; سنڌي شخصيتون: قبول ابڙو، جھانگير عباسي، حبيب ساجد، سُورهيه سنڌي،
Showing posts with label قبول ابڙو، جھانگير عباسي، حبيب ساجد، سُورهيه سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label قبول ابڙو، جھانگير عباسي، حبيب ساجد، سُورهيه سنڌي،. Show all posts

22 December, 2023

قبول ابڙو

قبول ابڙو

۽ سنڌو وھندو رھيو

حبيب ساجد



ڪالھ سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ خاموش ليکڪ مرحوم سائين قبول ابڙي جي ورسيءَ جو ڏينھن بي انتھا خاموشيءَ سان گذري ويو ۽ مون ان حوالي سان ھي ڪالم لکيو آھي.

مون کي چڱيءَ طرح ياد آھي ته اھو وقت Y2K وارو وقت ھو، اڻويھين صديءَ جو انت ٿي رھيو ھو ۽ ويھين صدي جو پھريون سال اسان جي زندگين جي دروازي تي دستڪ ڏئي رھيو ھئو، پي ٽي وي جي نيوز بليٽنن ۾ بار بار ھڪ خبر نشر ٿي رھي ھئي ۽ جنھن جي ڪري ھڪ عجيب خوف ۽ ھراس وارو ماحول پئدا ٿي پيوھيو. ڪمپيوٽر جي ماھرن جو چوڻ ھو ته ۳۱ ڊسمبر ۱۹۹۹ کان پوءِ وارو باءِ ڊفالٽ انگ ۲۰۰۰ دنيا جا ڪمپويٽرَ لوڊ نه ڪري سگھندا، نتيجي ۾ ھڪ وڏو ڪمپيوٽنگ فيليوئر Y2K جي نالي سان پيدا ٿي پوندو، جنھن جي نتيجي ۾ امريڪا ۽ روس جا ھڪ ٻئي طرف رُخ ڪيل سمورا اسٽينڊ باءِ ميزائل ڊجٽ ڪمانڊ جي اپ سيٽنگ جي ڪري چالو ٿي پوندا ۽ پوري دنيا تباھ ٿي ويندي. ان کان علاوه منھنجي آئي سانئڻ به ٻڌائيندي ھئي ته ويھين صدي قيامت جي برپا ٿيڻ واري صدي آھي، ڇوته منھنجي ٻروچ آئيءَ جي ليکي حديثن ۾ اسلامي قيامت اچڻ جون جيڪي به نيشانيون ٻڌايون ويون آھن اھي سؤ سيڪڙو ويھين صديءَ ۾ پوريون ٿيندي نظر اچي رھيون آھن.