پروفيسر مظهر علي قريشي
مرد مڻيادار
ڊاڪٽر علي اڪبر
اسير قريشي
زماني جي هر دؤر ۾ اهڙا ماڻهو
بہ ٿي گذريا آهن، جي پنهنجي عيش عشرت واري زندگيءَ کان بلڪل ڪوهين ڏور. اهڙن
انسانن سماج ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. اهڙيءَ طرح ڏکين مرحلن مان گذري پاڻ پتوڙيندا
رهيا ۽ ڪي پاڻ پتوڙيندا ۽ نور نچوئيندا رهن ٿا ۽ ان تي ثابت قدم بہ رهڻ کي پنهنجو
حقيقي سڀاءُ ۽ شيوو سمجهن ٿا. سُکي ستابي زندگي گذارڻ سان کين ٽَڪَي جو بہ لڳاءُ ڪونہ.
هروقت پنهنجيءَ ڌُنَ ۾ مسرور ۽ مست مگن. ان کي پنهنجي شاهاڻي زندگي سمجهندي ڪوبہ
عارُ محسوس نہ ٿا ڪن. اهڙا کوڙ سارا ماڻهو خاموشي واري زندگيءَ ۾ مشغول ۽ مصروف.
نہ ڪنھن کي “ڏي نہ ڏکاءِ” واري اصطلاح تي ڪاربند ۽ اٽل. اهڙا ماڻهو سامين ۽
سنياسين جو روپ ڌاري اڪيلائيءَ کي ئي روح جي راحت ۽ سُڪون ڄاڻن ٿا. اهڙيءَ قطار ۾
پروفيسر مظهر علي قريشيءَ جو بہ نانءُ وٺي سگهجي ٿو.
مظهر عليءَ جو جنم ۲۴ فيبروري ۱۹۴۰ع موجب ۱۳۵۹ھ تي ڳوٺ جوڻاڻي شريف ۾ ٿيو. سندس والد بزرگوار جو نالو ميان عبد الواحد
ذات جو قريشي صديقي هو. جيڪو پاڻ بہ هڪ فقير صفت انسان ۽ سادگي پسند شخص هو پر
پنهنجي پُٽَ مظهر عليءَ کي پڙهايائين. مظهر علي ننڍپڻ ۾ ناظره قرآن پنهنجي پُڦيءَ
مسماة شرم خاتون زوجہ ميان قاضي شاھ محمد وٽ پڙهيو. پارسيءَ جي ڪجھ تعليم ميان
قاضي شاھ محمد وٽ پڙهيائين. ميان قاضي شاھ محمد حافظِ قرآن پڻ هيو. ميان قاضي ڪشف ڪرامت
جو بہ مالڪ هيو. انگريزن کيس قاضيءَ جي لقب سان نوازيو، جنهن ڪري اڄ بہ ميان
قاضيءَ جي نالي سان مشهور و معروف آهي. اهو لقب سندس نالي شاھ محمد تي اڄ بہ حاوي
۽ غالب آهي. ميان قاضي سال ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي
۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو.
مظهر علي سنڌي تعليم مُلان مڪتب
اسڪول جوڻاڻي شريف ۾ پهرئين درجي کان ويندي ڇهين درجي تائين حاصل ڪيائين.
پرائمريءَ ۾ سندس استاد عبد القادر شائق هيو، جيڪو هڪ سٺو شاعر پڻ هيو. سنڌي
فائينل جو امتحان (ستون درجو ورنيڪيولر) اسڪول بڪيجا تعلقو وارھ مان حاصل ڪيائين. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ وارھ اسڪول ۽ بعد ۾ هاءِ اسڪول نصير آباد مان پاس ڪيائين. ڇو تہ
ان وقت وارھ ۾ مڊل اسڪول ڪم ڪري رهيو هيو. HSC يعني انٽر جو امتحان پرائيويٽ طور ۱۹۶۵ع، BA (بي اي) ۱۹۶۷ع ۽ ايم اي سنڌي ۱۹۶۹ع ۾ ان
کان علاوه وري ايم اي IR(آءِ آر) ۱۹۷۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. اديب فاضل جو امتحان ۱۹۶۶ع ۾ ۽ JV جو امتحان ۶ جون ۱۹۶۶ع ۾ ۽ B.Ed جو امتحان ۱۹۷۰ع ۾
پاس ڪيائين.
سال ۱۹۶۳ع ۾ ڪلارڪ طور ايريگيشن کاتي سکر ۾ ڀرتي ٿيو. ۱ جنوري ۱۹۶۴ع تي کيس پرائمري استاد جي
حيثيت سان تعليم کاتي ۾ پير پائڻ سان ايريگيشن کاتي کي الوداع ڪري پرائمري اسڪول
حمل ڳوٺ ۾ پنهنجا فرائض سنڀاليائين. بعد ۾ پرائمري اردو اسڪول وارھ ۽ پرائمري
(مين) سنڌي اسڪول وارھ ۾ ڪجھ وقت پڙهايائين.ان کان پوءِ ۱۹۷۳ع ۾ گورنمينٽ جامعہ مليہ ڪاليج ملير ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو،جنهن
کان پوءِ مختلف ڪاليجن شڪارپور، خيرپور ناٿن شاھ، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو بعد ۾ نصير
آباد ڪاليج ۾ بدلي ٿي آيو. جتان پرنسيپال جي عهدي تان ۲۳ فيبروري ۲۰۰۰ع تي ملازمت جي حد پوري ڪري
پينشن تي لٿو.
علم و ادب سان کيس ڪافي لڳاءُ
هيو ۽ هن وقت بہ علم و ادب جي خدمت ڪندو رهي ٿو. شاھ لطيف جي ڪلام تي تحقيق ڪري هڪ
ڪتاب تيار ڪيائين جنهن جو نالو آهي “شاھ جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا” جيڪو اڄ تائين ڇپائيءَ
جي مرحلي مان نہ گذريو آهي. جنهن جون ڪجھ قسطون ماهوار پيغام رسالي ڪراچيءَ ۾ ڇپيون.
ان کان علاوه هڪ لغات “مظهر لغات” جي نالي سان جوڙيائين، سا بہ اڃا تائين نہ ڇپي
آهي. انهن ڪتابن کان علاوه سندس مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ : ڊان،
هلال پاڪستان وغيره ۽ ماهوار نئين زندگي حيدرآباد، ماهوار پيغام ڪراچي، ماهوار وينجھار
وغيره ۾ ڇپبا رهيا آهن. سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا اڻ ڇپيل موجود ۽ محفوظ آهن. ان
وچ ۾ انٽر، بي اي ۽ ايم اي جي ڪورس جون گائيڊون سنڌي ۽ اردوءَ ۾ پڻ لکيائين.
الله پاڪ وڏو ڪريم ۽ مهربان آهي ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو
ٻاجهارو ۽ راحمين نہ آهي. مالڪ مٿس مهر ڪري ۲۰۰۱ع ۽ ۲۰۰۶ع ۾ ٻہ ڀيرا عُمري جي سعادت سان
نوازيس. اهڙيءَ طرح ۲۰۰۴ع ۾ حج
جي بہ سعادت حاصل ڪيائين. هن وقت ۸۵ سالن
جي عُمر کي پهچڻ وارو آهي. الله تعاليٰ در دعا آهي تہ کيس مالڪ صحت ۽ تندرستي ۽
کيس وڏي ڄمار عطا ڪري تہ جيئن سنڌي علم و ادب ۾ رنڊا روڙيندو رهي. آمين..
پروفيسر مظهر علي قريشيءَ جو
شمار لطيفيات، لسانيات، لغات ۽ لوڪ ادب جي پارکو طور ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي
برک عالمن ۽ ماهرن ۾ سندس نالو شامل ڪري سگهجي ٿو. مٿين موضوعن تي هن وقت بہ مَلڪو
۽ مهارت رکي ٿو. سندس مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن جي زينت بڻيا آهن سي ئي سندس
گواهي لاءِ ڪافي آهن. هن وقت ضعيف العمر هوندي بہ مٿين مضمونن ۽ موضوعن سان
نباهيندو اچي ٿو. هيءُ خاموش اديب شاھ جو پارکو ۽ لغات جو ڄاڻو خاموشيءَ سان قلم
جي ڪؤنتل کي ڪڏائيندو رهي ٿو. اڄ تائين ماهوار رسالي نئين زندگيءَ کان سواءِ کيس ڪو
بہ ايوارڊ نہ مليو آهي. مٿين موضوعن کان علاوه تنقيدي ادب ۾ بہ نمايان حيثيت رکي ٿو.
گهر ۾ هڪ ننڍڙي لئبريري قائم ڪيائين جنهن ۾ اڄ بہ چڱا خاصا ڪتاب موجود آهن. سندس
لئبريريءَ مان مون (راقم) کانئس لڪي لڪي ڪتاب کڻي پڙهندو هوس، جنھن مان مون کي سٺو
لاڀ حاصل ٿيو. هيءُ منهنجو سڳو مامو ٿئي. پاڻ ۾ ٻہ ڀائر آهن. سندس ننڍو ڀاءُ نالي
خان محمد نہ پڙهي سگهيو ۽ پنهنجي اباڻي ڪرت کي لڳي ويو. يعني ٻني ٻارو ڪرڻ لڳو.
مظهر علي قريشي پڙهڻ کان پوءِ درزڪو ڪم استاد مانجھي لاشاريءَ کان سکيو. ڪجھ مهينا
سرائي خدا بخش کهاوڙ جي سبزي پِڙيءَ تي ساڻس گڏ ڪم ڪيائين. واندڪائيءَ جي وقت
پنهنجي والد صاحب سان هارپ جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو هيو. وقت ۾ مزدوري بہ ڪندو هو
۽ کٽون بہ واڻيندو هو. مون کي بہ ان وقت کٽ واڻڻ سيکاريائين جڏهن آئون اٺون درجو پڙهندو
هوس. هن وقت بہ اسان جي مٿان سندس شفقت جو هٿ ۽ سايو آهي. سائين مظهر علي ڪجھ وقت
حيدرآباد قاسم آباد جي ڀٽائي ٽائون ۾ مسواڙي گهر ۾ رهائش اختيار ڪئي.مون پي ايڇ ڊي
جي تعليم حاصل ڪرڻ مھل يعني ۲۰۰۰ ع ۾
مامي سان گڏ رهندو هوس. پي ايڇ ڊي ڪرڻ وقت تمام گهڻو همٿايائين ۽ وقت سر صلاحون بہ
پئَي ڏنائين. هردم ايئن پئي چيائين تہ دل شڪن ڪڏهن بہ نہ ٿجانءِ. هيءُ ڪم اٺڪاٺيو
۽ رت گهرندڙ آهي. هڪ دفعي مون کي ڪتابن جو مطالعو ڪندي رات جا اچي ٽي ٿيا تڏهن بہ
مون مطالعو جاري رکيو. اونهاري جا ڏينهن هجن مهينو ياد ناهي. سائين مظهر علي نماز
جو پابند، رات جو اٿيو تہ مون وٽ آيو ۽ مون کي ڪم ۾ مصروف ڏسي چيائين تہ ڪم بند ڪر.
ڇو تہ صبح جو وري اٿي نہ سگهندين ۽ اوجاڳي هوندي ٻيو ڪم بہ نہ ڪري سگهندين. تنهن ڪري
مون سندس چوڻ مڃي ڪم بند ڪيو ۽ ان ئي ڪمري ۾ اهلجي پيس.صبح جو ڇهين وڳي ڌاري سجاڳي
ٿي. تيار ٿي ناشتو ڪري سنڌالاجي لئبريري هليو ويُس. ڇو تہ ڪجھ ڪتابن جا نوٽس وٺڻا
هيا. شام جو اچي سائين مظهر عليءَ (سندم مامو) کي ڏيکاريم، تسلي ڏنائين. مون کي
شوق هيو سو ننڊ ڇا جي. رڳي اونو تہ ڪم کي وقت سر اڪلائي وٺان. ان وچ ۾ ڊاڪٽر محمد
اسماعيل شيخ سان ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو صاحب جي معرفت پيوند پيو. ڊاڪٽر صاحب نسيم
ننگر ۾ رهندو هو، آئون وري ڀٽائي ٽائون. ڀٽائي ٽائون مان بس تي نسيم ننگر وڃڻو
پوندو هو سو ڊاڪٽر صاحب سان ڪم جي باري ۾ صلاح مصلحت ڪرڻي پوندي هئي. ڊاڪٽر شيخ
صاحب بہ مون کي گهڻو ئي همٿايو ۽ نيڪ صلاحون بہ پئي ڏنائين. هر هر ايئن پئي چيائين
تہ دل شڪستو ڪڏهن بہ نہ ٿجانءِ ڏکيا ڏينهن ٿورا ھوندا آھن. منهنجي لاءِ ٻيئي ڄڻا
پارس ثابت ٿيا. پي ايڇ ڊيءَ جي ڪم دوران ڪيترن ئي ڏکين مرحلن مان گذرڻو پيو پوي،
اهڙيون ڳالهيون هت نہ ٿو ورجائي سگهان ڪنهن ٻيءَ مهل اهي ڳالهيون لکندس. ڊاڪٽر
محمد اسماعيل شيخ ڪجھ سال ٿيندا جو الله پاڪ کي پيارو ٿي ويو آهي. الله پاڪ مٿس لک
لک رحمتون موڪلي آمين. باقي سائين مظهر علي حال حيات آهي ۽ اڄ بہ اسان سان ڀال ڀَلائيندو
ٿو اچي. الله عزوجل کيس وڏي ڄمار عطا ڪري تہ جيئن اسان مٿان سندس شفقت جو هٿ رهي.
پروفيسر مظهر علي قريشيءَ کي
شاھ لطيف سان تہ گهڻو ئي انس ۽ عقيدت آهي جو سندس ڪلام تي تحقيق ڪري هڪ ڪتاب تيار ڪيائين.
اڄ بہ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌ ويجھ لاءِ بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي محنت ۽ مشقت ڪندو
رهي ٿو. اميد تہ سنڌي ادب جي ميدان ۾ لغات، لسانيات ۽ لوڪ ادب تي معياري ڪم ڪندو
رهي. آمين.
۱۵-۱۱-۲۰۲۳ع/۳۰ ربيع الثاني ۱۴۴۵ھ
(ڏھاڙي عدالت ۽ خبردار نيوز ٽائيم لاڙڪاڻو ۾ ۱۱ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا