; سنڌي شخصيتون: آشا درگاپوري

13 April, 2024

آشا درگاپوري

آشا درگاپوري

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



آشا درگاپوري، سنڌي ٻولي جو ناميارو اديب، دانشور ۽ شاعر ٿي گذريو، سندس اصل نالو بولچند تيرٿداس نارواڻيءَ هو. سندس ادبي نالو آشا درگاپوري هو. هن ۱۰ ڊسمبر ۱۹۲۸ع تي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ جنم ورتو. هۡن جو ٻالڪپڻ ۽ ڦۡوهه جواني جو شروعاتي عرصو ٽنڊي محمد خان شهر ۾ گذريو. ايم اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي جي وڍ سبب انڊيا لڏي ويو، جتي راجا پارڪ، سنڌي ڪالوني، فتح ٽيبا، ان بعد جئپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هو هند ۽ سنڌ جي ناميارن اديبن ۾ پنهنجو علمي ۽ ادبي ڌاڪو ڄمائي ويو.


سندس ڇپيل ڪتابن ۾ لهرون (۱۹۶۲ع)، سنڌي ادبي گلدستو (۱۹۶۳ع) ۽ شاهه جي شاعري (۱۹۶۵ع) شامل آهن. پاڻ سۡٺو شاعر به هو، شاعري به ڪيائين. ڪافيون، غزل سرجيائين، ٻين به ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. آل انڊيا ريڊيو جي علمي ۽ ادبي پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. ۱۹۹۲ع ۾ چوهٺ سالن جي ڄمار ۾ انڊيا جي جئپور واري علائقي ۾ ديهانت ڪري ويو. (ا.ڀ)

آشا درگاپوري جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

ڪافي

آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي؟ واڳون تنهنجي وَس!

ڍڪج ڍول ڍليءَ کي، ڏس نه ڪارانهن ڪَس ...

ويرن واري آهيان، اچي رانجهن رس ...

ڪُٺل تنهنجي قرب جي، جيئڻ ناهي جس ...

منهنجي هيڻي حال جو، ڏج ڏاتر کي ڏس ...

منهنجي لکيل ليک جي، اچي ميٽج مس ...

************************************************

غزل

ٿيو هوا جو در تي کڙڪو،

سمجهيم ساجن آيو منهنجو!

تاڪ دريءّ جو کولي ويٺو،

گهوريان سڙڪ سۡتل جو مۡنهڙو.

سرديءّ جي هي رات سياٽل،

ويٺي اونڌو منجو ڪري ڇو!?

سۡمهيون روشنيون اکڙيون ٻۡوٽي،

اوندهه جو تن تڙپي ڪيڏو.

رات جو رۡوح سۡور سهلائي،

ناهي اکين ۾ ننڊ جو نالو.

"آشا" دل ته به اوسيئڙي ۾،

عقل چوي ڀل ناهين اچڻو.

*************************************************

غزل

دل جڏهن جلندي ۽ ڪڍندي لاٽ،

ڪيئن ٽڪندي پوء ڪاري ٻاٽ!

چنڊ نڪرڻ لئه نه ترسي ويهه،

هي ستارا ڀي سۡجهائن واٽ!

هي ته آنڌي ناهي، آهي واءۡ،

سمجهي وئين تون ٻۡڌي سۡوساٽ!

جي ندي آهي ئي ڪرڻي پار،

پوء ڇا جا گهيڙ، ڇا گهاٽ!

هيئن جهۡڪبو ڪيستائين نيٺ،

ڇڏ جهۡڪڻ، هل هاڻ اوچي ڳاٽ!

زندگي آهي جئڻ جي لاء،

تون وئين ڀۡلجي جئڻ جي واٽ!

چئو ته اوندهه ڪئن ڪندي گهمراهه،

 دل جڏهن جلندي ۽ ڪڍندي لاٽ!

*************************************************

غزل

نيڻ اۡداس، زبان خاموش،

ڄڻ ڪنهن جادوگر جو ڦند!

سۡلجهيل رات ۽ اۡلجهيل چنڊ،

ڪارو ڪوٽ، اڇو پيوند!

چۡميا جي هلڪي خوشبوء،

رڳ وهاڳ، اڇوتو ڇند!

سواس سواس ۾ ڀڙڪي باهه،

چارڻ! چور ڪا اهڙي تند!

ڏياچ ڪٿي جو ڏي سر دان،

اۡسري چنگ ۾ سورٺ ڇند!

جئري ننگو، مۡئي لباس،

جڳ ائن ڪاروبار پسند!

سيني ۾ سانول جي سار،

لال ڪنول ۾ ڀوءنرو بند!

سينو اۡفق جو خۡون ئي خۡون،

حوصلو شمع جو پوء به بلند!

سحر ڌڪاڻل ڪاري رات،

تنهنجي زلفن ۾ پابند!

No comments:

راءِ ڏيندا