پروفيسر محمد يوسف شيخ
(۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع، ٻي ورسي
جي موقعي تي تاثراتي نوٽ)
ڊاڪٽر محمد علي
محمدي
سنڌ جو مايه ناز فرزند،
تعليمي ماهر، بهترين منتظم، منهنجو اڌ صدي کان به پراڻو دوست محترم ڪيپٽن محمد
يوسف شيخ اڄوڪي ڏهاڙي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪيپٽن محمد يوسف شيخ
آرمي پبلڪ اسڪول ڇوڙ، پبلڪ اسڪول سکر، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي
جو باني۽ پرنسپال، حيدرآباد پبلڪ اسڪول، گڏاپ پبلڪ اسڪول ۽ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج نوابشاه
جو پرنسپال رهي چڪو هو. مرڪزي حڪومت ۾ نگران وزير تعليم به رهيو. هو علم وادب ۾
دلچسپي وٺندو هو. شاگردي جي زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيرت ڪميٽي جو روح روان هو.
سندس ڪيئي ترجما ڇپيل آهن. انهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي دوران شاگردن جا مخزن، شاھ
لطيف تي مقالا. سندس سيد مودودي رح جي سيرت جي ڪتاب "سيرت سرور عالمﷺ" جو
سنڌي ۾ ترجمو پڻ شامل آهي. هو حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار "بيداري" جي
مجلس ادارت ۾ پڻ شامل هو. ۱۹۷۰ع ۾ روزاني، الوحيد، جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو.