; سنڌي شخصيتون: محمد سليمان خاصخيلي، پروفيسر خالد حسين چنا، سگا،
Showing posts with label محمد سليمان خاصخيلي، پروفيسر خالد حسين چنا، سگا،. Show all posts
Showing posts with label محمد سليمان خاصخيلي، پروفيسر خالد حسين چنا، سگا،. Show all posts

24 December, 2023

محمد سليمان خاصخيلي

محمد سليمان خاصخيلي

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شاخ ٽنڊوباگو جي اڳوڻي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي ياد ۾ تاثر......

تحرير: پروفيسر خالد حسين چنا



محمد سليمان خاصخيلي ڳوٺ محمد جمن خاصخيلي ديھ ڦوسڻا تعلقه تلھار ضلع بدين ۾ چاچي محمد دائم خاصخيلي جي گهر ۲۰ مئي ۱۹۶۷ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو ادبي تخلص “بيتاب” هو. اسان هن کي واقعي بيتاب ڏٺو. محبت ۾، مهمانن جي خدمت ڪرڻ ۾، سماجي ڪمن ڪرڻ لاءِ، ڪنهن جي ڪم اچڻ لاءِ محمد سليمان خاصخيلي بيتاب نظر ايندو هو. هن سڄي عمرجدوجهد ۽ خدمت ڪئي. ڏک ۽ تڪليفون حاصل ڪيون پر پنهنجي سادي مرڪ کي آخر تائين ميرو ٿيڻ نه ڏنو.