; سنڌي شخصيتون: زڪيه شاهنواز ٽالپر

24 December, 2023

زڪيه شاهنواز ٽالپر

زڪيه شاهنواز ٽالپر

سنڌي ٻولي، سنڌ جي استادن ۽ سنڌ جي تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار

احسان علي لغاري



سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي اهڙن املهه ماڻڪن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي جدوجهد ۽ ڪردار سان نه صرف پاڻ کي سٺي مقام تي پهچايو آهي، پر ديس جو نانءُ به روشن ڪيو آهي، ديس جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. اهڙن ماڻهن جو اسان جي تاريخ تي وڏو اثر آهي، انهن جو ڪردار اسان جي نوجوان نسل لاءِ سدائين اتساهه ڀريو رهيو آهي. اهڙن ماڻهن جي فهرست ۾ کيبر ڄائي اسان جي مانَواري پروفيسر زڪيه شاهنواز ٽالپر به هڪ آهي. زڪيه شاهنواز ٽالپر ۱۹۷۷ع تي ڳوٺ کيبر، ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول کيبر، مڊل گورنمينٽ گرلز ٽريننگ ڪاليج تلڪ چاڙهي حيدرآباد، ھاءِ اسڪول پائليٽ ھاءِ اسڪول جي او آر ڪالوني حيدرآباد، انٽر گورنمينٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد، گريجوئيش گورنمينٽ گرلز زبيده ڪاليج حيدرآباد، ايم. اي پوليٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، ايم. اي سنڌي لٽريچر سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، بي ايڊ آف ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي، پي ٽي سي، سي ٽي جي تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوه هن ڪيترن ئي وڏن ايجوڪيشنل ادارن مان ٽريننگ ڪورس جھڙوڪ بيورو آف ڪرڪيولم سنڌ ڄامشورو، پائيٽ نوابشاھ، برٽش ڪائونسل ڪراچي، آغا خان يونيورسٽي ڪراچي پڻ ڪيا.


زڪيه شاهنواز ٽالپر پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ۱۹۹۵ کان زيني ميموريل اڪيڊمي قاسم آباد ۾ بطور استاد ڪئي. ان کانپوءِ ۲۰۰۲ کان عقيل برائيٽ ڪڊس اڪيڊمي قاسم آباد، گلوبل پبلڪ اسڪول قاسم آباد ۾ پرنسپال جا فرائض انجام ڏنا. هن اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران مختلف شاگرد سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۾ بهرو ورتو ۽ نوجوان نسل جي تعليم لاءِ عملي طور قدم وڌايو. کيس تعليم کي فروغ ڏيڻ ۽ عملي طور جدوجهد ڪندي ڪيترن ئي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪيترن ئي ثقافتي ۽ عملي ادبي ڪمن ۾ شارٽ ڪٽ تي ڀاڙيندڙ ماڻهن طرفان حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ جي اڏول نياڻي پنهنجا قدم پوئتي هٽائڻ بدران سدائين اڳتي ئي وڌايا. ان بعد مٽياري ضلعي ۾ پي ايس ٽي طور اپائينٽمينٽ ٿي ۽ نوڪري دوران اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان ۲۰۱۰ ۾ بيسٽ ٽيچر ايوارڊ سان نوازيو ويو. ان دوران پي ٽي الف ۾ متحرڪ رھي ۽ آبي ئي اي استادن کي ريگيليرائيشن جي جدوجهد ۾ سڄي سنڌ جي استادن سان گڏ تحريڪ جو حصو بڻجي استادن کي ريگولر ڪرايو، اسڪول ايجوڪيشن ۾ ٽائيم اسڪيل تحريڪ ۾ شامل رھي. ۲۰۱۱ ۾ وري سنڌ يونيورسٽيءَ جو ٽيسٽ ڏئي جي ايس ٽي اپائينٽمينٽ ٿي. ان بعد پوليٽيڪل سائنس سبجيڪٽ ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿي، ۽ شاديءَ بعد ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪيائين.

ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ هن سنڌ جي غريب طبقي کي ڪراچي ۾ مضبوط ڪرڻ، شاگرد طبقي جي مدد سان گڏ ڪراچي ۾ سنڌي استادن سان ٿيندڙ غير اخلاقي رويي خلاف آواز اٿاريو. هن استادن جي تنظيم سپلا جي پليٽ فارم تان ڪراچي جي ڪاليجن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ، سنڌي استادن کي هراسان ڪرڻ سميت ٻين استادن سان جيڪي درپيش مسئلا هئا، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد شروع ڪئي.

هن استادن جي همدرد ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ ڪراچي جي سڀني ئي ضلعن جي ڪاليجن جا دورا ڪيا، اُتي استادن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ متحد ڪيو، اهڙيءَ ريت سڀني عملدارن کان ويندي تعليم کاتي جي عملدارن سان ڳالهايو. ۲۰۱۹ ۾ ڪاليجي استادن جي ٽائيم اسڪيل جي حاصل ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب ڪراچي تي ڌرڻو هنيو ۽ ان ۾ گرفتار ٿي ۽ ايف آئي آر کي به منهن ڏنو

پروفيسر زڪيه شاهنواز ٽالپر جي ڪوششن سان ڪيترن ئي اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽ ٻيهر شروع ٿيو.

پروفيسر زڪيه شاهنواز ٽالپر عملي طور ڪم ڪندي ڏٺو ته ڪراچي جي جن ڪاليجن ۾ سنڌي پرنسپال هئا، اُنهن کي هيسايو پئي ويو، انهن کي پنهنجي سيٽ تي ويهندي به خوف ٿيندو هو. هن اهڙن پرنسپالز جي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺي ۽ اُنهن کي محسوس ڪرايو ته اوهان اڪيلا نه آهيو. سنڌي ماڻهو جيڪي ڪراچيءَ ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا، انهن کي ڪجهه سياسي تنظيمن ۽ ماڻهن طرفان مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پئي ويو، استادن جي سڀني مسئلن تي پنهنجو چٽو موقف ڏيندي آهي ۽ ھميشہ استادن سان ٿيندڙ ڪنهن به زيادتي تي خاموش نه رھندي آهي. جي لاءِ هن ڪيترائي احتجاجي مظاهرا

پريس ڪلب آڏو پريس ڪانفرسون ڪيون ۽ عملي جدوجهد ذريعي استادن جي حقن لاءِ نه صرف آواز اٿاريو، پر انهن کي پنهنجا حق به ڏياريا.

پروفيسر زڪيه شاهنواز ٽالپر کي ننڍپڻ کان ئي علم ۽ ادب سان چاهه رهيو آهي. سندس ڪيترائي مضمون ۽ شعر مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس نثر ۽ شاعريءَ جو ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. ادبي چاهه سبب هن ليڪچرر هئڻ باوجود سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ هن وقت وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ايم. فل ڪري رهي آهي.

اسان کي ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ اهڙن عورت ڪردارن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي طبقي جي مدد لاءِ عملي طور ميدان ۾ اچي انهن جو سهارو بڻجن. انهن جو ڏڍ بڻجن ته جيئن سنڌ جا ماڻهو پنهنجي حق، تعليم حاصل ڪري سگهن، ۽ پنهنجا حق وٺي سگهن.

ڪراچي پاڪستان جو اهڙو شهر آهي، جتي سڄي دنيا جا ماڻهو رهن ٿا، ۽ انهن کي تحفظ ملي ٿو، پر سنڌي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته زڪيه ٽالپر جهڙن ڪردارن کي سامهون اچڻ جي ضرورت آهي، جيڪي غريبن جو آواز بڻجن.

پروفيسر زڪيه ٽالپر سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌين جي حقن لاءِ عملي طور هڪ تحريڪ جو نالو آهي، جنهن ۾ جدوجهد ڪندي ڪيتريون ئي سختيون به برداشت ڪيون اٿس پر پوئتي پير نه ڪيا اٿس، مونکي تمام گهڻو فخر آهي، جو منهنجي ساڻس ويهن سالن کان شناسي آهي، ۽ سندس جدوجهد جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. مونکي ياد آهي ته جڏهن بي ايڊ دوران سنڌ يونيورسٽي اوچتو فيس ۾ واڌ ڪئي ته پروفيسر زڪيه ٽالپر ئي اهو واحد ڪردار هو، جنهن سڄي آف ڪئمپس جي شاگردن کي جاڳايو ۽ هڪ ڀرپور احتجاج ڪرايو، جنهن جي صورت ۾ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه کي پنهنجو ڪيل فيصلو واپس وٺڻو پيو. اهڙيءَ ريت ساڻس زندگيءَ جون ڪيتريون ئي يادون آهن، جيڪي ساڻس تي سدائين فخر محسوس ڪرائين ٿيون. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، آئون دل جي گهراين سان کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

 

(ڏھاڙي اخبارن ۾ ۲۷ نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا