽوريل بورڊ جو حصو ٿيڻ جي عريضي کڻي حاضر ٿيو هوس
جيڪا منهنجو مانُ رکندي قبول ڪئي هيائين ۽ ساڻس مسلسل رابطي ۾ رهڻ توڙي ڪچهريون
قائم رکڻ جو ڄڻ بهانو هٿ ڪري وڌو هئم. اهڙن رابطن ۾، پوءِ اهي سندس آفيس ، سندس
سوزوڪي خيبر(سرڪاري ڪار) يا سندس نيا آباد لياريء واري فليٽ توڙي منهنجي غريب خاني
(ليمارڪيٽ واري فليٽ) تي هجن، اسانجي ڪچهرين جو موضوع هميشه سنڌ جي قومي سياست ئي
رهيو.
سندس هميشه زور رهيو ته بهتر
تنظيم ڪاري، معاشي طور سگهارو وچولو طبقو ۽ سٺي تعليم ئي سنڌ جي تقدير بدلائي توڙي
انقلابي ٻيڙي کي تاري پار پڄائي سگهي ٿي، جنهن جي سنڌ اندر اڻاٺ آهي ۽ ڪير به اهڙو
نه آهي جيڪو انهن اهم مامرن طرف ڌيان ڏيندو هجي! سندس صحبت ۾ سندس رهيل ڪتاب جيڪي
ملي سگهيا (ڪجھ ڪراچي يونيورسٽيء جي لائبريريء مان به هٿ آيا) پڙهي ورتا ۽ سندس نڪور
ناول "ٽڪنڊو" ته ڪيترا ئي ڀيرا پڙهيم. سندس خواهش تي "جاکوڙ پبليڪيشن
موهن جو دڙو" ناول ٽڪنڊو ڇپرائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ته ان جي مواد جي سيٽنگ، ٽي ڀيرا
پروف ريڊنگ توڙي ايڊيٽنگ جو ڪم مونکي ئي ڪرڻو پيو. ناول لاءِ ٻه اکر، مهاڳ توڙي ٻيو
ڪجھ لکرائڻ جو قبول ابڙو قائل نه هو، پنهنجي پڳ مٽ يار سليم ڪورائي کي ڪجھ لکي موڪلڻ
۽ مونکي آخري پني (بيڪ ڪور) تي ڪجھ لکڻ جو حڪم ٿيو ته اسان جون ڄڻ ته ڏهئي آڱريون
گِيھ ۾! ڀلا صفا ڪورو ڄٽ، ادب ۾ بانبڙڻ پائڻ لائق به نه! نڪو شاعر نه ئي ڪهاڻيڪار
يا ڪتاب جو ڌڻي! هيڏي وڏي نالي واري ناول نگار ۽ ڪامياب ڪهاڻيڪار جي ناول تي مون
جهڙي بي ادب کي ڪجھ لکڻ لاءِ چيو وڃي ته انتهائي خوشيء سان گڏ متيون منجهائيندڙ
عمل پڻ هو. لکجي ته ڇا ۽ ڪيئن! اگهامجندو به الائي نه! ۽ پوءِ ناول ڇپجي پڌرو ٿيو
ان جي معتبرقسم جي مهورت به ٿي جنهن ۾ سنڌ جي جهجِهي ساڃاھ شرڪت ڪئي! ۽ سنڌي ادبي
سنگت (ادل سومرو سيڪريٽري هو) ڀٽ شاھ تي ٿيل ميڙاڪي ۾ ناول ٽڪندي کي سال جي بهترين
ناول جو ايوارڊ ڏنو جيڪو قبول ابڙي جي غير موجودگيء ۾ سندس پٽ ڪاشف ابڙي ۽ مون ڀٽ
شاھ وڃي وصول ڪيو.
ناول ٽڪنڊي جي ايڊيٽنگ، ڇپائي،
پروف ريڊنگ، ڊزائن، ڪور وغيره جي سيٽنگ ۾ ابڙي صاحب جي صلاح هميشه ساڻ رهي ۽ ٽڪنڊي
ان وقت ادبي ماحول ۾ ڄڻ ته هلچل پيدا ڪري ڇڏي جيڪا جاکوڙ پبليڪيشن توڙي مون لاءِ
انتهائي فخر جهڙي ڳالھ هئي.
ٽڪنڊي جي مهورت واري تقريب ۾
منهنجي آجياڻي واري تقرير کان پوءِ سفرنامن جي دنيا جي بي تاج بادشاھ مانواري
الطاف شيخ پنهنجا ٻه سفرنامه ۽ نامياري ليکڪ غلام نبي مغل پنهنجو ناول جاکوڙ پبليڪيشن
پاران ڇپرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته مان اصل ستين آسمان جو سير ڪرڻ لڳس!!! ان
سان گڏ قبول صاحب جي سمورن ڇپيل توڻي اڻ ڇپيل ڪتاب (جن ۾ "گوريلو" پڻ
شامل هو جيڪو حُر تحريڪ تي لکيل ڪتاب ’دي ٽيئررسٽ’ جو سنڌي ويس هو ۽ نيو فيلڊس
وارن وٽ ڪيترن سالن کان ڇپائيء لاءِ پيل هو، قبول صاحب جي خواهش تي مان حيدرآباد
مان نيو فيلڊس وارن وٽان مسودو کڻي آيس ۽ سمورن مامرن)ڇپائڻ وارن مرحلن کي ترتيب ڏيئي
رهيا هئاسين ته منهنجي لِي مارڪيٽ واري فليٽ مان چوري ٿي ويئي! ڄڻ مون سميت جاکوڙ
پبليڪيشن جي چيلھ ٽُٽي پئي جيڪا وري جُڙي نه سگهي!... ۽ پوءِ سمورا سلسلا بيهجي
ويا.
قبول ابڙي جي ڪهاڻي لکڻ توڙي
بيان ڪرڻ جو پنهنجو هڪ نرالو اندازهو، ڪٿي به پڙهندڙ کي گوهي هڻڻ جو وجھ ئي نه ٿو
ملي! سندس ڪهاڻي توڙي ناولن ۾ ڪمال جي مهارت سان ٻوليء کي اُڻيو ويو آهي ۽ جملا توڙي
مُڪالما اهڙا جاندار، سادڙا ۽ ماحول منجهان کنيل آهن جو ڪٿي به اوپرائپ محسوس نٿي ٿئي.
منهنجي خيال ۾ اهو ئي ڪنهن ليکڪ توڙي لکڻيء جي ڪمال آهي. پڙهندڙ آخر تائين ڪهاڻيء
جو پيرو کڻي مسلسل اُتساھ توڙي تجسس ۾ هلندو رهي ٿو. ڊنل اکين جا خواب، ڌرتيء جي
جنگ، جيون جيون سڏڪا سڏڪا توڙي ۽ سنڌو وهندو رهيو ۾ پڙهندڙ کي ساڳيو کي تسلسل
ملندو.
قبول ابڙي وٽ سنڌ جي آجپي جي
لاءِ پڻ پنهنجي هڪ سوچ ۽ واٽ هئي، ادب ۽ واپار کان پوءِ سياست جي ميدان ۾ به پاڻ
ملهائڻ سندس هڪ خواب هو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن سرڪار کيس وڌيڪ ڊيپوٽيشن نه ڏني
يا ساڳي پوسٽ تي پڪو نه ڪيو ته پوءِ نوڪريء تان استعيفا ڏيئي عملي سياست ڪبي ۽
اسيمبلي سياست ڪرڻ لاءِ پ پ جو متبادل ڪو به نه آهي ۽ پيپلن سان پنهنجي لڳي ڪونه!
سو ٻيو آپشن هو مير مرتضا ڀٽو، جنهن لاءِ محمدعلي جکراڻي، جيڪو مونسان گڏ سکر سينٽرل
جيل ۾ باندي هو سان منهنجي جيل ۾ پ پ دشمنيء سبب ويجهڙائپ ٿي هئي، جي ذريعي مير
مرتضا ڀٽو سان ويجهڙائپ وڌائڻ لاءِ محمد علي جکراڻي سان ملاقات طئه ڪري پي آئي اي
جون موهن جو دڙو لاءِ ٽڪيٽون بُڪ ڪرايونسين جتان جيڪب آباد محمدعلي جکراڻي سان
ملاقات ڪري ڳالھ ٻولھ ڪرڻي هئي پر ٻئي ڏينهن تي محمدعلي جکراڻي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ سخت
زخمي ٿي پيو ۽ وفات ڪري ويو.
قبُول ابڙو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار،
ناول نگارهئڻ سان گڏ انگن اکرن جو ماهر، ڪامياب واپاري ۽ هڪ شفيق پيءُ پڻ هو.
پنهنجي اولاد جي بهترين نموني تربيت ڪيائين سندس نياڻين توڙي پٽن پنهنجي پنهنجي
شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي. پرويز ۽ تنوير ابڙو هميشه سندس ڳڻتيء جو سبب بڻيا رهيا
سندس سوچ موجب سندس ٻه ٻيا پٽ ڪاشف ۽ عاطف ابڙو پنهنجن شعبن ۾ ڀڙُ آهن، نياڻيون به
بهترين نموني سان اڳتي وڌي رهيون آهن پر هي ٻئي... ان لاءِ کيس هميشه ملال رهيو ته
سندس پرديس رهڻ سبب ٻئي پٽ وٽ کان نڪري ويا ۽ هو انهن لاءِ ڪجھ نه ڪري سگهيو! ان
افسوس توڙي ڳڻتيء سبب هميشه ڪوشش ۾ رهيو ته پرويز تعليمي طور پاڻ ڀريو ٿئي!
منهنجي مانواري حميد سنڌيء (جيڪو
انهن ڏينهن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽيء جو وائيس چانسلر هو) سان نيازمندي
هئي، يونيورسٽيء جا امتحان مٿن تي هئا آخري سيمسٽر جا ڪجھ ڏهاڙا باقي رهيا هئا ته
قبول صاحب، خيرپور وڃي حميد سنڌي صاحب سان ملي پرويز کي داخلا ڏياري امتحان ۾
ويهارڻ جو بندوبست ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، جيڪو مون لاءِ تمام ڏکيو هو. هڪ طرف
منهنجي سوال نه ڪرڻ واري عادت هئي ته ٻئي طرف پيءُ جون ڳڻتيء ڀريل اکيون! نه
چاهيندي به هامي ڀري پرويز کي ساڻ ڪري اچي خيرپور ڀيڙا ٿياسي ۽ اچي حميد سنڌي صاحب
کي امتحان ۾ وڌوسين! پنهنجي زندگيء ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو حميد سنڌي صاحب کي
گذارش ڪئي هئي پر امتحان مٿي تي وري نئين داخلا! ڪيئن ڪجي!! حمي سائينء منهنجي
منهن تي لهندڙ چڙهندڙ مايوسيء جا پاڇا ڏسي چيو؛ "چانهن پيءُ ته ڏسون ٿا"
۽ ائين رجسٽرار کي گهرائي مسئلي جو حل ڪڍڻ لاءِ چيائين ته ان حل ڪڍي به ورتو! پر ڦر
ڦر سونٽو... دٻلي درياھ تي! اهڙي اڻ ٿيڻي داخلا ٿيڻ (۽ شايد پهرين سال جي امتحان ڏيڻ)
کان پوءِ به قبول صاحب جي ڳڻتي، ڳڻتي ئي رهجي وئي! چوته باقي ٻئي سال وارو سلسلو
جاري نه رهي سگهيو! اهڙي طرح سندس مُونڀي پٽ لاءِ هميشه ڳڻتي رهي جنهن ڳڻتيء ڪراچي
يونيورسٽي کان رُوس ۽ بنگلاديش تائين جو سفر به ڪيو پر قبول صاحب پرويز کي پنهنجي
مرضيء موجب نه تعليم ڏياري سگهيو ۽ نه ئي وري کيس پنهنجي جوڙ جو واپاري بڻائي
سگهيو.
منهنجو سنڌ ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو
ته قبول صاحب کان صلاح وٺڻ پهتس جنهن دبئي توڙي يورپ بدران بنگلاديش کي ترجيح ڏيڻ
جي راءِ ڏني يا حڪم ڪيو جيڪو ان وقت ڀلي مونکي سمجھ ۾ نه به کڻي آيو هجي ۽ سندس حڪم
تي هليو آيو هوس پر اڄ جڏهن واپار جي الف بي کان ٿوري گهڻي واقفيت ٿي اٿم ته سندس
انهيء حڪم جو هميشه لاءِ ٿورائتو رهندس! مون کان اڳ پرويز ۽ تنوير (سندس پٽ)
بنگلاديش ۾ پنهنجو پنهنجو ڀاڳ آزمائي چڪا هئا جن مان قبول صاحب چواڻي ته کيس
مايوسي پلئه پئي هئي. (پر اڄ شايد قبول صاحب سرهو ٿيندو هوندو ته سندس پٽ پرويز
ادبي دنيا ۾ پاڻ ملهائي نالو ڪمايو آهي ته تنوير به ڪتاب ڌڻي ٿيڻ سان گڏ سٺو وڪيل
بڻجي چڪو آهي - پري کان مليل ڃاڻ موجب).
قبول صاحب سان سياسي ۽ نظرياتي ڳالهين
تي اختلاف توڙي بحث مباحثا ٿيندا رهندا هئا ته واپاري مامرن تي پڻ ڪجھ مامرا ٿيا
جن تي هتي لکڻ اجائي ڊيگھ ٿيندي پر هر ڀيري اسان پنهنجا واپاري مامرا منهنجي طرفان
ماٺ ۽ قبول صاحب پاران وڏي هجڻ واري شفقت تي نبريا ۽ آخر تائين قبول سائين سان
نيازمندي ساڳي ئي رهي جيڪا سنگت پرويز سان نه رهي يا نڀائجي سگهي. ان ۾ به شايد
منهنجي ئي نا سمجهيء جوعمل دخل رهيو! (مون ۾ عيبن ڪوڙ - يا - جيها جي تيها مون
مارُو مڃيا).
قبول جي نياڻي سيما ابڙو جيڪا
پرويز، ڪاشف ۽ تنوير سان رشتي جي حساب سان منهنجي ننڍڙي ڀيڻ جهڙي ته، قبول صاحب
سان رشتي جي حساب سان منهنجي ڀائٽي سونهي، جون ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ڏسي سچي ته
دل گد گد ٿيو پئي. تنوير ۽ پرويز به نالو ڪڍيو آهي پر سندن لکڻيون اڃا منهنجي اکين
کي نصيب نه آهن ٿيون پر سنگت موجب سٺو لکيو اٿن باقي سيما جون لکڻيون فيسبڪ تي پڙهيون
اٿم بهتر پئي لکي، سندس لاءِ نيڪ تمنائون ۽ الاهي ساترو پيار.
قبول ابڙي جي فن ۽ فڪر بابت ته
تواريخ جا شاگرد ۽ نقاد لکندا، اسان کيس هميشه پنهنجي اولاد جي اوسر، ترقي، آئيندي
بابت فڪرمند ڏٺو جيڪو هاڻي جڏهن مان پنهنجي هالار ۽ جيئيم لاءِ سوچيان ٿو يا ڳڻتيء
۾ آهيان ته قبول ابڙي صاحب جي لُڇ پڇ، اُڻ تڻ ۽ ڳڻتيء جو ادراڪ به ٿئي ٿو ته محسوس
به ڪري سگهجي ٿي سندس اندر جي پيڙا!
(ڍاڪا بنگلاديش، فسيبڪ تي رکيل/
کنيل پوسٽ، پهرين فيبروري ٻه هزار چوويھ)
No comments:
راءِ ڏيندا