; سنڌي شخصيتون: اي اين جي عباسي

24 December, 2023

اي اين جي عباسي

اي اين جي عباسي

الوداع سائين - هي درياءَ جي عاشقن جو ديس آ

اسحاق مڱريو



سنڌ جو پاڻي ماهر عبدالنبي گل حسن عباسي (اي اين جي عباسي) ڪالهه ۹۳ سالن جي ڄمار ۾ ڦڦڙن جي تڪليف سبب اسلام آباد ۾ گذاري ويو. هونءَ ته هن پنهنجي پروفيشنل زندگي اريگيشن جي نوڪري ۾ گذاري هئي، پر عمر جي انهن ٽيانوي سالن ۾ هن جنهن سڀ کان اهم ڪم جي حوالي سان وڏي شهرت ماڻي، اها ۲۰۰۳ع ۾ جنرل مشرف جي نون ميمبرن واري پاڻيءَ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سربراه هئڻ طور حاصل ڪئي هئي. ان کان اڳ ۾ هو ۱۹۹۹ع کان ۲۰۰۰ع تائين سنڌ جو آبپاشي وارو صوبائي وزير به رهيو. ان کان اڳ هن ۸۴-۱۹۸۳ع ۾ اريگيشن کاتي جي صوبائي سيڪريٽري طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، پر ۲۰۰۳ع کان ۲۰۰۵ تائين ٽيڪنيڪل ڪميٽي آن واٽر رسورسز جي سربراهه طور سندس پاڻي رپورٽ وڏي اهميت رکندڙ آهي. انهيءَ رپورٽ جي سلسلي ۾ فني ڪميٽيءَ ۾ هر صوبي مان ٻه ٻه ماهر شامل ڪيا ويا هئا. اڍائي سالن جي محنت سان دريائي پاڻيءَ بابت وڏي تحقيق ۽ محنت سان اها رپورٽ جوڙي وئي. اها رپورٽ ڇا هئي، جنرل پرويز مشرف جو سڄو واٽر ويزن چپ ٿي ويو. عالمي ڊيم انڊسٽري ۽ انٽرنيشنل ڊيم ڪنسٽرڪشن ڪمپنين جي پاڪستان ۾ ڪاروبار کي مشرف جو واٽر ويزن سڏيو ٿي ويو. ورديءَ وارو واپڊا چيئرمين جنرل ذوالفقار انهيءَ واٽر ويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهڻو سرگرم هو. هڪ رپورٽ موجب: ڊيم انڊسٽري ساليانو ۲۰ بلين ڊالر جو منافعو ڪمائي ٿي، ان ڪري ملڪ جا سمورا ماهر ڪالاباغ ڊيم جي زرعي، نهري پاڻي، بجليءَ جي اهميت تي ورڪشاپس ۽ ڪانفرنسن ۾ مصروف هئا.


سنڌ، سنڌو درياءَ جي پڇڙي تي واقع آهي. درياءُ ٽي هزار ڪلوميٽرن جو سفر ڪري سنڌ ۾ سمنڊ تائين پهچي ٿو. جديد مشنريءَ جي مدد سان نه رڳو دريائن تي ڊيم ۽ بئراج جڙي ويا آهن، پر هاڻ هيوي مشينري جي مدد سان درياءَ جا رخ به تبديل ڪيا وڃن ٿا. ان ڪري سنڌ واسين جي سڄي سياست جو محور سنڌوءَ جي بحالي ۽ درياءَ جو سمنڊ تائين پهچائڻ وارو رهيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌوءَ کي اهو نالو به سنڌ ئي ڏنو. ان ڪري سنڌ جا ماڻهو ڪيترن ئي سياسي پارٽين ۾ ورهايل هجڻ جي باوجود سنڌوءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ متحد رهيا آهن. اونهارو هجي يا سيارو، ٻارهو سنڌ ۾ دريائي پاڻي جي حاصلات واري جدوجهد هلندڙ هوندي آهي. ان ڪري اي اين جي عباسيءَ جي واٽر رپورٽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سياسي جدوجهد کي آڪسيجن واري حيثيت مهيا ڪئي.

عبدالنبي عباسي پهرين سيپٽمبر ۱۹۳۰ع تي ضلعي خيرپور ميرس جي صوڀي ديري ۾ گل حسن عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ۱۹۱۶ع ۾ مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪئي. بي اي (انجنيئرنگ) اين اي ڊي يونيورسٽي مان پاس ڪئي. اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ سپرنٽنڊنگ انجنيئر رهيو. هن اريگيشن ۾ ريسرچ جي ڪم سان نوڪري جي شروعات ڪئي. هن گهڻو عرصو سکر بئراج جي ريگيوليشن تي نوڪري ڪئي. کيس ڄامشوري جي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي سول جي شعبي تي حيرت هوندي هئي ته ان شعبي سول جي شاگردن کي ڄامشوري ۾ درياءَ جي آخري بئراج جي ريگيوليشن ۽ بئراج جي باري ۾ سر زمين تي آڻي ڪڏهن بريفنگ به نه ڏني آهي. هن کي رشوتي ڪلچر جي وڌي وڃڻ سبب سنڌ ۾ نهري نظام تي سخت ڳڻتي هئي. هن اهڙي صورتحال ۾ نهري پاڻيءَ کي هر شاخ ۽ واهه جي پڇڙي تائين پهچائڻ ناممڪن سڏيو هو. هو ٿور ڳالهائو هو، پر پنهنجي مقصد واري ڳالهه هر فورم تي ڪري ويندو هو. هن هڪ دفعي ٻڌايو هو ته، “هڪ لمحو ته اهڙو به آيو، جو ملڪ جو صدر، صوبن جي گڏيل مفادن وارو وزير، بجلي ۽ پاڻي وارو وفاقي وزير، ارسا ۾ وفاق جو ميمبر ۽ ارسا چيئرمين به سنڌ جو هو، پر ان هوندي به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه ملي سگهيو هو. اهو سڀ ڪجهه جيڪڏهن اسان پيٽاري وياسين ته پوءِ ته سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏينداسين.” هڪ دفعي ته هن هڪ پروگرام ۾ جذبات ۾ اچي چيو هو ته، “پهرين اهو ته ڏسون ته اسان آبپاشي سسٽم جو ڪهڙو منهن ڪارو ڪيو آهي”. انهيءَ پروگرام ۾ هن هڪ لمحي چيو ته، “نياڻيون ويٺيون آهن، ڇا چوان”. هن کي ميڊيا تي به ان ڳالهه جي ڪاوڙ رهي هئي ته ميڊيا وارا دريا ۾ گل وجهڻ واري ڪم جي بدران پاڻي نه ملڻ تي پنهنجي اخبارن جا حاشيا ڪارا ڇو نٿا ڪن! هن ٻڌايو هو ته درياءَ ۾ گل وجهڻ واري ڏينهن کائنس پڇيو ويو ته، مون چيومان ته دريا گل وجهڻ سان ڪونه وهندو. باقي جيڪڏهن اخبارون ڪارا حاشيا ڪنديون ته ان جو اثر ٿي سگهي ٿو. هو سنڌي معاشري کان تمام گهڻو مايوس ٿي ويل هو، جو جڏهن کيس سندس آتم ڪهاڻي لکڻ بابت چيو ويندو آهي ته هو، ٺهه پهه چوندو هو، “هن اڻ پڙهيل قوم لاءِ لکان؟” هو اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي ساراهيندو هو، ۽ چوندو هو ته، مشرف کي خبر هئي ته پاڻيءَ واري ٽيڪنيڪل رپورٽ هن جي مرضي واري نه آهي، پر ان جي باوجود هن اها رپورٽ وصول ڪئي. هو انهيءَ ڳالهه تي هميشه مايوس رهيو ۽ چوندو هو ته، “اوهان اهو سڀ وساري ڇڏيو ته ڪي اوهان جا نمائندا اوهان جي پاڻي واري حقن جي حفاظت ڪندا. اسان رڳو مرثيا پڙهڻ جا عادي بڻجي چڪا آهيون ۽ بس.”

۲۰۰۳ع ۾ مشرف جي حڪومت ۾ پاڻي بابت جوڙيل ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي چيئرمين هئڻ دوران هن جيڪا رپورٽ ڏني، اها رپورٽ اهڙي ڀرپور ۽ فني بنياد رکندڙ هئي، جنهن پرويز مشرف جي واٽر ويزن کي تباهه ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ مشرف جي ڪالا باغ ڊئم واري مهم ويهي ويئي هئي. ۲۰۰۳ع ۾ اي اين جي عباسيءَ جي جوڙيل فني ڪميٽيءَ ڪم شروع ڪيو، ۽ ۲۰۰۵ع ۾ اها رپورٽ مڪمل ڪئي، جيڪا ان وقت جي وزير اعظم شوڪت عزيز جي حوالي ڪئي ويئي. ڪميٽي جي ستن ميمبرن چيئرمين جي رپورٽ سان اختلاف ڪيو. هن پنهنجي رپورٽ ۾ انهن اختلافن تي به پنهنجا رمارڪس لکيا. اها انڊس بيسن (سنڌ طاس) جي پنهنجي نوعيت جي اهم اسٽڊي رپورٽ آهي، جيڪا اڳتي هلي نهري پاڻي بابت حوالي طور تي بحث ۾ اچڻي آهي. ڪميٽي جي ٻين ستن ميمبرن جي مخالفت جي باوجود فني رپورٽ ۾ انهن اختلاف ڪندڙن تي پڻ اي اين جي عباسي جا ريمارڪس رپورٽ ۾ شامل ڪيا ويا. هن کي سنڌ جي حڪمرانن تي شڪايت رهي ته دريائي پاڻيءَ بابت جيڏو سنڌ جو حقيقي ڪيس آهي، ايڏو سنڌ ۾ ان تي ڪم نه ٿيو آهي.

اي اين جي عباسي کي سڀ کان وڌيڪ پنهنجي انجنيئر ڪميونٽي بابت شڪايت رهي ته انهن کي ان بابت دلچسپي نه آهي. هن کي اها به شڪايت رهي ته انجنيئر ڪميونٽي دريائي پاڻيءَ جي ورهاست واري ٽيڪنيڪل معاملن ۾ به ڪا دلچسپي نه ٿي وٺي. هن کي اها به شڪايت هئي، ته انجنيئر ڪميونٽي کي آبپاشي سسٽم، ڪهڙي بئراج جا ڪهڙا ٽيڪنيڪل مسئلا آهن، ان ۾ به ڪا دلچسپي نه رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته اهو رجحان جاري رهيو ته آبپاشي جو سسٽم وڌيڪ هلڻ مشڪل بڻجي سگهي ٿو.

هڪ رپورٽ موجب، دنيا ۾ دريائن جا رخ موڙي ۸ لک ڊيم جوڙيا ويا آهن، جن ۾ ۵۰ هزار وڏا ڊيم شامل آهن. ڄاڻايل رپورٽ موجب هڪ هزار ڪلوميٽر جي ڊيگهه رکندڙ دنيا جي ۲۹۲ دريائن مان فقط ۲۱ اهڙا درياءَ آهن، جن جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي. جڏهن ته دنيا جا ۲۷۱ اهي درياءَ آهن، جن جا رخ موڙي انهن جو ڇوڙ سمنڊ کان روڪيو ويو آهي. ان ڪري اي اين جي عباسيءَ جي واٽر رپورٽ جي مدد سان سنڌو درياءَ جو ڪيس پڻ دنيا جي ٻين ٻه سئو ايڪهتر دريائن سان جوڙي پيش ٿيڻ لڳو ۽ سنڌ جي پاڻي جدوجهد کي ٽيڪنيڪلي ۽ تخليقي طور نڪور تصور حاصل ٿيو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۹ نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا