; سنڌي شخصيتون: محمد سليمان خاصخيلي

24 December, 2023

محمد سليمان خاصخيلي

محمد سليمان خاصخيلي

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شاخ ٽنڊوباگو جي اڳوڻي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي ياد ۾ تاثر......

تحرير: پروفيسر خالد حسين چنا



محمد سليمان خاصخيلي ڳوٺ محمد جمن خاصخيلي ديھ ڦوسڻا تعلقه تلھار ضلع بدين ۾ چاچي محمد دائم خاصخيلي جي گهر ۲۰ مئي ۱۹۶۷ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو ادبي تخلص “بيتاب” هو. اسان هن کي واقعي بيتاب ڏٺو. محبت ۾، مهمانن جي خدمت ڪرڻ ۾، سماجي ڪمن ڪرڻ لاءِ، ڪنهن جي ڪم اچڻ لاءِ محمد سليمان خاصخيلي بيتاب نظر ايندو هو. هن سڄي عمرجدوجهد ۽ خدمت ڪئي. ڏک ۽ تڪليفون حاصل ڪيون پر پنهنجي سادي مرڪ کي آخر تائين ميرو ٿيڻ نه ڏنو.


مرڻ کان ڊڄي، زندگي ٿا گهرو

ٻرڻ کان ڀڄي، روشني ٿا گهرو

بنا ڪاوشن جي ڪرشمو ٿئي ڇو؟

ڏکن کان لڪي پوءِ خوشي ٿا گهرو.

محمد سليمان خاصخيلي مير غلام محمد خان ٽالپر ھاء اسڪول ٽنڊوباگو مان ميٽرڪ جو ۱۹۸۳ع ۾ امتحان ڏنو ۽ ۱۹۸۵ع ۾ پاڪستان ڪاليج سعيدپور مان ٻارهين جماعت پاس ڪئي. هن گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۸۸ع ۾ ڪئي. ماسٽرس ايم ايس سي پاڪستان اسٽيڊي ۲۰۱۳ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان حاصل ڪئي. نه صرف اهو پر هن مختلف تعليمي سندون جيئن سرٽيفڪيٽ ان ٽيچنگ (سي ٽي)، بيچلر ايجوڪيشن (بي ايڊ) ۽ ماسٽرس ان ايجوڪيشن(ايم ايڊ) پڻ حاصل ڪيون.

محمد سليمان خاصخيلي مڊل اسڪول پروجيڪٽ سنڌ طرفان بھترين ٽرينر جو مڃتا ايوارڊ حاصل ڪيو ۽ يو اين ڊي پي طرفان اليڪشن جي ٽريننگ طور بهترين ٽرينر رهيو. هن نوڪري جي شروعات ۱۹۹۲ع ۾ بطور جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر ڳوٺ سالار هاليپوٽو مان ڪئي. پوءِ ترقي وٺي هاءِ اسڪول عثمان راهمون ۾ بطور هاءِ اسڪول ٽيچر پڙهائڻ شروع ڪيو. هو سپروائيزر به رهيو ته تعلقه ايجوڪيشن آفيسر تلهار به رهيو.

هن مختلف علمي پروگرام منقعد ڪرايا، استادن کي ٽريننگون ڏنيون ۽ ايمانداري سان سڄي عمر ڊيوٽي ڪئي. هو سگا شاخ ٽنڊوباگو جو باني ميمبر هو. هن پنهنجي تر ۾ ڪيترائي سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيا. هو سگا شاخ ٽنڊو باگو جو ٽي ڀيرا صدر، ٽي ڀيرا جنرل سيڪريٽري رھو ۽ وفات وقت فنانس سيڪريٽري جي عھدي تي ھو. هن غريب شاگردن کي وقتن بوقتن اسڪولي ڊريسون، شوز، ڪتاب ڏيارڻ، پوليو مھم دوران ڳوٺن ۾ معصوم ٻارڙن کي پوليو پيارڻ ۾دل کولي حصو وٺندو هو. سگا جي سمورن مرڪزي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ، ادبي پروگرام منعقد ڪرائڻ، ڪلچرل پروگرامن ۾ حصووٺڻ جهڙن سماجي ڪمن ۾ شامل ٿيندو هو.

هو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوباگو شاخ جو باني ميمبر هو. هن ٽنڊوباگو ۾ مختلف علمي ادبي پروگرام ۽ مشاعرا پڻ ڪرايا. هو علائقي جي سڀني علمي ادبي سماجي ساٿين سان گڏ هوندو هو.

محمد سليمان خاصخيلي پريس ڪلب ٽنڊوباگو جو باني ميمبر هو. هو پريس ڪلب ۾ مختلف عھدن جهڙوڪر صدر ‚ جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين عھدن تي رھيو.هن جو صحافت سان واسطو رهيو. هو عوامي آواز حيدرآباد جو ۱۹۸۶ع کان وٺي ۲۰۰۷ع تائين لڳاتار تعلقه ٽنڊوباگو جو رپورٽر پڻ رهيو. محمد سليمان سان ۽ اشفاق احمد ميمڻ سان سگا جي ڪم ڪارن ڪري فون تي اڪثر رابطو رهندو هو. هو نهايت محبت وارو ۽ ادب واروهوندو هو. اسان ڪيترائي ڀيرا ڏنڊوباگو هن وٽ ويا سين. هڪ ڀيري اسان هن جي پٽ جي ڪاڄ ۾ وقت تي شريڪ نه ٿي سگهيا سي. پوءِ سائين نور محمد سيال ۽ سائين پيرل خان کوسو سان گڏجي ويا سين ته هن کان ڄڻ سڀ شڪايتون ۽ غم وسري ويا هجن. اسان به ٻاهون ٻڌيون ۽ هن به ٻاهون ٻڌيون . پوءِ ڀاڪرين پئجي ويا سون. هن اسان کي آڌرڀاءُ طور اجرڪ اوڍايا ۽ جام خدمت ڪئي. سگا جي مرڪزي اليڪشن دوران پڻ ٽنڊوباگو سنگت سان گڏ وڃڻ ٿيندو هو. محمد سليمان خاصخيلي هميشه جيان مرڪي موٽ ڏيندو هو. هڪ دفعي سگا ٽنڊوباگو طرفان سائين سليمان راهوڪڙو جي ڪتاب جي مهورت ۾ وڃڻ ٿيو. پروگرام بهترين هو. ايوب کوسي کان وٺي سڀ اديب شاعر موجود هئا. ٿري مير واه کان سائين عبداللطيف راڄپر پڻ آيل هو. سگا جي دوستن اشفاق احمد ميمڻ، منور تبسم ۽ ٻين دوستن سان يادگار ڪچهري پڻ ٿي. هميشه وانگر سانجهاندي دوران محمد سليمان خاصخيلي اسان جي خدمت ۾ پيش پيش هو.

ويا سي وينجهار، هيرو لال ونڌين جي

تِنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار

ڪُٽين ڪٽ لُهار، هاڻي انهين ڀيئيين

محمد سليمان خاصخيلي ڪجهه وقت بيمار رهندو هو. ميڊيڪل رپورٽن مان هن کي جيري جي ڪينسرجو مرض ظاهر ٿيو. هو بيماري دوران پڻ سنگت ساٿ سان ملندو رهندو هو ۽ سماجي ڪم ڪار پڻ ڪندو رهندو هو. بيمار هجڻ باوجود سنگت سان ملڻ ۾ منهن تي هميشه وانگر مرڪ هوندي هيس. هو اسري اسپتال حيدرآباد ۾ داخل هو ۽ بيماري سان آخر تائين جنگ وڙهندو رهيو. پر محمد سليمان خاصخيلي ۲۳ مارچ ۲۰۲۲ تي اسان سڀني کان ھميشه لاءِ وڇڙي مالڪ حقيقي جي حضور وڃي پهتو. هن کي ڳوٺ جمن خاصخيلي ۾ شاھ ٻڍو اولياءِ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي

وڃي ڀونءَ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين

محمد سليمان خاصخيلي کي چار نياڻيون ۽ چار پٽ مجيب الرحمن، نجيب الرحمن، منيب الرحمن ۽ سيف الرحمن آهن، جيڪي پڻ تعليم سان لاڳاپيل آهن ۽ پڙهي رهيا آهن. رب پاڪ پنهنجي محبوب جي صدقي محمد سليمان خاصخيلي جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس عطا ڪري! آمين.

 

(پروفائيل نمبر ۱۵۵، ۲۴ نومبر ۲۰۲۳، فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا