; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، ڊاڪٽر محمد علي محمدي، انو سولنگي،
Showing posts with label ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، ڊاڪٽر محمد علي محمدي، انو سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، ڊاڪٽر محمد علي محمدي، انو سولنگي،. Show all posts

24 December, 2023

ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري

ڊاڪٽر عابد لغاري

مرحوم جي ٽين ورسيءَ جي مناسبت سان:

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



ھي انھن ڏينھن جي ڳالھ آهي ته جڏهن ۱۹۶۹ع منھنجي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو/ ھن وقت يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي ته، حيدرآباد شھر اچڻ وڄڻ ٿيندو ھو. اسان جي طبيعت نصابي ڪتابن کان علاوه سنڌي ادب، تاريخ جا پڙھاڪو. ان زماني ۾ سنڌي اديب ٻن گروهن ۾ ورھايل ھئا. ھڪڙا قوم پرست ته وري ٻيا رجعت پسند، حقيقت ۾ ائين نه ھو اھا ھيئن ھئا ته ھڪ حق پرست ۽ ٻيا وري نعريباز. پر اڃا ائين کڻي چئو ته انھن ”رجعت پرستن“ جن ۾ مرحوم سيد سردار علي شاه، ڊاڪٽر محمد ابراھيم حليل، فيض بخشاپوري، توڙي پراڻا جمعيت الشعراءِ سان لاڳاپيل اديب، جن جو فن ۽ فڪر پنھن جي دين ڌرم سان ھئڻ جي باوجود سنڌ جي ٻولي جي مسئلن، سنڌ سان حڪمرانن جي نا انصافين خلاف پنھنجي قلم وسيلي زوردار آواز اٿاريندڙ ھئا. جن ۾ ان زماني جي اخبار مھراڻ ۾ سائين مرحوم سيد سردار علي شاه جا ايڊيٽوريل ساکي اھن. پاڪستان جي قيام کان وٺي سنڌ جي سرڪاري ادبي ادارن ۾ توڙي صحافت ۾ گھڻو ڪري لبرل ۽ سيڪيولر دوستن جي گھڻائي ھئي. اھا روش اڄ به جاري آهي، توھان سرڪاري اديبن ڏانھن نظر ڦيرايو،جن سنڌ سرڪار جي خزاني مان ميلن ملاکڙن ۾ پيا جاوا ڪن.