اي اين جي عباسي
الوداع سائين - هي
درياءَ جي عاشقن جو ديس آ
اسحاق مڱريو
سنڌ جو پاڻي ماهر عبدالنبي گل
حسن عباسي (اي اين جي عباسي) ڪالهه ۹۳ سالن
جي ڄمار ۾ ڦڦڙن جي تڪليف سبب اسلام آباد ۾ گذاري ويو. هونءَ ته هن پنهنجي پروفيشنل
زندگي اريگيشن جي نوڪري ۾ گذاري هئي، پر عمر جي انهن ٽيانوي سالن ۾ هن جنهن سڀ کان
اهم ڪم جي حوالي سان وڏي شهرت ماڻي، اها ۲۰۰۳ع ۾ جنرل مشرف جي نون ميمبرن واري پاڻيءَ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سربراه هئڻ
طور حاصل ڪئي هئي. ان کان اڳ ۾ هو ۱۹۹۹ع کان ۲۰۰۰ع تائين سنڌ جو آبپاشي وارو صوبائي وزير به رهيو. ان کان اڳ هن ۸۴-۱۹۸۳ع ۾ اريگيشن کاتي جي صوبائي سيڪريٽري
طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، پر ۲۰۰۳ع کان ۲۰۰۵ تائين ٽيڪنيڪل ڪميٽي آن واٽر
رسورسز جي سربراهه طور سندس پاڻي رپورٽ وڏي اهميت رکندڙ آهي. انهيءَ رپورٽ جي
سلسلي ۾ فني ڪميٽيءَ ۾ هر صوبي مان ٻه ٻه ماهر شامل ڪيا ويا هئا. اڍائي سالن جي
محنت سان دريائي پاڻيءَ بابت وڏي تحقيق ۽ محنت سان اها رپورٽ جوڙي وئي. اها رپورٽ ڇا
هئي، جنرل پرويز مشرف جو سڄو واٽر ويزن چپ ٿي ويو. عالمي ڊيم انڊسٽري ۽ انٽرنيشنل ڊيم
ڪنسٽرڪشن ڪمپنين جي پاڪستان ۾ ڪاروبار کي مشرف جو واٽر ويزن سڏيو ٿي ويو. ورديءَ
وارو واپڊا چيئرمين جنرل ذوالفقار انهيءَ واٽر ويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهڻو سرگرم
هو. هڪ رپورٽ موجب: ڊيم انڊسٽري ساليانو ۲۰ بلين ڊالر جو منافعو ڪمائي ٿي، ان ڪري ملڪ جا سمورا ماهر ڪالاباغ ڊيم جي
زرعي، نهري پاڻي، بجليءَ جي اهميت تي ورڪشاپس ۽ ڪانفرنسن ۾ مصروف هئا.