; سنڌي شخصيتون: شبير هاتف

09 March, 2024

شبير هاتف

شبير هاتف

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



شبير هاتف جو اصل نالو شبير علي شاهه ۽ سندس والد جو نالو سيد الهه بخش شاهه هو. سندس جنم ۲۸ صفر ۱۳۵۹ هجري مطابق ۴ اپريل ۱۹۴۰ع تي وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو. هي ڪافي جي ڀلوڙ شاعر حافظ شاهه جو ڏوهٽو، قاضي اسدالله شاهه ”فدا“ جو پوٽو، غلام رسول شاهه ”سوز“ ٽکڙائي جو ڀاڻيجو، سيد ميران محمد شاهه جو ڀائيٽو، حافظ شاهه ”ناطق“ حسيني ۽ اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني جو ننڍو ڀاءُ، امداد حسيني جو سئوٽ هو. 


پرائمري تعليم ٽکڙ جي حافظن جي مڪتب مان حاصل ڪيائين. فارسي جي شروعاتي تعليم حافظ عبدالله ”بسمل“ کان ورتائين. جنهن بعد قاضي عبدالقيوم هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۱۹۵۷ع ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۶۳ع سنڌ يونيورسٽي مان جيالاجي ۾ بي.ايس. سي (آنرز) ڪيائين. ۱۹۷۰ع ۾ لنڊن يونيورسٽي مان هائيڊرو جيالاجي ۾ ايم ايس سي جي ڊگري ورتائين. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۷۳ع تائين واپڊا ۾ جيالاجسٽ طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪم ڪيائين. ۱۹۷۳ع کان سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنت پروفيسر ۽ نيشنل بُڪ فائونڊيشن ۾ ڊائريڪٽر طور صلاحيتون ڪتب آندائين. ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۶ع تائين پاڪستان فارين سروس پاران آستريليا ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري ٿي رهيو. ۱۹۷۶ع کان ۱۹۷۸ع تائين چيف سائينٽيفڪ آفيسر طور ڊي آر آءِ پي ۾ ڪم ڪيائين. ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۰ع تائين هنٽنگ ٽيڪنيڪل سروس لنڊن طرفان هائيڊرو جيالاجسٽ جي حيثيت سان لنڊن، عمان، يمن ۽ سعودي عرب ۾ ڪم ڪيائين. ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۷ع تائين هائيڊرو جيالاجسٽ ماهر جي عهدي تي جده (سعودي عرب) جي ملڪ عبدالعزيز يونيورسٽي ۾، ۱۹۸۷ع کان ۱۹۸۸ع تائين مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ساڳئي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏنائين. ۱۹۸۸ع کان ۱۹۸۹ع تائين سينيئر هائيڊرو جيالاجسٽ جي حيثيت سان سعودي عرب جي شهر رياض ۾ الرياض ڊويلپمينٽ اٿارٽي ۾ رهيو. ان بعد ڪويت ۾ انسٽيٽيوٽ فار سائنٽيفڪ ريسرچ جي اداري ۾ ريسرچ جي ماهر طور هڪ سال کن فرائض سرانجام ڏنائين. بعد ۾ وري سعودي جيالاجيڪل سروي ۾ ايڊوائيزر طور ڪم ڪيائين. ريٽائرمينٽ بعد پنهنجي ذاتي گهر ۾ زندگيءّ بسر ڪيائين. ٽکڙ جي زرخيز سرزمين جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکڻ سبب شاعري جي ڏات سان سلهاڙيل ۽ ان ساڳئي عشق جي ڪيفيت جو تسلسل رهيو. شبير هاتف شاعرن جي ان نسل مان هو جن نه رڳو مشاعري جي روايت کي برقرار رکيو پر پنهنجي سوچ ۽ خيال سان شاعري جا سمورا بند ٽوڙي ڪو وڏو نالو پيدا ڪرڻ بدران شاعري جي مڃيل فني حدن اندر پنهنجي خيال کي سمائي شاعري جي فن جو احترام نڀايو. هن شاعري جي الف بي پنهنجي ڀاءَ اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني کان سکي ۽ بعد ۾ شاعري جي باقاعده تربيت محمد خان ”غني“ کان ورتي. مولانا گرامي جي اصلاح ۽ همت افزائي سندس ڪلام کي ڪمال بخشيو. ٽکڙ جي شاعرن جي پوئلڳي ڪندي هن جي شاعري انهن جي خاص رنگ ۾ رچيل رهي. شبير هاتف غزل جو پختو شاعر رهيو، سندس شاعري ۾ روايتي ”رنگ ۽ بو“ مڙئي سرس آهي. سندس ڪلام ۾ مئه، شراب، ساقي ۽ مئخاني جو گهڻو ذڪر آهي. سندس شاعري جا ٽي مجموعا ” نيڻن ۾ ڏياريون“ (۱۹۹۲ع)، ”جهڙو پوپٽ جو پرُ“ (۲۰۱۲ع) ۽ "زلفن جي ڇانوّ ۾" (۲۰۱۹ع) شايع ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻولي جو هي ڀلوڙ شاعر ۽ اديب ۵ فيبروري ۲۰۲۳ع بمطابق ۱۳ رجب المرجب ۱۴۴۴ هجري آچر تي رات جي پوئين پهر ۾ دارلبقا ڏي روانو ٿي ويو. کيس گنجي ٽڪر جي دامن ۾ مقبره شريف جي قبرستان ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۳ع تي مٽيءّ ماءۡ حوالي ڪيو ويو.

سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

قتيلِ خنجر ابروءِ فتنه بار آهيان،

جئان ٿو، ڇو ته شهيدِ جمالِ يار آهيان.

جمالِ تيرِ نظر داغ دل جا خندان ڪيا،

خدا جو شڪر! خزان ۾ به لاله زار آهيان.

جنابِ شيخ نه ڄاڻان ٿو ڇا هي دير و حرم،

دوئي کان دور پرستار چشمِ يار آهيان.

گلن ڇڏي ڏنو، ڪنڊن اچي جهلي دامن،

مان تنهنجي حسنِ نوازش کان شرمسار آهيان.

خزان رسيده دلِ زار ۾ اچي ويٺين،

تون آهين جانِ بهار ۽ مان خود بهار آهيان.

ڀلا ٻڌاءِ ته مون کان سواءِ ڪيئن سرندئي،

تون آهين منهنجو سڄڻ ۽ مان تنهنجو يار آهيان.

اجل به آيو ته آيو شبِ فراق اي دل!

تهه مِزار به مضطر ۽ بيقرار آهيان.

پري پري وڃي پهتو سڄڻ فسانئه عِشق،

خطا معاف! سراپا ٿيو اشتهار آهيان.

نه ٿو وساري سگهان ۽ نه توکي ساري سگهان،

يقين اٿم ته اي شبير يادِ يار آهيان.

***************************************************

قطعا

آخري عرض آخري ڀيرو،

ڪر ڪو ڀوريءَ مٿان اچي ڀيرو،

زندگي جو ته سج لهي ويندو،

تون نه آئين سڄڻ جي هي ڀيرو!

*************************

مون کي سڙڻ ڏجو، سورن جي باهه ۾ جي سڙان،

مگر متان پڇو، هي ڪنهن جي ٻاريل آهي،

مران ته منهنجي قبر تي بس ايترو لکجو،

هي يار پنهنجي پيارن جو ماريل آهي.

***************************************************

رباعيون

مون صبحِ بهاران سندو اُڀرڻ به ڏٺو،

امرت سان ڀريل جام جو ڇلڪڻ به ڏٺو،

تارن جو کڙڻ، وڄ جو کِنوڻ، گُلَ جو ٽڙڻ،

مون تنهنجو قسم تنهنجو مُرڪڻ به ڏٺو.

*************************

جهڙا تهڙا به ته تنهنجا آهيون،

ايڏو بيزار نه ٿي منهنجا ڌڻي،

يا ته پنهنجن تي رکج پيار جا هٿ،

يا ته هٿ سان ئي وري مار کڻي.

***************************************************

غزل

ڀلي اسان سان هلي ناز بي نيازانه،

اسان جو رهندو تعلق نيازمندانه.

زماني ڪيڏو سندم بي ڪسيءَ جو ساٿ ڏنو،

ستم ستم جو توجهه رهيو ڪريمانه.

مون کي به پنهنجي قريبن ۾ ڇو نٿا ڳڻيو،

اوهان جي حسنِ جفا کان نه آهيان بيگانه.

اسين ازل کان اوهان جا نيازمند آهيون،

اوهين ئي ڪڏهن کان رهو ٿا بيگانه.

صبا ٿي ساغرَ گل مان پيئي مئيِ نگهت،

شجر شجر ۾ ٿا ڏسجن هزار ميخانه.


 

سائين شبير هاتف

احمد سولنگي

اوهان کي ڄم جي ڏينهن جون انيڪ واڌايون. يقينن اوهان جو جنم جتي اوهان جي پريوار لاءِ ڀاڳوند ۽ اتم آھي، اتي قديم ۽ جديد سنگم واري سنڌي شاعري اوهان جي روپ، سروپ آڌار پنهنجا پراڻ کڻي رهي آھي.

خبر نه آھ ته هاتف ڪٿي وڃايوسين

سندس ڪلام جي رنگينين کي ساريون ٿا

غزل جي جان هو جن جو جمالِ هوشربا

انهن حسين پري زادين کي ساريون ٿا

اوهان جي شاعراڻي تعارف کي ٽکڙ جي يڪتا شاعرن سان ڳنڍي به اوهان جي ڪوتاڪاريءَ جي يڪتائي کي گهڻ کان الڳ به ڪري سگهجي ٿو، اوهان جديديت ۽ تخليقيت واري دؤر ۾ روايتي شاعريءَ جي لڄ رکي به جديديت جي اهڃاڻن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ نمايان رکيو آھي. اوهان جو سنڌي غزل تغزل جو ضمانتي رهيو آھي.

١٩٦٩ ۾ مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته: سنڌي ادب ۾ جي نوجوان شاعر ذوقِ جماليات جي ترجماني ڪن ٿا ۽ جن جي شاعري خالص عشقيه چئي وڃي ٿي، تن ۾ شبير هاتف هڪ منفرد مقام حاصل ڪري چڪو آھي. سندس غزل تغزل، فني لحاظ سان پنهنجي معاصر نوجوان شاعرن ۾ بلندي تي پهتل آھي.

آڳاٽي سنڌي غزل جي شاعرِ شھنشاھ سائين مخدوم محمد زمان صاحب ١٩٩٠ ڌاري لکي ٿو ته شبير علي شاھ صاحب هاتف ٽکڙائي کي سندس خانداني ورثي ۾ شاعري ملي آھي. پاڻ گهڻو ته ڪو نه لکيو اٿس تاهم جيڪي به لکيو اٿس (شاعري) اها بهترين لکت آھي. ان ۾ به ڪو شڪ نه آھي ته هاتف صاحب منهنجي پسند جو شاعر آھي ۽ هي به يقين اٿم ته ٻين شاعرن کي به سندس ڪلام ايترو وڻندو جيترو مون کي وڻي ٿو.هاتف صاحب جي شاعريءَ ۾ شاعريءَ جون تقريبن سڀئي خوبيون موجود آھن جيڪي ڪنهن به پختي شاعر جي ڪلام ۾ ھئڻ گهرجن. آئون هاتف صاحب جي ڪلام تي بلا خوشامد داد ۽ تحسين ڏيان ٿو.

غمِ جانان، غمِ جهان، غمِ دل

پنهنجي دنيا ته آھ غم ئي غم

حسن کي بيقرار ڪير ڪري

عشق کي داغدار ڪيرڪري

منهنجو گل رُو سدا شگفته آھي

انتظارِ بهار ڪير ڪري

پاڻ وٽ جهوپڙي به ڪانهي ڪا

فڪرِ برق و شرار ڪير ڪري

جيڪو ٻرندو، سو ڪنجهندو هاتف

آه تي اختيار ڪير ڪري

غمِ فراق صنم نغمه بار ٿي نه سگهيو

انهيءَ ڪري هي غزل شھڪار ٿي نه سگهيو

جهانِ عشق ۾ شبير! مون ڏٺو اڪثر

جو بيقرار ٿيو، باقرار ٿي نه سگهيو

حسن وارن ۾ اسان جي حوصلن جي هاڪ آھي

قتلگاهِ عشق ۾ ٿينداسيون قربان عنقريب

شبِ فرقت ۾ ياد جو عالم

چشمِ گريان ۾ ٿا ٻرن قنديل

امداد حسيني لکي ٿو ته: غزل شبير جي پسنديده صنف آھي. هن گهڻو ڪري غزل ئي چيو آھي، سندس رباعين ۽ قطعن ۾ به تغزل جو رنگ نمايان آھي. زمين، بندش، ترڪيب، تشبيھ استعاري.... جي جيڪا پختگي شبير وٽ آھي سا ڪنهن به استاد جي مرهونِ منت نه آھي. ڇاڪاڻ ته مان ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته، پنهنجي وقت جي استاد شاعرن کان، عروض جي ڄاڻ، شبير وٽ ڪجھ وڌيڪ ئي آھي. عروض تي اها دسترس کيس پنهنجي ڏاڏي کان ورثي ۾ ملي آھي.

سراغِ منزلِ هستي رموزِ عشق ۾ ملندو

خرد وارن کي ڪهڙي خبر حق و باطل جي خبر پوندي

ڪلين جئن هئا جي تبسم تبسم

گلن وانگي افسرده افسرده آھن

خزان وانگي جن ڪيئي گلشن اجاڙيا

اڃا تائين پائنده پائنده آھن

ڪانگن جي ڪانءِ ڪانءِ ۾ ڪوئل نه ڪوڪندي

چٻرن جي هوندي باغ ۾ چيها نه چھڪندا

آداب گلستان ۾ هي ترميم ڪئي اٿئون

بلبل نه ٿيندي نغمه سرا گل نه مُرڪندا

تون لڪڻ ساڻ ڪو لڪي سگهندين

منهنجا محبوب سائين موچارا

رخ تان لاهي نقاب زلفن جو

سجَ کي سُپ ڏئي ڍڪڻ وارا

نگاهِ مست هر ڪنهن ڏي نه ڪر

ڪرم کي ايڏي ارزاني نه ڏي

ڪٿي زاهد ڪٿي صهبائي ناب

ڪتي کي ڪڻڪ جي ماني ڏي

پٺ ڏني تِن کي زماني

جن جي پٺيان هو زمانو.

بنھ سادڙن لفظن ۾ اوهان مفهوم جو نئون رخ کولي رکيو آھي، جيڪو مختلف ۽ منفرد آھي

هاءِ ڙي سُپنو سُهانو!!

سائين ڇا ته سٽ جي نرملتا جو حسن آھي.

پل جو ميلو پوءِ وڇوڙو

ايترو پنهنجو فسانو

هي غزل جو مصرو پنهنجي هڪ وشالتا رکي ٿو، پل جي پنهنجائپ وڇوڙي ڪارڻ فساني جو سبب بڻجي وڃي ٿي. جنهن جو مڪمل مفهوم ”فسانو“ ڪافيي کان سواءِ مڪمل نه ٿي سگهي ها.

وصل ۽ فراق جو هن غزل جي مصري ۾ بيمثال استعمال ٿيل آھي.

ڄمار ۽ ضعيف پڻي سبب جيڪڏهن هٿن ۾ قوت نه رهي، جسم جي طاقت ۽ ياداشت موڪلائي وڃي، تڏهن به اک جي ماڻڪي ۽ دل جي ڌڙڪن پنهنجو ڪم ڪندي رهندي آھي. واقعي سائين شبير! ڪنهن به پل ڪنهن به پريت تي پيريءَ جو پاڇو پوڻو نه آھي

عمر سان بيشڪ ضعيفي،

پيار پر تازو، توانو!

چنڊ تارن ۾ ڇو ڳولهيون

دل ۾ جنهن جو آستانو

نفاست سان ڀرپور هڪ سچو مصرو.

هِت مسلسل انتظاري

هُت بهانن تي بهانو

غزل جو اصل روح ۽ فنڪارانه استعمال

ڪيئن بچي ٿو آشيانو

مفهوم جي حوالي ۾ شاھ سِٽ.

مقطع جو جواب نه آھي.

اڄ ته هاتف ساڻ ملجي

هُن کي ڏسندي ٿيو زمانو

سائين شبير سچ ۽ ايمانداري اها آھي. ته اوهان جي لکيل سِٽ سدائين سچي ۽ دل جي ڌڙڪن جي ويجهو محسوس ٿيندي آھي. مصنوعيت اوهان جي شاعري کان ڪوهين پري آھي. اوهان واقعي فطرتي شاعر آھيو. اسان کي فخر آھي ته اسان اوهان جي ڇانوَ ۾ موجود آھيون ۽ اوهان کان گهڻو سکڻ به گهرو ٿا. اوهان منهنجا دل گُهريا ۽ پسند جا شاعر آھيو!

اڄ اوهان جي سالگرھ جو ڏهاڙو آھي، شال اوهان تندرستيءَ سان خوشحال ۽ شاداب زندگيءَ جا سڀئي پل ماڻيو ۽ سنڌي شاعريءَ جي هن نئين تخليقي دؤر ۾ پنهنجي ڪوتا جو اصلوڪو پڻ ارپي سنڌي شاعريءَ جو دامن معطر ڪندا رهو!

سائين شبير هاتف!

اوهان کي سالگرھ جون لک واڌايون

 

(احمد سولنگيءَ جي فيسبڪ پوسٽ ۴ اپريل ۲۰۲۰ع تان رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا