ڊاڪٽر عابد لغاري
مرحوم جي ٽين ورسيءَ جي
مناسبت سان:
ڊاڪٽر محمد علي
محمدي
ھي انھن ڏينھن جي ڳالھ آهي ته جڏهن
۱۹۶۹ع منھنجي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو/
ھن وقت يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي ته، حيدرآباد شھر اچڻ وڄڻ ٿيندو ھو. اسان جي طبيعت
نصابي ڪتابن کان علاوه سنڌي ادب، تاريخ جا پڙھاڪو. ان زماني ۾ سنڌي اديب ٻن گروهن
۾ ورھايل ھئا. ھڪڙا قوم پرست ته وري ٻيا رجعت پسند، حقيقت ۾ ائين نه ھو اھا ھيئن
ھئا ته ھڪ حق پرست ۽ ٻيا وري نعريباز. پر اڃا ائين کڻي چئو ته انھن ”رجعت پرستن“
جن ۾ مرحوم سيد سردار علي شاه، ڊاڪٽر محمد ابراھيم حليل، فيض بخشاپوري، توڙي پراڻا
جمعيت الشعراءِ سان لاڳاپيل اديب، جن جو فن ۽ فڪر پنھن جي دين ڌرم سان ھئڻ جي
باوجود سنڌ جي ٻولي جي مسئلن، سنڌ سان حڪمرانن جي نا انصافين خلاف پنھنجي قلم
وسيلي زوردار آواز اٿاريندڙ ھئا. جن ۾ ان زماني جي اخبار مھراڻ ۾ سائين مرحوم سيد
سردار علي شاه جا ايڊيٽوريل ساکي اھن. پاڪستان جي قيام کان وٺي سنڌ جي سرڪاري ادبي
ادارن ۾ توڙي صحافت ۾ گھڻو ڪري لبرل ۽ سيڪيولر دوستن جي گھڻائي ھئي. اھا روش اڄ به
جاري آهي، توھان سرڪاري اديبن ڏانھن نظر ڦيرايو،جن سنڌ سرڪار جي خزاني مان ميلن
ملاکڙن ۾ پيا جاوا ڪن.
پر ائين به ناھي ڪجھ باغيرت کاٻي
ڌر جا اديب سرڪار جا معتوب پڻ رهيا.جن مان مرحوم طارق اشرف به ھڪ ھو مرحوم کي جيل
به ڏسڻو پيو ته وري سنڌي رسالن ۽ ڪتابي سلسلن کي پڻ بندش جو منھن پڻ ڏسڻو پيو.
ان ماحول ۾ ھڪ نوجوان عابد
لغاري به ھو، جنھن جو رسالو 'رھبر ڊائجيسٽ ' نا مساعد حالتن ۾ سنڌ جي اديبن کي
موقعو فراھم ڪيو ته ھو تعميري ادب لکن انھن ۾ م.ن محزون، نورمحمد سنڌي، ڊاڪٽر عاشق
بدوي، حفظ خير محمد اوحدي، قربان بگٽي جھڙن ڪھنه مشق محققن ل پنھنجي قلم جا جوھر ڏيکاريا.
منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ۱۹۶۹ع ۾ سندس آفيس ۾ جيڪا تلڪ چاڙهيءَ کان اڳ ۾ شاھي بازار ويندڙ روڊ جي ڪنڊ ۾
ھئي. پوء سندس آفيس ۾ جيڪا قاضي عبدالقيوم روڊ تي ھئي اتي اسان جون نشستون ٿينديون
ھيون. سندس محفل ۾ ھر مڪتبه فڪر جو ادب دوست موجود ھوندو ھو. مون سان سندس ايترا ته
واسطا ٿيا جو ستر جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ منھنجي ڀيڻ جي شاديءَ ۾ پاڻ ۽ داڪٽر محبت ٻرڙو
پڻ شريڪ ٿيا. منھنجو دوست مرحوم ڊاڪٽر عاشق بدوي سندس رسالي ۾ تسلسل سان لکندو
رھيو. وقت گذرڻ ۾ دير ڪونه لڳي ڄامشوري جون ھوائون ۽ حيدرآباد جون حسناڪين کي
خيرآباد چئي وڃي روزي روٽي کي لڳس. نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي ارٽس ڪائونسل ۾ يوم لطيف
جي موقعي تي جيڪو سندس ادبي تنظيم رھبر ادبي سنگت (راس) پاران منعقد ڪيو ويو جنھن
۾ مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مرحوم سيد علي مير شاھ، مرحوم سيد قلندر شاه لڪياري
خاص مقرر ھيا. سندس باربار خواهش ۽ دعوتن جي سندس رھائش صائمه پلازا ھالا ناڪي نه
وڃي سگھيس. منھنجي لاءِ ڪتابن جون سوکڙيون ۽ سندس قرآن شريف جو ترجمو پڻ نه کڻي
سگھيس. ھو خوشنصيب ھو جنھن پڙپوٽو ڏٺو. ساڻس موبائل تي به پئي ڪچهري ٿيندي ھئي.
تازو تازو اسلام آباد جي ڪنھن
تقريب مان موٽيو ھو. اجوڪي ڏھاڙي وڃي پنھنجي رب جي حضور حاضر ٿيو رب پاڪ سندس
مغفرت فرمائي.
پروفائيل :
عبدالجبار عابد لغاري: نامياري
محقق ۽ استاد ڊاڪٽر عبدالجبار عابد ولد محب علي لغاريءَ جو جنم ۱۱ مئي ۱۹۴۴ع تي ڳوٺ تاجپور، تعلقي مٽياريءَ
۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ تاجپور، منڱين جي تڙ ۽ ڏيپر/ منصوره (هالا) مان حاصل ڪئي.
مـئـٽـرڪ ۱۹۶۲ع ۾ تـعـمـيـر ملـت هـاءِ اسڪـول،
ڏيـپـر/ مـنـصـوره (هـالا) مـان، ۱۹۶۵ع ڌاري
انـٽـر، گـورنميـنٽ ڪـالـيـج (ڪاري موري) حيدرآباد مان، بي. اي سنڌ يـونيـورسـٽـيءَ
مـان ۱۹۶۷ع ۾، ايـم. اي پوليٽيڪل
سـائـنـس ۾ سـنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۳ع ۾،
ايم. اي سنڌي ۱۹۸۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ
بعد ۱۹۸۹ع ڌاري غـلام مصطـفيٰ قـاسمـيءَ
جـي رهنمائـيءَ ۾ ‘تاجپـور جي لغاري خاندان جون علمي ۽ ادبي خدمتون’ جي عنوان تي
تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس شاگرديءَ واري زماني کان ئي
درس تدريس سان تمام گهڻو چاهه رهيو. ۱۹۶۰ع ۾
حيدرآباد ضلعي ۾ ‘مجاهد’ نالي لائبرري قائم ڪيائين. ۶۵-۱۹۶۰ع ڌاري شاهه جي رسالي جو ناياب
قلمي نسخو (جنهن ۾ سر سهڻيءَ سان رسالي جي ابتدا ٿيل آهي) شاهه ولي الله اورينٽل ڪاليج
لائبرري، منصوره، هالا ۾ تحفي طور ڏنو. اهو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘شاهه جو
رسالو’ (ڏهه جلد) جي حوالن ۾ منصوره جي رسالي طور ڄاڻايو آهي. ان کان سواءِ به
سندس سون جي تعداد ۾ ڪتاب مدرسه جامعة العلوم اسلاميه، منصوره کي عطيي طور ڏنل
آهن. پاڻ ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين جامعه عربيه ڪاليج حيدرآباد جو انچارج پڻ رهيو. کيس مختلف ملڪن جي
سڪن گڏ ڪرڻ جو به ڪافي شوق رهيو، جيڪي به هن شاهه ولي الله اورينٽل ڪاليج، منصوره،
هالا کي تحفي ۾ ڏنا. عملي زندگيءَ ۾ ۱۹۶۶ع کان ۱۹۷۹ع تائين ماهوار رهبر ڊائجسٽ جو مدير رهيو. سندس ادارت ۾ هڪ سؤ کان مٿي پرچا
شايع ٿيا. ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان جاري ٿيندڙ
ماهوار سائنس مئگزين جي ادارت سنڀاليائين. ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۹ع تائين ‘نئين زندگي ’ رسالي جو
مدير ٿي رهيو. سندس ادارت ۾ ڪجهه خاص نمبر پڻ شايع ٿيا، جن ۾ سيرت نمبر، هجري
نمبر، شاهه لطيف نمبر، سچل نمبر ۽ شاهه عنايت نمبر وغيره شامل آهن. ۱۹۹۰ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر (هيڊ ڪوارٽر) اسلام آباد جو اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر
رهيو. ۱۹۹۳ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر،
حيدرآباد ۾ ساڳئي عهدي تي فائز رهيو. ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۴ع تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون
سرانجام ڏنيون. ۲۰۰۵ع ۾ هڪ سال تائين ‘وينجهار’
رسالي جو ايڊيٽر رهيو. جڏهن ته ۲۰۰۷ع کان ۲۰۱۷ع تائين شاهه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. هن ادبي دنيا
۾ لکڻ جو آغاز ۱۹۶۶ع ڌاري ڪيو. هن وقت تائين سندس ڇپيل
ڪتابن جو تعداد ۴۰ کان مٿي آهي. جن ۾ (۱) ‘تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار’ (پي. ايڇ. ڊيءَ جو تحقيقي
مقالو: ۱۹۸۹ع)، (۲) شيشي جي ديوار (ڪهاڻيون: ۱۹۷۵ع)، (۳) ننگي لاش جو سفر (ناول: ۱۹۷۶ع)، (۴) سنڌ جو عظيم ڪردار سردار نواب ولي محمد خان (۱۹۹۲ع)، (۵) تحريڪِ آزاديءَ ۾ سنڌ ڪا ڪردار-
۱۸۴۳ع کان ۱۹۲۰ع- ۽ حُر تحريڪ (۱۹۹۲ع)، (۶) تحريڪ آزادي ۾ سنڌ ڪا ڪردار ۱۹۲۱ع کان ۱۹۴۷ع تائين (۱۹۹۲ع)، (۷) حميده ديوان: والي واحد وحده (۱۹۹۸ع)، (۸ سنڌي
شاعريءَ جي مختصر تاريخ (۱۹۹۸ع)، (۹) نعتيه ديوان: سچو سرور صلي الله عليه وسلم (۲۰۰۰ع: جنهن تي کيس صدارتي اوارڊ مليو)، (۱۰) شيشي جو گهر (ڪهاڻيون: ۲۰۰۱ع)، (۱۱) ترقي پسند ادب جو فڪري جائزو (۲۰۰۰ع)، (۱۲) دل جي دنيا (ترتيب: ۱۹۶۸ع)، (۱۳) تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾، (۱۴) سهڻا گل سنڌ جا (سوانح عمريون: ۲۰۰۳ع)، (۱۵) جهڙو پسڻ پرينءَ جو (بياض ۱: ۲۰۰۴ع)، (۱۶) رسيلا رنگ (بياض ۲: ۲۰۰۴ع)، (۱۷) سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر (۲۰۰۶ع)، (۱۸) سنڌ جا صوفي شاعر (۲۰۰۷ع)، (۱۹) حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ
وارو (۲۰۰۹ع)، (۲۰) ڄامن سندو ڄام (۲۰۱۱ع)، (۲۱) نواب ولي محمد خان، نواب احمد خان، فقير ولي محمد خان ۽ سندن اولاد (۲۰۱۲ع)، (۲۲) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
(ترتيب: ۲۰۱۰ع)، (۲۳) آزاديءَ جي هلچل ۾ سنڌ جو حصو (۲۰۱۱ع)، (۲۴) غالبِ سنڌ: فيض بخشاپوري
(ترتيب: ۲۰۱۱ع)، (۲۵) سنڌي زبان (ترتيب: ۱۹۶۷ع)، (۲۶) ادبي جواهر (ترتيب: ۱۹۶۸ع)، (۲۷) ادبي خزانو (ترتيب: ۱۹۶۹ع)، (۲۸) مشرق و مغرب (ترتيب: ۱۹۶۸ع)، (۲۹) روضي جو فلسفو (ترتيب: ۱۹۶۸ع)، (۳۰) ماڻڪ ۽ موتي (ترتيب: ۱۹۶۹ع)، (۳۱) يا خدا (ترتيب: ۱۹۶۹ع)، (۳۲) شاهه ولي الله ڪي نظر ۾ جهاد اور اجتهاد (ترتيب: ۲۰۰۸ع)، (۳۳) تفسير علق الرحمٰن (ترتيب: ۲۰۰۷ع)، (۳۴) الله دهلوي'>شاهه ولي الله
دهلوي: سوانح و افڪار (ترتيب: ۲۰۰۹ع:
اردو)، (۳۵) ننگن جو نواب (ننگ نمبر:
ترتيب: ۱۹۷۳ع)، ۽ (۳۶) رگ ويد کان شيخ اياز تائين (ماهوار وينجهار ۽ ساوتري ڪوٽول مل ۽ رام
پنجواڻيءَ جي تنقيدي مضمونن جي ترتيب: ۲۰۰۵ع) شامل آهن. هن حيدرآباد ۾ عابد اويسي رهبر اڪيڊمي نالي هڪ اشاعتي ادارو
قائم ڪيو. جنهن ۾ سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن، جهڙوڪ: منصوره منهنجي
ماءُ، مقالاتِ عابد، منهنجي دل منهنجا جگر: پروفيسر عبدالقادر ۽ پروفيسر عبدالڪريم،
لطيف شناسي (ليڪچرن تي مبني)، منهنجو من مڪو مدينو، ملاقاتون (اهم شخصيتن جي تحريري
انٽرويوز تي مشتمل)، صوفياءِ ڪرام جو پيغام: امن و آشتي اتحاد و يڪجهتي، هزار
داستان- يارن جو يار عابد، اهم واقعات عابد ۽ راز و نياز اهم آهن. سندس خدمتن ۽ علمي
ادبي پورهيي عيوض کيس صدارتي اوارڊ، شاهه لطيف اوارڊ، پاڪستان نيشنل اوارڊ، غالب
سنڌ فيض بخشاپوري اوارد، نئين زندگي گولڊن جوبلي اوارڊ، جي ايس ملٽي نيشنل اوارڊ،
سچل سرمست اوارڊ مليا آهن. ڊاڪٽر عابد جا ڪيترائي تحقيقي مضمون سنڌي توڙي اردو
رسالن ۽ اخبارن ۾ راولپنڊي، لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد مان شايع ٿيندا رهيا. هن جو ڪيترين
ئي ادبي تنظيمن سان واسطو رهيو.پاڻ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو
آهي. ان کان سواءِ رهبر ادبي سوسائٽيءَ طرفان سيمينار ۽ ڪانفرنسون به منعقد ڪرائيندو
رهيو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد ۲۵ نومبر
۲۰۲۰ع تي وفات ڪئي.
(ڊاڪٽر محمد علي محمدي، پنوعاقل ۲۵ نومبر ۲۰۲۳ع، فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد
لغاري صاحب
۲۵ نومبر تي وڇوڙي جو ڏينهن
انو سولنگي
نامياري محقق ۽ استاد ڊاڪٽر
عبدالجبار عابد ولد محب علي لغاريءَ جو جنم ۱۱ مئي ۱۹۴۴ع تي ڳوٺ تاجپور، تعلقي مٽياريءَ
۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ تاجپور، منڱين جي تڙ ۽ ڏيپر/ منصوره (هالا) مان حاصل ڪئي.
مـئـٽـرڪ ۱۹۶۲ع ۾ تـعـمـيـر ملـت هـاءِ اسڪـول،
ڏيـپـر/ مـنـصـوره (هـالا) مـان، ۱۹۶۵ع ڌاري
انـٽـر، گـورنميـنٽ ڪـالـيـج (ڪاري موري) حيدرآباد مان، بي. اي سنڌ يـونيـورسـٽـيءَ
مـان ۱۹۶۷ع ۾، ايـم. اي پوليٽيڪل
سـائـنـس ۾ سـنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۳ع ۾،
ايم. اي سنڌي ۱۹۸۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ
بعد ۱۹۸۹ع ڌاري غـلام مصطـفيٰ قـاسمـيءَ
جـي رهنمائـيءَ ۾ ‘تاجپـور جي لغاري خاندان جون علمي ۽ ادبي خدمتون’ جي عنوان تي
تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس شاگرديءَ واري زماني کان ئي
درس تدريس سان تمام گهڻو چاهه رهيو. ۱۹۶۰ع ۾
حيدرآباد ضلعي ۾ ‘مجاهد’ نالي لائبرري قائم ڪيائين. ۶۵-۱۹۶۰ع ڌاري شاهه جي رسالي جو ناياب
قلمي نسخو (جنهن ۾ سر سهڻيءَ سان رسالي جي ابتدا ٿيل آهي) شاهه ولي الله اورينٽل ڪاليج
لائبرري، منصوره، هالا ۾ تحفي طور ڏنو. اهو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘شاهه جو
رسالو’ (ڏهه جلد) جي حوالن ۾ منصوره جي رسالي طور ڄاڻايو آهي. ان کان سواءِ به
سندس سون جي تعداد ۾ ڪتاب مدرسه جامعة العلوم اسلاميه، منصوره کي عطيي طور ڏنل
آهن. پاڻ ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين جامعه عربيه ڪاليج حيدرآباد جو انچارج پڻ رهيو. کيس مختلف ملڪن جي
سڪن گڏ ڪرڻ جو به ڪافي شوق رهيو، جيڪي به هن شاهه ولي الله اورينٽل ڪاليج، منصوره،
هالا کي تحفي ۾ ڏنا. عملي زندگيءَ ۾ ۱۹۶۶ع کان ۱۹۷۹ع تائين ماهوار رهبر ڊائجسٽ جو مدير رهيو. سندس ادارت ۾ هڪ سؤ کان مٿي پرچا
شايع ٿيا. ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان جاري ٿيندڙ
ماهوار سائنس مئگزين جي ادارت سنڀاليائين. ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۹ع تائين ‘نئين زندگي ’ رسالي جو
مدير ٿي رهيو. سندس ادارت ۾ ڪجهه خاص نمبر پڻ شايع ٿيا، جن ۾ سيرت نمبر، هجري
نمبر، شاهه لطيف نمبر، سچل نمبر ۽ شاهه عنايت نمبر وغيره شامل آهن. ۱۹۹۰ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر (هيڊ ڪوارٽر) اسلام آباد جو اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر
رهيو. ۱۹۹۳ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر،
حيدرآباد ۾ ساڳئي عهدي تي فائز رهيو. ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۴ع تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون
سرانجام ڏنيون. ۲۰۰۵ع ۾ هڪ سال تائين ‘وينجهار’
رسالي جو ايڊيٽر رهيو. جڏهن ته ۲۰۰۷ع کان ۲۰۱۷ع تائين شاهه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. هن ادبي دنيا
۾ لکڻ جو آغاز ۱۹۶۶ع ڌاري ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن جو
تعداد ۴۰ کان مٿي آهي. جن ۾ (۱) ‘تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار’ (پي. ايڇ. ڊيءَ جو تحقيقي
مقالو: ۱۹۸۹ع)، (۲) شيشي جي ديوار (ڪهاڻيون: ۱۹۷۵ع)، (۳) ننگي لاش جو سفر (ناول: ۱۹۷۶ع)، (۴) سنڌ جو عظيم ڪردار سردار نواب ولي محمد خان (۱۹۹۲ع)، (۵) تحريڪِ آزاديءَ ۾ سنڌ ڪا ڪردار-
۱۸۴۳ع کان ۱۹۲۰ع- ۽ حُر تحريڪ (۱۹۹۲ع)، (۶) تحريڪ آزادي ۾ سنڌ ڪا ڪردار ۱۹۲۱ع کان ۱۹۴۷ع تائين (۱۹۹۲ع)، (۷) حميده ديوان: والي واحد وحده (۱۹۹۸ع)، (۸ سنڌي
شاعريءَ جي مختصر تاريخ (۱۹۹۸ع)، (۹) نعتيه ديوان: سچو سرور صلي الله عليه وسلم (۲۰۰۰ع: جنهن تي کيس صدارتي اوارڊ مليو)، (۱۰) شيشي جو گهر (ڪهاڻيون: ۲۰۰۱ع)، (۱۱) ترقي پسند ادب جو فڪري جائزو (۲۰۰۰ع)، (۱۲) دل جي دنيا (ترتيب: ۱۹۶۸ع)، (۱۳) تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾، (۱۴) سهڻا گل سنڌ جا (سوانح عمريون: ۲۰۰۳ع)، (۱۵) جهڙو پسڻ پرينءَ جو (بياض ۱: ۲۰۰۴ع)، (۱۶) رسيلا رنگ (بياض ۲: ۲۰۰۴ع)، (۱۷) سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر (۲۰۰۶ع)، (۱۸) سنڌ جا صوفي شاعر (۲۰۰۷ع)، (۱۹) حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ
وارو (۲۰۰۹ع)، (۲۰) ڄامن سندو ڄام (۲۰۱۱ع)، (۲۱) نواب ولي محمد خان، نواب احمد خان، فقير ولي محمد خان ۽ سندن اولاد (۲۰۱۲ع)، (۲۲) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
(ترتيب: ۲۰۱۰ع)، (۲۳) آزاديءَ جي هلچل ۾ سنڌ جو حصو (۲۰۱۱ع)، (۲۴) غالبِ سنڌ: فيض بخشاپوري
(ترتيب: ۲۰۱۱ع)، (۲۵) سنڌي زبان (ترتيب: ۱۹۶۷ع)، (۲۶) ادبي جواهر (ترتيب: ۱۹۶۸ع)، (۲۷) ادبي خزانو (ترتيب: ۱۹۶۹ع)، (۲۸) مشرق و مغرب (ترتيب: ۱۹۶۸ع)، (۲۹) روضي جو فلسفو (ترتيب: ۱۹۶۸ع)، (۳۰) ماڻڪ ۽ موتي (ترتيب: ۱۹۶۹ع)، (۳۱) يا خدا (ترتيب: ۱۹۶۹ع)، (۳۲) شاهه ولي الله ڪي نظر ۾ جهاد اور اجتهاد (ترتيب: ۲۰۰۸ع)، (۳۳) تفسير علق الرحمٰن (ترتيب: ۲۰۰۷ع)، (۳۴) شاهه ولي الله دهلوي: سوانح و
افڪار (ترتيب: ۲۰۰۹ع: اردو)، (۳۵) ننگن جو نواب (ننگ نمبر: ترتيب: ۱۹۷۳ع)، ۽ (۳۶) رگ ويد کان شيخ اياز تائين
(ماهوار وينجهار ۽ ساوتري ڪوٽومل ۽ رام پنجواڻيءَ جي تنقيدي مضمونن جي ترتيب: ۲۰۰۵ع)
شامل آهن. هن حيدرآباد ۾ عابد اويسي رهبر اڪيڊمي نالي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو.
ان کان علاوه سندس اڻڇپيل ڪتابن جو تعداد هن ريت آهي: منصوره منهنجي ماءُ، مقالاتِ
عابد، منهنجي دل منهنجا جگر: پروفيسر عبدالقادر ۽ پروفيسر عبدالڪريم، لطيف شناسي
(ليڪچرن تي مبني)، منهنجو من مڪو مدينو، ملاقاتون (اهم شخصيتن جي تحريري انٽرويوز
تي مشتمل)، صوفياءِ ڪرام جو پيغام: امن و آشتي اتحاد و يڪجهتي، هزار داستان- يارن
جو يار عابد، اهم واقعات عابد ۽ راز و نياز اهم آهن. سندس خدمتن ۽ علمي ادبي
پورهيي عيوض کيس صدارتي اوارڊ، شاهه لطيف اوارڊ، پاڪستان نيشنل اوارڊ، غالب سنڌ
فيض بخشاپوري اوارد، نئين زندگي گولڊن جوبلي اوارڊ، جي ايس ملٽي نيشنل اوارڊ، سچل
سرمست اوارڊ مليا آهن. ڊاڪٽر عابد جا ڪيترائي تحقيقي مضمون سنڌي توڙي اردو رسالن ۽
اخبارن ۾ راولپنڊي، لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد مان شايع ٿيل آهن. پاڻ سنڌ هسٽاريڪل
سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ رهبر ادبي سوسائٽيءَ طرفان
سيمينار ۽ ڪانفرنسون به ڪرائيندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ۲۵ نومبر ۲۰۲۰ع
تي وفات ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب ھڪ وڏو عاشق رسول ھو
اڄ منهنجي مڪي پاڪ کان مديني
شريف روانگي آھي ـ
بارگاھ الاھي ۽ بارگاھ رسول مان سندس مغفرت ۽ جنت ۾ اعلي مقام جي دعا ڪجي ٿي.
No comments:
راءِ ڏيندا