; سنڌي شخصيتون: رفيق آس لغاري

10 April, 2024

رفيق آس لغاري

رفيق آس لغاري

تذڪره شعراءِ ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر، نقاد، شاهه لطيف جي شاعري پارکو، بهترين سگهڙ، موسيقار، راڳي رفيق آس لغاري ۱ فيبروري ۱۹۵۸ع تي ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ بجر خان لغاري ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي پير بخش لغاري آهي. 


ابتدائي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار مان مڊل جي تعليم وٺي، ۱۹۷۴ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۸۰ع ۾ انٽر، ۱۹۸۲ع ۾ گريجوئيشن ۽ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي سنڌي ۾ ڪيائين. ۳۱ جنوري ۲۰۱۸ع تي لائيو اسٽاڪ ۽ اينيمل هسبينڊري کاتي مان سٺ سال پورا ڪري سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتائين. رفيق آس لغاري لکڻ جي شروعات ۱۹۸۴ع کان ڪئي. سندس ادبي استاد سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ شاعر نظير ٽکڙائي آهي. غزل، وائي، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، ڪافي، بيت، ٽيڙو، چوسٽي سميت شاعري جي تقريبن سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ان کان علاوه ڪجهه مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون اٿس، ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر موجود ۽ مرحوم، شاهه لطيف جي شاعري جي پارکن ۽ سگهڙن تي تحقيق ڪري هڪ بهترين ۽ جامع تحقيقي مقالو پڻ لکيائين. رفيق آس لغاري علمي، ادبي سرگرمين ۾ هر وقت سرگرم نظر ايندو آهي. نج سنڌي روايتن جو امين هي شخص هر وقت سرگرم رهڻ ۽ دوستن سان سچائي جي بنياد تي دوستيون نڀائڻ بخوبي ڄاڻي ٿو، ان بنياد تي اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا طور قيد و بند جو صعوبتون به برداشت ڪيائين ۽ ڪيترو ئي عرصو ديوارن جي دنيا پويان گذاريائين. هو شاهه لطيف جي فڪري پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ نج ادبي ۽ فڪري مورچي ”لاٽ"، ادبي تنظيم "ڏات ڏيپ مارڪو"، "شاهه لطيف سنگيت ڪلب" جو سرواڻ، مهراڻ ادبي سٿ، سنڌ جو مرڪزي صدر، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سرگرم رُڪن، شاخ جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ ڪائونسلر رهي چڪو آهي، ۲۰۱۲ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ ۲ جون ۲۰۱۳ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. جنهن بعد ٻيهر ۶ جون ۲۰۱۴ع تي س ا س شاخ ٽنڊي محمد خان جو ڪائونسلر منتخب ٿيو. ۱۵ جون ۲۰۱۴ع تي مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو، جون ۲۰۱۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. بزم ادب جيلاني جو مرڪزي صدر پڻ رهيو. ۲۰۱۶ ع ۽ ۲۰۱۷ ع ۾ س.ا.س شاخ ٽنڊي محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهيو. ۱۱ جنوري ۲۰۱۹ع ۾ ٻيهر بنا مقابلي شاخ جو ڪائونسلر چونڊيو. ۲۰۱۹ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو. وري ۲۴ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي س.ا.س شاخ ٽنڊي محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو بنامقابلي ميمبر چونڊيو ويو. ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڊسمبر ۲۰۲۲ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو بنامقابلي سيڪريٽري چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي هن وقت تائين ڪم ڪري رهيو آهي. شاعري سان سندس لاڳاپو ائين آهي، جيئن چڪور جو چنڊ سان. راڳ جي دنيا سان سندس نينهن محبوب مثل آهي. موسيقي سان محبت سندس وار وار ۾ واسيل آهي. ادب جي دنيا ۾ سندس محبوب مشغلو لطيفيات آهي. شاهه لطيف جي شاعري سان لڳاءَ سندس هر شوق کان مٿانهون آهي. هو پاڻ نه رڳو شاهه لطيف جي شاعري جو پارکو آهي پر لاڙ پٽ توڙي سنڌ ۾ شاهه لطيف جي شاعري جي پارکن تي سندس گهري نظر آهي ته انهن سان رفاقت جي رسيءّ کي مضبوط ڳنڍيون به ڏنل آهن. رفيق آس لغاري، سيد صالح محمد شاهه کانپوء ٻيو شخص آھن، جيڪو شاه لطيف جي ڪلام کي غلام محمد شاھواڻي جي رسالي جي ترتيب مطابق تحت الفظ ۾ رڪارڊ ڪرائي چڪو آھي، جنھن ۾ رفيق آس لغاري جي آواز ۾ تحت لفظ سان گڏ بيت جي لکت پڻ موجود آهي. سندس من ۾ سنڌي شاعري جي حوالي سان علم عروض جو بي بها خزانو سمايل آهي. جنهن مان شاعري جا پياسا ڪيترائي من فيضياب ٿيندا رهن ٿا. سنڌي ٻولي جو پڪو پُختو شاعر هئڻ سان گڏ تنقيد جي مثبت ڪاتيءَ جو وارث پڻ آهي. سندس تنقيد جي ڪاتيءَ بنا ڪنهن رک رکان جي اصلاح جا موتيءَ ڇاڻيندي رهندي آهي. سندس شاعري جو ضخيم مواد اڻڇپيل صۡورت ۾ موجود آهي.

سندس چونڊ ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

ڪافي

اک اک سان لڳڻ، خود کي ڀُلجي وڃڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

ٻانهن لوڏي پرين، مور وانگي هلڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

هن هوائن منجهان راڳ سارنگ ڇڙيا،

وار رخسار تي پوپٽن جيئن مڙيا،

تنهنجي ٽهڪن منجهان جام ڇُلڪي پوڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

چَپ تنهنجا سدا گُل ڪنول ٿا لڳن،

نيڻ تنهنجا پرين ڄڻ غزل ٿا لڳن،

ڏند موتي مثل يا ته ڏاڙهون جي ڪڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

تون هلين ٿو زمانا ٿا رُڪجي وڃن،

اَپسرائن جون پيشانيون جهُڪجي وڃن،

تو لئه وک وک تي پوڄا جا منظر ٺهڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

تنهنجي تعريف ۾ مان قصيدا لِکان،

سُونهن تنهنجي مٿان ڇا لِکي ڇا لِکان،

تنهنجي صُورت اڳيان سِٽ سِٽ جو ڊهڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

آ لِکڻ کان مٿي سُونهن تنهنجي صنم،

ڪيئي قاصر ٿيا ڪاتبن جا قلم،

لفظ وسري ويا ڪاغذن تي لِکڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

“آس” اوريو اڃان حالِ دل جنهن گهڙي،

باک ويئي ڦُٽي رات ٿي بي وڙي،

ڳالهه اڌ ۾ ڇڏڻ، سرد آهون ڀرڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

************************************************

وائي

سهسين سج ويا،

نياپا ڪنهن نه نيا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

ڏُور دنيا کان صحرا صحرا،

پنهنجا ٿاڪ ٿيا.

اونداهين جي اوٽ ۾.

ڪنهن ته پَرائي گهر جي دريءَ مان،

پاتا پئي ٿي ليئا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

سمنڊ ڪناري وڻجاريون ٿيون،

ٻارين روز ڏيئا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

ڪونه پُڇين ڪيئن منهنجا ساجن،

گُذرن ڏينهن پيا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

“آس” پُڄاڻان يادن جا مون،

سارا زخم سيئا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

************************************************

غزل

تنهنجو ته مُک لڳي ٿو مون کي ڪتاب وانگي،

هر روز ٿو پڙهان مان قرآن جي باب وانگي.

منهنجو ته عشق ارڏو دنيا گناهه سمجهي،

پر روزِ آخرت ۾ ڳڻبو ثواب وانگي.

تنهنجي ته هر ادا تي نظرون سوال بڻيون،

تو جيئن نهاريو مُرڪي مون ڏي جواب وانگي.

هر روز تنهنجي در تي گهاريان گداگرن جيئن،

پر پيار تنهنجو ساجن آ ڪنهن نواب وانگي.

ساقي ڀري پيارج تنهنجي ته هٿ ڇُهڻ سان،

پاڪيزه ٿيندا پئمان زم زم جي آب وانگي.

مون ذڪرِ پاڪ تنهنجو ڇيڙيو جو ڌڙڪنن سان،

توکي پئي اُچاريو رڳ رڳ رباب وانگي.

هن آس سان سلهاڙيل هڪ “آس” آ اڃان ڀي،

توکي مان شال ماڻيان ڪنهن انقلاب وانگي.

************************************************

آزاد نظم

وري ڪو شهر ۾ هُل ٿيو،

وري قلمن ۾ جُنبش ٿي،

وري آزاد سنڌوءَ لئه،

شهادت نوش فرمائي،

قلندر رقص ۾ آهن،

اناالحق جو هڻي نعرو،

چڙهي پيو عشق سُولي تي،

اڙي فتوى جا صاحبو!

دلين جا راز ڇا ڄاڻو،

صدين کان سنڌ جا والي،

دراوڙ درد ۾ آهن،

جَني لئه ڏُک جي ڏائڻ،

ڏيهاڙي دڳ تاڙي ٿي،

جَني جا ڳوٺ به گهايل،

ملهائين روز ٿا ماتم،

جمالا ڪين ٿا ڳائين،

انهن خوشين جي اڱڻن تي،

رڳو نُوحا پيا ٻڌجن،

جَني جي درد ۾ شامل،

بهارون سوڳ ۾ آهن،

چپن جا ٽهڪ اُڏري ويا،

ڪٿي همدرديون ڳولين،

رڳو نفرت جي چڪين ۾،

جَني جا پيار پيا پسجن،

اُٿو اي ديس جا وارث!

ڪا بخشي ڏات قلمن کي،

وري منصور جاڳايون،

وري سُولين کي سينگاريون،

نوان هوشو ڪي همٿايون،

وري مياڻين کي مهڪايون،

وري مياڻين کي مهڪايون.





رفيق آس لغاري

(۱ فيبروري تي جنم ڏڻ مبارڪ)

اعظم ڀٽي

سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر، نقاد، شاھ لطيف جي پارکو، بهترين سگهڙ، موسيقار، راڳي، دلربا دوست سائين رفيق آس لغاري ۱ فيبروري ۱۹۵۸ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ بجر خان لغاري ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي پير بخش لغاري آهي. ابتدائي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار مان مڊل جي تعليم وٺي، ۱۹۷۴ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۸۰ع ۾ انٽر، ۱۹۸۲ع ۾ گريجوئيشن ۽ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي سنڌي ۾ پاس ڪيائين. ۳۱ جنوري ۲۰۱۸ع تي لائيو اسٽاڪ ۽ اينيمل هسبينڊري کاتي مان سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتائين.

رفيق آس لغاري سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ شاعر، نقاد، موسيقار، راڳي ۽ شاھ لطيف جو پارکو آهي. هن لکڻ جي شروعات ۱۹۸۴ع کان ڪئي. سندس ادبي استاد سنڌ جو ڀلوڙ شاعر نظير ٽکڙائي آهي. غزل، وائي، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، ڪافي، بيت، ٽيڙو، چوسٽي سميت شاعري جي تقريبن سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ان کان علاوه ڪجھ مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون اٿس، ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر موجود ۽ مرحوم شاھ لطيف جي شاعري جي پارکن ۽ سگهڙن تي تحقيق ڪري هڪ بهترين ۽ جامع تحقيقي مقالو پڻ لکيائين.

رفيق آس لغاري علمي، ادبي سرگرمين ۾ هر وقت سرگرم نظر ايندو آهي. نج سنڌي روايتن جو امين هي شخص هر وقت سرگرم رهڻ ۽ دوستن سان سچائي جي بنياد تي دوستيون نڀائڻ بخوبي ڄاڻي ٿو، ان بنياد تي اڻ ڪيل ڏوھ جي سزا طور قيد و بند جو صعوبتون به برداشت ڪيائين ۽ ڪيترو ئي عرصو ديوارن جي دنيا پويان گذاريائين. هو لطيف جي فڪري پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ نج ادبي ۽ فڪري مورچي ”لاٽ“، ادبي تنظيم ڏات ڏيپ مارڪو، شاھ لطيف سنگيت ڪلب جو سرواڻ، مهراڻ ادبي سٿ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سرگرم رُڪن ۽ موجوده وقت ۾ شاخ جو ڪائونسلر آهي، ۲۰۱۲ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ ۲ جون ۲۰۱۳ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. جنهن بعد ٻيهر ۶ جون ۲۰۱۴ع تي ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر منتخب ٿيو. ۱۵ جون ۲۰۱۴ع تي مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو، جون ۲۰۱۵ع ۾ ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. بزم ادب جيلاني جو مرڪزي صدر پڻ رهيو، ۲۰۱۶ع ۽ ۲۰۱۷ع ۾ ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهيو، ۱۱ جنوري ۲۰۱۹ع ۾ ٻيهر بنا مقابلي شاخ جو ڪائونسلر چونڊيو، ۲۰۱۹ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو، وري ۲۴ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو بنامقابلي ميمبر چونڊيو ويو، ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.

شاعري سان سندس لاڳاپو ائين آهي، جيئن چڪور جو چنڊ سان. راڳ جي دنيا سان سندس نينهن محبوب مثل آهي. موسيقي سان محبت سندس وار وار ۾ واسيل آهي. ادب جي دنيا ۾ سندس محبوب مشغلو لطيفيات آهي. مُرشد لطيف جي شاعري سان لڳاءَ سندس هر شوق کان مٿانهون آهي. هو پاڻ نه رڳو لطيف جي شاعري جو پارکو آهي پر لاڙ پٽ توڙي سنڌ ۾ لطيف جي شاعري جي پارکن تي سندس گهري نظر آهي ته انهن سان رفاقت جي رسيءّ کي مضبوط ڳنڍيون به ڏنل آهن، شاھ لطيف جي شاعري ۾ ساٺ ۽ سنوڻ واري موضوع تي تحقيق پڻ ڪري رهيو آهي، سندس من ۾ سنڌي شاعري جي حوالي سان علم عروض جو بي بها خزانو سمايل آهي. جنهن مان شاعري جا پياسا ڪيترا ئي من فيضياب ٿيندا رهن ٿا.

سنڌي ٻولي جو پڪو پُختو شاعر هئڻ سان گڏ تنقيد جي مثبت ڪاتيءَ جو وارث پڻ آهي. سندس تنقيد جي ڪاتيءَ بنا ڪنهن رک رکان جي اصلاح جا موتيءَ ڇاڻيندي رهندي آهي.

سندس شاعري جو مجموعو پڻ ڇپائي جي تيارين ۾ آهي.

شال سنڌي ٻولي جو هي ڇٽيھ لکڻو تخليقڪار، سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي محبتن جا گلاب ورهائيندو رهي.

 

(اعظم ڀٽيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)




رفيق آس لغاري

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي

سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر، نقاد، شاهه لطيف جي شاعري پارکو، بهترين سگهڙ، موسيقار، راڳي رفيق آس لغاري ۱ فيبروري ۱۹۵۸ع تي ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ بجر خان لغاري ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي پير بخش لغاري آهي.

ابتدائي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار مان مڊل جي تعليم وٺي، ۱۹۷۴ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۸۰ع ۾ انٽر، ۱۹۸۲ع ۾ گريجوئيشن ۽ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي سنڌي ۾ ڪيائين. ۳۱ جنوري ۲۰۱۸ع تي لائيو اسٽاڪ ۽ اينيمل هسبينڊري کاتي مان سٺ سال پورا ڪري سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتائين. رفيق آس لغاري لکڻ جي شروعات ۱۹۸۴ع کان ڪئي. سندس ادبي استاد سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ شاعر نظير ٽکڙائي آهي. غزل، وائي، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، ڪافي، بيت، ٽيڙو، چوسٽي سميت شاعري جي تقريبن سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ان کان علاوه ڪجهه مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون اٿس، ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر موجود ۽ مرحوم، شاهه لطيف جي شاعري جي پارکن ۽ سگهڙن تي تحقيق ڪري هڪ بهترين ۽ جامع تحقيقي مقالو پڻ لکيائين. رفيق آس لغاري علمي، ادبي سرگرمين ۾ هر وقت سرگرم نظر ايندو آهي. نج سنڌي روايتن جو امين هي شخص هر وقت سرگرم رهڻ ۽ دوستن سان سچائي جي بنياد تي دوستيون نڀائڻ بخوبي ڄاڻي ٿو، ان بنياد تي اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا طور قيد و بند جو صعوبتون به برداشت ڪيائين ۽ ڪيترو ئي عرصو ديوارن جي دنيا پويان گذاريائين. هو شاهه لطيف جي فڪري پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ نج ادبي ۽ فڪري مورچي ”لاٽ"، ادبي تنظيم "ڏات ڏيپ مارڪو"، "شاهه لطيف سنگيت ڪلب" جو سرواڻ، مهراڻ ادبي سٿ، سنڌ جو مرڪزي صدر، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سرگرم رُڪن، شاخ جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ ڪائونسلر رهي چڪو آهي، ۲۰۱۲ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ ۲ جون ۲۰۱۳ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. جنهن بعد ٻيهر ۶ جون ۲۰۱۴ع تي س.ا.س شاخ ٽنڊي محمد خان جو ڪائونسلر منتخب ٿيو. ۱۵ جون ۲۰۱۴ع تي مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو، جون ۲۰۱۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. بزم ادب جيلاني جو مرڪزي صدر پڻ رهيو. ۲۰۱۶ ع ۽ ۲۰۱۷ ع ۾ س.ا.س شاخ ٽنڊي محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهيو. ۱۱ جنوري ۲۰۱۹ع ۾ ٻيهر بنا مقابلي شاخ جو ڪائونسلر چونڊيو. ۲۰۱۹ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو. وري ۲۴ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي س.ا.س شاخ ٽنڊي محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو بنامقابلي ميمبر چونڊيو ويو. ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڊسمبر ۲۰۲۲ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو بنامقابلي سيڪريٽري چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي هن وقت تائين ڪم ڪري رهيو آهي. شاعري سان سندس لاڳاپو ائين آهي، جيئن چڪور جو چنڊ سان. راڳ جي دنيا سان سندس نينهن محبوب مثل آهي. موسيقي سان محبت سندس وار وار ۾ واسيل آهي. ادب جي دنيا ۾ سندس محبوب مشغلو لطيفيات آهي. شاهه لطيف جي شاعري سان لڳاءَ سندس هر شوق کان مٿانهون آهي. هو پاڻ نه رڳو شاهه لطيف جي شاعري جو پارکو آهي پر لاڙ پٽ توڙي سنڌ ۾ شاهه لطيف جي شاعري جي پارکن تي سندس گهري نظر آهي ته انهن سان رفاقت جي رسيءّ کي مضبوط ڳنڍيون به ڏنل آهن. رفيق آس لغاري، سيد صالح محمد شاهه کانپوء ٻيو شخص آھن،جيڪو شاه لطيف جي ڪلام کي غلام محمد شاھواڻي جي رسالي جي ترتيب مطابق تحت الفظ ۾ رڪارڊ ڪرائي چڪو آھي، جنھن ۾ رفيق آس لغاري جي آواز ۾ تحت لفظ سان گڏ بيت جي لکت پڻ موجود آهي. سندس من ۾ سنڌي شاعري جي حوالي سان علم عروض جو بي بها خزانو سمايل آهي. جنهن مان شاعري جا پياسا ڪيترائي من فيضياب ٿيندا رهن ٿا. سنڌي ٻولي جو پڪو پُختو شاعر هئڻ سان گڏ تنقيد جي مثبت ڪاتيءَ جو وارث پڻ آهي. سندس تنقيد جي ڪاتيءَ بنا ڪنهن رک رکان جي اصلاح جا موتيءَ ڇاڻيندي رهندي آهي. سندس شاعري جو ضخيم مواد اڻڇپيل صۡورت ۾ موجود آهي.

سندس چونڊ ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

ڪافي

اک اک سان لڳڻ، خود کي ڀُلجي وڃڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

ٻانهن لوڏي پرين، مور وانگي هلڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

هن هوائن منجهان راڳ سارنگ ڇڙيا،

وار رخسار تي پوپٽن جيئن مڙيا،

تنهنجي ٽهڪن منجهان جام ڇُلڪي پوڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

چَپ تنهنجا سدا گُل ڪنول ٿا لڳن،

نيڻ تنهنجا پرين ڄڻ غزل ٿا لڳن،

ڏند موتي مثل يا ته ڏاڙهون جي ڪڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

تون هلين ٿو زمانا ٿا رُڪجي وڃن،

اَپسرائن جون پيشانيون جهُڪجي وڃن،

تو لئه وک وک تي پوڄا جا منظر ٺهڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

تنهنجي تعريف ۾ مان قصيدا لِکان،

سُونهن تنهنجي مٿان ڇا لِکي ڇا لِکان،

تنهنجي صُورت اڳيان سِٽ سِٽ جو ڊهڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

آ لِکڻ کان مٿي سُونهن تنهنجي صنم،

ڪيئي قاصر ٿيا ڪاتبن جا قلم،

لفظ وسري ويا ڪاغذن تي لِکڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

“آس” اوريو اڃان حالِ دل جنهن گهڙي،

باک ويئي ڦُٽي رات ٿي بي وڙي،

ڳالهه اڌ ۾ ڇڏڻ، سرد آهون ڀرڻ،

يار ايڏو نه وڻ، يار ايڏو نه وڻ.

************************************************

وائي

سهسين سج ويا،

نياپا ڪنهن نه نيا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

ڏُور دنيا کان صحرا صحرا،

پنهنجا ٿاڪ ٿيا.

اونداهين جي اوٽ ۾.

ڪنهن ته پَرائي گهر جي دريءَ مان،

پاتا پئي ٿي ليئا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

سمنڊ ڪناري وڻجاريون ٿيون،

ٻارين روز ڏيئا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

ڪونه پُڇين ڪيئن منهنجا ساجن،

گُذرن ڏينهن پيا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

“آس” پُڄاڻان يادن جا مون،

سارا زخم سيئا،

اونداهين جي اوٽ ۾.

************************************************

غزل

تنهنجو ته مُک لڳي ٿو مون کي ڪتاب وانگي،

هر روز ٿو پڙهان مان قرآن جي باب وانگي.

منهنجو ته عشق ارڏو دنيا گناهه سمجهي،

پر روزِ آخرت ۾ ڳڻبو ثواب وانگي.

تنهنجي ته هر ادا تي نظرون سوال بڻيون،

تو جيئن نهاريو مُرڪي مون ڏي جواب وانگي.

هر روز تنهنجي در تي گهاريان گداگرن جيئن،

پر پيار تنهنجو ساجن آ ڪنهن نواب وانگي.

ساقي ڀري پيارج تنهنجي ته هٿ ڇُهڻ سان،

پاڪيزه ٿيندا پئمان زم زم جي آب وانگي.

مون ذڪرِ پاڪ تنهنجو ڇيڙيو جو ڌڙڪنن سان،

توکي پئي اُچاريو رڳ رڳ رباب وانگي.

هن آس سان سلهاڙيل هڪ “آس” آ اڃان ڀي،

توکي مان شال ماڻيان ڪنهن انقلاب وانگي.

************************************************

آزاد نظم

وري ڪو شهر ۾ هُل ٿيو،

وري قلمن ۾ جُنبش ٿي،

وري آزاد سنڌوءَ لئه،

شهادت نوش فرمائي،

قلندر رقص ۾ آهن،

اناالحق جو هڻي نعرو،

چڙهي پيو عشق سُولي تي،

اڙي فتوى جا صاحبو!

دلين جا راز ڇا ڄاڻو،

صدين کان سنڌ جا والي،

دراوڙ درد ۾ آهن،

جَني لئه ڏُک جي ڏائڻ،

ڏيهاڙي دڳ تاڙي ٿي،

جَني جا ڳوٺ به گهايل،

ملهائين روز ٿا ماتم،

جمالا ڪين ٿا ڳائين،

انهن خوشين جي اڱڻن تي،

رڳو نُوحا پيا ٻڌجن،

جَني جي درد ۾ شامل،

بهارون سوڳ ۾ آهن،

چپن جا ٽهڪ اُڏري ويا،

ڪٿي همدرديون ڳولين،

رڳو نفرت جي چڪين ۾،

جَني جا پيار پيا پسجن،

اُٿو اي ديس جا وارث!

ڪا بخشي ڏات قلمن کي،

وري منصور جاڳايون،

وري سُولين کي سينگاريون،

نوان هوشو ڪي همٿايون،

وري مياڻين کي مهڪايون،

وري مياڻين کي مهڪايون.

No comments:

راءِ ڏيندا