فقيرو سولنڪي
مٽي جو عظيم مجسمه ساز
آصف رضا موريو
دنيا ۾ مٽي کي ٽيڪنالوجي طور
استعمال ڪرڻ جي هنرمندي ايتري ئي قديم آهي جيترو بذاتِ خود انسان جو هن ڪائنات ۾ سڀ
کان پهريون انساني مجسمو حضرت آدم عليه السلام جو پڻ مٽيءَ منجهان ئي ٺاهيو ويو
هيو. دنيا جي قريبن تمام مذهبن ۽ تهذيبن ۾ انسانن جي پيدائش متعلق اهڙي قسم جا
بيان ملن ٿا. مثال طور مصري افسانوي ادب مطابق “خنوم ديوتا انساني ٻارڙن کي ماءُ
جي پيٽ ۾ رکڻ کان اڳ مٽيءَ مان تخليق ڪندو آهي”. يوناني مذهبي ڪتابن جي سيوڊواپولوڊورس
مطابق “پروميٿيس انسانن کي پاڻي ۽ زمين جي ترڪيب منجهان ٺاهيو”. جينيسس مطابق “خدا
انسان کي ميدان جي مٽيءَ مان ٺاهيو ۽ انهن جي ناسن ۾ زندگي جو ساهه ڦوڪيو ته زندهه
ٿي ويو”. اهڙي ريت قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته “خدا تعاليُ انسان کي چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيو”.
