; سنڌي شخصيتون: پروفيسر محمد يوسف شيخ

24 December, 2023

پروفيسر محمد يوسف شيخ

پروفيسر محمد يوسف شيخ

(۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع، ٻي ورسي جي موقعي تي تاثراتي نوٽ)

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سنڌ جو مايه ناز فرزند، تعليمي ماهر، بهترين منتظم، منهنجو اڌ صدي کان به پراڻو دوست محترم ڪيپٽن محمد يوسف شيخ اڄوڪي ڏهاڙي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪيپٽن محمد يوسف شيخ آرمي پبلڪ اسڪول ڇوڙ، پبلڪ اسڪول سکر، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو باني۽ پرنسپال، حيدرآباد پبلڪ اسڪول، گڏاپ پبلڪ اسڪول ۽ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج نوابشاه جو پرنسپال رهي چڪو هو. مرڪزي حڪومت ۾ نگران وزير تعليم به رهيو. هو علم وادب ۾ دلچسپي وٺندو هو. شاگردي جي زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيرت ڪميٽي جو روح روان هو. سندس ڪيئي ترجما ڇپيل آهن. انهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي دوران شاگردن جا مخزن، شاھ لطيف تي مقالا. سندس سيد مودودي رح جي سيرت جي ڪتاب "سيرت سرور عالمﷺ" جو سنڌي ۾ ترجمو پڻ شامل آهي. هو حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار "بيداري" جي مجلس ادارت ۾ پڻ شامل هو. ۱۹۷۰ع ۾ روزاني، الوحيد، جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو.


هو گذريل سال ۱۰ نومبر ۲۰۲۰ع کان PNS Shifa ۾ ڪورونا جي ڪري داخل هو، هڪ هفتي کان وينٽيليٽر تي هو. اڄوڪي ڏينهن هن مرض سان جهيڙيندي پنهنجو ساه ڌڻي در حوالي ڪيو.

ساڻس منھنجي شناسائي ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي. ھو پروفيسر جليل صاحب جو پيارو شاگرد ھو، پوءِ الوحيد پريس ۾ ڪچهريون ۽ سکر پبلڪ اسڪول جي دوران جڏهن مان سوئي کان ايندو ھوس. ھن سان گھرائپ اڃا وڌي جڏهن منھنجو وڏو فرزند معظم علي جنيد ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙھڻ ويو.

مرحوم ماڻھن کي سخت مزاج لڳندو ھو پر ھو ھڪ اعليٰ منتظم ھو. ھڪ ڀيري ۲۰۰۱ع ۾ مان جڏهن لاڙڪاڻي ڪيڊٽ ڪاليج ملڻ ويس ته زوري پنهنجي رھائش گاھ تي لنچ لاء وٺي ويو،ان دوران ڪراچي کان بحريه ڪاليج جي ھڪ ٽيم ساڻس ملڻ آئي. کانئس سنڌ جي ڪنھن شھر ۾ ڪاليج کولڻ جي باري ۾ مشورو وٺڻ آيا، ان دوران مرحوم يوسف کين چيو ته بلڊنگ به توهان ٺاھي ويندا

استاد به چڱيرڙا ملي ويندا، پر پرنسپال جو چرياڻ ھجڻ لازمي آهي، ورنه انتظامي معاملا ھلائڻ ڏکيو ڪم آهي. سچ پچ ته سائين ڏاھپ جي ڳالھ ڪئي ھئي.

سندس لاڙڪاڻي ڪيڊٽ ڪاليج ڪاليج کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ پرنسپال جي حيثيت ۾ ھڪ اعيٰ تعليمي مرڪز بڻايو. مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ ھو ته اتر سنڌ ۾ ٻه تعليمي ادارا سنڌ جا معياري ادارا آهن. ھڪ آئي بي اي سکر مرحوم نثار صديقي جو ۽ ٻيو لاڙڪاڻي جو ڪيڊٽ ڪاليج ڪيپٽن محمد يوسف شيخ جو.

ھو انگريزي، سنڌي توڙي اردو جي ادب جو گھڻ پڙھيو شخص ھو. رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي کيس جنت الفردوس عطا فرمائي آمين.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقل ۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)


 

ڪيپٽن محمد يوسف شيخ

(اڄ ۳ ڊسمبر مرحوم پروفيسر محمد يوسف شيخ جي ٽين ورسي آهي ان موقعي تي ڀيٽا)

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

سنڌ جو مايه ناز فرزند، تعليمي ماهر، بهترين منتظم، منهنجو اڌ صدي کان به پراڻو دوست محترم ڪيپٽن محمد يوسف شيخ اڄوڪي ڏهاڙي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪيپٽن محمد يوسف شيخ آرمي پبلڪ اسڪول ڇوڙ، پبلڪ اسڪول سکر، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو باني۽ پرنسپال، حيدرآباد پبلڪ اسڪول، گڏاپ پبلڪ اسڪول ۽ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج نوابشاه جو پرنسپال رهي چڪو هو. مرڪزي حڪومت ۾ نگران وزير تعليم به رهيو. هو علم وادب ۾ دلچسپي وٺندو هو. شاگردي جي زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيرت ڪميٽي جو روح روان هو. سندس ڪيئي ترجما ڇپيل آهن. انهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي دوران شاگردن جا مخزن، شاھ لطيف تي مقالا. سندس سيد مودودي رح جي سيرت جي ڪتاب “سيرت سرور عالمﷺ” جو سنڌي ۾ ترجمو پڻ شامل آهي. هو حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار “بيداري” جي مجلس ادارت ۾ پڻ شامل هو. ۱۹۷۰ع ۾ روزاني، الوحيد، جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو.

هو ٽي سال اڳ ۱۰ نومبر ۲۰۲۰ع کان PNS Shifa ۾ ڪورونا جي ڪري داخل هو، هڪ هفتي کان وينٽيليٽر تي هو. اڄوڪي ڏينهن هن مرض سان جهيڙيندي پنهنجو ساه ڌڻي در حوالي ڪيو.

ساڻس منھنجي شناسائي ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي. ھو پروفيسر جليل صاحب جو پيارو شاگرد ھو، پوءِ الوحيد پريس ۾ ڪچهريون ۽ سکر پبلڪ اسڪول جي دوران جڏهن مان سوئي کان ايندو ھوس. ھن سان گھرائپ اڃا وڌي جڏهن منھنجو وڏو فرزند معظم علي جنيد ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙھڻ ويو.

مرحوم ماڻھن کي سخت مزاج لڳندو ھو پر ھو ھڪ اعلیٰ منتظم ھو. ھڪ ڀيري ۲۰۰۱ع ۾ مان جڏهن لاڙڪاڻي ڪيڊٽ ڪاليج ملڻ ويس ته زوري پنهنجي رھائش گاھ تي لنچ لاء وٺي ويو، ان دوران ڪراچي کان بحريه ڪاليج جي ھڪ ٽيم ساڻس ملڻ آئي. کانئس سنڌ جي ڪنھن شھر ۾ ڪاليج کولڻ جي باري ۾ مشورو وٺڻ آيا، ان دوران مرحوم يوسف کين چيو ته بلڊنگ به توهان ٺاھي ويندا، استاد به چڱيرڙا ملي ويندا، پر پرنسپال جو چرياڻ ھجڻ لازمي آهي، ورنه انتظامي معاملا ھلائڻ ڏکيو ڪم آهي. سچ پچ ته سائين ڏاھپ جي ڳالھ ڪئي ھئي.

سندس لاڙڪاڻي ڪيڊٽ ڪاليج ڪاليج کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ پرنسپال جي حيثيت ۾ ھڪ اعليٰ تعليمي مرڪز بڻايو. مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ ھو ته اتر سنڌ ۾ ٻه تعليمي ادارا سنڌ جا معياري ادارا آهن. ھڪ آئي بي اي سکر مرحوم نثار صديقي جو ۽ ٻيو لاڙڪاڻي جو ڪيڊٽ ڪاليج ڪيپٽن محمد يوسف شيخ جو.

ھو انگريزي،سنڌي توڙي اردو جي ادب جو گھڻ پڙھيو شخص ھو. رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي کيس جنت الفردوس عطا فرمائي آمين.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي، پنوعاقل ۳ ڊسمبر ۲۰۲۳ع، فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا