; سنڌي شخصيتون: سيد اعجاز علي شاھ شيرازي

22 December, 2023

سيد اعجاز علي شاھ شيرازي

سيد اعجاز علي شاھ شيرازي

ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي عوامي سياست جو سرواڻ - ورسيءَ جي مناسبت سان

اسماعيل ميمڻ



لاڙي ضلعن خاص ڪري ٺٽي، سجاول، ٽنڊي محمد خان ۽ بدين ضلعن ۾ سياسي اثر رسوخ رکندڙ سياسي شيرازي گھراڻي جو اهم سياسي اڳواڻ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جيتوڻيڪ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي پر عوام سان هيٺين سطح واري جنهن سياست جو ٻج شيرازي خاندان خاص ڪري سيد اعجاز علي شاھ شيرازي ڇٽي ويو آهي، اهو نه رڳو عوام جي دلين جي ترجماني ڪري ٿو پر هيٺين سطح تي عوام سان مرڻي، پرڻي توڙي انهن جي ڏکن اهنجن ۽ انهن جي هر حوالي سان ساڻن شامل ٿي بيهي کين پنهنجائپ ۽ وڏي هجڻ جو ثبوت ڏيڻ شايد سنڌ ۾ پهريون سيد اعجاز علي شاھ شيرازي ئي هو، جنهن جو سڌو يا سڌي ريت غريب توڙي وچولي ۽ هر مڪتبهء فڪر سان تعلق رکندڙ سان نه ٽٽڻ وارو ويجھڙائپ جو رشتو جوڙيو هو. جنهن کي کڻي ائين چئجي ته سياست کان بالاتر يا هٽي ڪري پنهنجائپ جو رشتو ڄاڻائجي ته ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. 


جھوني سياستدان ۽ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي جي گھر ۾ ۱۹۵۲ع ۾ جنم وٺندڙ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي پڻ ۱۹۸۴ع کان مڪاني کاتي جي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي ميمبر واري سيٽ تي چونڊ وڙهي ڪاميابي ماڻي پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪئي هئي ۽ ائين هن ضياءَ الحق جي دور ۱۹۸۵ع واري غير جماعتي عام چونڊن ۾ ٺٽي جي پهرين صوبائي تڪ پي ايس ۷۱ تان چونڊن ۾ حصو وٺندي ۱۰۹۵۶ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، جڏهن ته پ پ جي ٽڪيٽ تي ۱۹۸۸ واري عام چونڊ ۾ ٺٽي جي ئي پهرين صوبائي تڪ پي ايس ۶۹ تان ۳۱۰۹۲ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻڻ سان گڏ ۱۹۹۰ وارين عام چونڊن ۾ پڻ پي ڊي اي جي پليٽ فارم تان ۳۱۴۴۶ ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو، ۱۹۹۳ وارين عام چونڊن ۾ پڻ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ٺٽي جي ٽئين صوبائي تڪ پي ايس ۷۱ تان ۲۴۵۵۸ ووٽ کڻي چوٿون ڀيرو ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ۱۹۹۷ وارين عام چونڊن ۾ پڻ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي ٺٽي جي ٽئين صوبائي تڪ پي ايس ۷۱ تان ۲۳۴۵۳ ووٽ کڻي پنجون ڀيرو ڪاميابي ماڻي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ ائين عوام جي چاھ هجڻ ڪري ۲۰۱۳ جي عام چونڊن ۾ پڻ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ٺٽي جي پهرين صوبائي تڪ ۸۴ تان ۴۱۸۰۵ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي صوبائي اسيمبلي جو ڇهون ڀيرو صوبائي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجڻ جو اعزاز ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.جيڪڏهن ۱۹۸۵ جي غير جماعتي چونڊن کان ويندي سال ۲۰۱۸ع تائين جي ٿيل عام چونڊن تي نظر وجھبي ته سيد اعجاز علي شاھ شيرازي سنڌ جو واحد عوامي خدمتگذار هو، جنهن عوام سان سڌي ريت ڳانڍاپي سبب ملڪ جي ٿيندڙ ۹ ڀيرا عام چونڊن ۾ ۶ ڀيرا سنڌ جي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ائين به ناهي ته ڪو هن ۶ ئي ڀيرا ٺٽي جي پهرين صوبائي اسيمبلي واري تڪ تان ڪاميابي ماڻي آهي پر هن ملڪي سطح تي ۱۹۸۵ کان ۲۰۱۸ تائين جي ٿيندڙ ۹ ڀيرا عام چونڊن ۾ ٺٽي مان ۴ ۽ هاڻوڪي سجاول ضلعي مان ۲ ڀيرا ڪاميابي ماڻي. ۶ دفعا صوبائي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجڻ جو اعزاز ماڻڻ وارو لاڙ پٽي جو هو پهريون ۽ واحد ئي عوامي نمائندو هو، جنهن سان ٻنهي ضلعن ٺٽي ۽ سجاول جي عوام جو سڌو ئي پنهنجائپ جو رشتو هو. سيد اعجاز علي شاھ ۱۹۸۵ کان ۲۰۱۸ تائين ملڪ جي ٿيندڙ عام چونڊن مان ۶ ڀيرا ڪاميابي ماڻڻ سان گڏ صرف هڪ ڀيرو ٺٽي جي پهرين صوبائي تڪ تان ۲۰۰۸ جي عام چونڊن ۾ هارايو هو، جڏهن ته هن ۲۰۰۲ع ۾مشرف وارين چونڊن ۾ گريجوئيشن جي شرط هئڻ ڪري حصو نه ورتو ۽ وري ۲۰۱۸ع وارين عام چونڊن ۾ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي پ پ جي ٽڪيٽ تي ٺٽي واري صوبائي پهرين تڪ پي ايس ۷۷ تان سندس پٽ سيد رياض شاھ شيرازي کي ڪامياب ڪرايو آهي، جڏهن ته سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جو وڏو پٽ سيد اياز علي شاھ شيرازي پڻ سجاول ضلعي جي قومي تڪ تان ڪاميابي ماڻي ايم اين اي چونڊيل آهي. سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جو ننڍو ڀاءُ سيد شفقت حسين شاھ شيرازي پڻ ٺٽي ۽ سجاول جي سياست ۾ اهم حيثيت رکندڙ آهي، جيڪو پڻ سينيٽر ۽ ٺٽي جو ضلعي ناظم توڙي قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊجي چڪو آهي. سيد اعجاز علي شاھ شيرازي ۽ ان جي ننڍي ڀاءُ سيد شفقت حسين شاھ شيرازي جي سياسي بصيرت توڙي انهن جي عوام سان گڏ هجڻ جو اهو زنده مثال پڻ آهي ته سندن اولاد ۾ شامل ڀائيٽو منظور شاھ شيرازي، ڊاڪٽر سيد امتياز علي شاھ شيرازي، سيد امير حيدر شاھ شيرازي ۽ انجنيئر سيد سرفراز شاھ شيرازي صوبائي اسيمبلي جا مميبر بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته سيد شاھ حسين شاھ شيرازي پڻ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر آهي. جيتوڻيڪ ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊي محمد خان لاڙ وارن ضلعن ۾ شيرازي خاندان جو عوام سان ۽ عوام جو شيرازي خاندان سان هن مهل تائين نه ٽٽڻ وارو رشتو برقرار آهي پر سياست کي عبادت جيان سمجهي انسانيت جي هر وقت خدمت ۾ يقين رکندڙ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي وچوڙي تي هزارن جي تعداد ۾ آلين اکين سان ماڻهن جي جنازي ۾ شرڪت به اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سيد اعجاز علي شاھ شيرازي نه رڳو عوامي نمائندو هو پر هو انيڪ خوبين سان گڏ لاڙ جي پٽي جي لکين ماڻهن جي دلين تي پنهنجي سياسي سفر جي ۳۶ سالن تائين، وڇڙڻ باوجود سندس ٿيل ورسين ۾ پڻ وڏي انگ ۾ عوامي شرڪت سبب اهڙا ته نقش چٽي ويو آهي، جو ڪنهن به صورت ۾ مٽجي نٿا سگھن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا