; سنڌي شخصيتون: پروفيسر مظهر علي قريشي، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي،
Showing posts with label پروفيسر مظهر علي قريشي، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر مظهر علي قريشي، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي،. Show all posts

22 December, 2023

پروفيسر مظهر علي قريشي

پروفيسر مظهر علي قريشي

مرد مڻيادار

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي



زماني جي هر دؤر ۾ اهڙا ماڻهو بہ ٿي گذريا آهن، جي پنهنجي عيش عشرت واري زندگيءَ کان بلڪل ڪوهين ڏور. اهڙن انسانن سماج ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. اهڙيءَ طرح ڏکين مرحلن مان گذري پاڻ پتوڙيندا رهيا ۽ ڪي پاڻ پتوڙيندا ۽ نور نچوئيندا رهن ٿا ۽ ان تي ثابت قدم بہ رهڻ کي پنهنجو حقيقي سڀاءُ ۽ شيوو سمجهن ٿا. سُکي ستابي زندگي گذارڻ سان کين ٽَڪَي جو بہ لڳاءُ ڪونہ. هروقت پنهنجيءَ ڌُنَ ۾ مسرور ۽ مست مگن. ان کي پنهنجي شاهاڻي زندگي سمجهندي ڪوبہ عارُ محسوس نہ ٿا ڪن. اهڙا کوڙ سارا ماڻهو خاموشي واري زندگيءَ ۾ مشغول ۽ مصروف. نہ ڪنھن کي “ڏي نہ ڏکاءِ” واري اصطلاح تي ڪاربند ۽ اٽل. اهڙا ماڻهو سامين ۽ سنياسين جو روپ ڌاري اڪيلائيءَ کي ئي روح جي راحت ۽ سُڪون ڄاڻن ٿا. اهڙيءَ قطار ۾ پروفيسر مظهر علي قريشيءَ جو بہ نانءُ وٺي سگهجي ٿو.